گرفتاري جي صورت ۾ پ پ جو ڪو به ميمبر منهنجي جاءِ تي اچي سگهي ٿو: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب هٿان منهنجي گرفتاري ٿيڻ جي صورت ۾ پ پ جو ڪوبه ميمبر منهنجي جاءِ تي سنڌ جو وڏو وزير ٿي سگهي ٿو. ڀٽ شاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هو گرفتاري کان نٿو ڊڄي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت فيل ٿي چڪي آهي. وفاق اڃان تائين سنڌ جا 140 ارب رپيا به نه ڏنا آهن. جنهن سبب صوبائي حڪومت مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ڪم روڪي ڇڏيو آهي. ماڪڙ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماڪڙ ايران مان شروع ٿي جنهن بعد اها بلوچستان ۾ تباهي مچائڻ بعد هاڻي سنڌ تي حملو ڪيو آهي ان کي ختم نه ڪيو ويو ته اها زراعت کي تمام گهڻو نقصان رسائيندي. هن چيو ته اسان وٽ هوائي اسپري لاءِ صرف 17 مان هڪ جهاز ئي صحيح حالت ۾ آهي جيڪو ماڪڙ جي حملي کي روڪڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن وقت اسان کي وفاق جي ضرورت آهي.