ٻاجهري دل جي مرضن، بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽائڻ ۾ مفيد
محققن جو چوڻ آهي ته ٻاجهريءَ ۾ فائبر يا ريشو گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي ۽ اها پيچيده نشاستي يا ڪاربو هائڊريٽ جي حصول جو هڪ اهم ذريعو آهي. ماهرن ان ڳالهه کي وڏي پئماني تي تسليم ڪيو آهي ته ڇاڻ وارو اٽو کائڻ سان وزن گهٽ ٿئي ٿو. تحقيقي مطالعي موجب ٻاجهري جسم جي مدافعي نظام کي به طاقتور ڪري ٿي ۽ مختلف انفيڪشنن کان بچائي ٿي. ان ۾ موجود فولاد، ميگنيز، ميگنيشيم، فاسفورس، پوٽاشيم، ٽامو، سلينيم ۽ زنڪ جهڙا ڌاتن وارا عنصر جسماني ڪمن ڪارين کي باقاعدگي سان سرانجام ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان جي روزاني استعمال سان جسم ۾ گلوڪوز جي سطح نارمل رهي ٿي. ساڳي طرح ٻاجهر جي ماني کائڻ سان دل کي به فائدو ٿئي ٿو ۽ بلڊ پريشر به قابو ۾ رهي ٿو. ان ۾ موجود فائبر ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ دل جي دوري جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. تحقيق مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ٻاجهر جي ماني کائڻ سان جسم مان فاسد مواد خارج ٿين ٿا، جنهن سان جسم جو خون پڻ صاف رهي ٿو ۽ ڪينسر جهڙي مرضن کان به بچاءُ ملي ٿو.