الطاف حسين جا گرفتاري وارنٽ جاري
دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ايم ڪيو ايم جي 6 ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. هي گرفتاري وارا وارنٽ پاڪ سر زمين پارٽي جي ٽن ميمبرن جي قتل واري ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا آهن. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جا 7 ميمبر جنهن ۾ الطاف حسين به شامل آهي. پاڪ سر زمين پارٽي جي آفيس تي حملي واري ڪيس ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت ملوث آهن. هن حملي ۾ پاڪ سرزمين جا ٻه ڪارڪن قتل ٿي ويا هيا جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا هيا.هن ڪيس ۾ 2018 ۾ 9 مشڪوڪ ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت 7 ڄڻن کي مفرور قرار ڏيندي انهن جا گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. الطاف حسين کان علاوه گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ وارن ملزمن ۾ آصف حسنين، محمد جميل، اسد خان، سليم، جنيد، اويس ۽ بسما شامل آهن.

