سڄي دنيا ۾ ھر سال ڊسمبر جي پھرئين آچر تي سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آهي. ھن ڏھاڙي کي ملھائڻ جو مقصد سنڌ جي ثقافت کي نه صرف بچائڻو آھي، گڏوگڏ ان کي سڄي دنيا تائين سھڻي نموني پهچائڻو آھي.
ھن ڏھاڙي ملھائڻ جي شروعات سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا 2009 کان ان وقت شروع ڪئي جڏھن پاڪستان جي ھڪ غير سنڌي ٽي وي چينل جي ھڪ ميزبان، صدر پاڪستان، آصف علي زرداريءَ جي سنڌي ٽوپي پائڻ تي اعتراض واريو.
سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي ثقافت آھي، جيڪا تمام گھڻن خوبصورت رنگن سان رنڱيل آھي. ھنن رنگن ۾ سنڌي لباس سان گڏ سنڌ جا کاڌا، سنڌ جون ريتون رسمون، سنڌي موسيقي، محبت، امن پسندي، مھمان نوازي ۽ ڀائيچارو وغيره شامل آهن.
جيئن جيئن ڊسمبر جو مھينو ويجھو ايندو آھي، سنڌ واسين ۾ ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ لاءِ جوش ۽ جذبو وڌندو ويندو آھي. سنڌ جو روايتي لباس جنھن ۾ اجرڪ، ٽوپيون، سوسيءَ جو ڪپڙو ۽ سنڌي ڀرت ڀريل ڪپڙا شامل آھن، جو وڪرو عروج تي ھوندو آھي. نه صرف سنڌ ۾، پر پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌي پڻ ھن ڏينھن کي ملھائڻ لاءِ ثقافتي پروگرام جوڙيندا آهن جن ۾ سنڌي کاڌا، سنڌي لباس، سنڌي موسيقي ۽ ريتن رسمن کي اجاڳر ڪيو ويندو آهي. ائين سنڌي ھنرمندن لاءِ پڻ اھو ڏينھن انتھائي اھم ھوندو آھي جو سندن ٺاھيل، ثقافت سان لاڳاپيل دستڪاريون، جيڪي سڄي سال ۾ تمام گھٽ تعداد ۾ وڪرو ٿينديون آھن، ھنن ڏينھن ۾ تمام گھڻي تعداد ۾ وڪامجي وينديون آھن. ننڍن شھرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پڻ ھن حوالي سان پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آھن جن ۾ تقريري مقابلا، ڊراما ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويندا آھن جيڪي صحتمند غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان اھم حيثيت رکن ٿا. سگھڙن جون مچ ڪچهريون جيڪي ڏينھون ڏينھن زوال پذير ٿي رھيون آھن، پڻ ھن ڏھاڙي کي ھڪ ڌار رنگ ۾ رنڱين ٿيون. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت سان جڙيل راندين، جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ملاکڙو، ڏاندن جي گوءِ ۽ ٻيون انيڪ رانديون شامل آھن، جن جو ھن موقعي تي انعقاد ڪري انھن کي زنده رکيو وڃي ٿو.
جتي سڄي دنيا ۾ ھن ڏھاڙي ملھائڻ لاءِ تمام خوبصورت پروگرام رٿيا ويندا آھن، اتي سنڌ جي وڏن شھرن خاص طور حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ھن ڏھاڙي جي مناسبت سان ٿيندڙ ثقافتي سرگرمين ۾ ڪجھ اعتراض جوڳيون حرڪتون پڻ ٿيندي نظر اينديون آھن، جن جو سنڌ جي ثقافت تي منفي اثر پوندو آھي. ھنن عملن ۾ سياسي جھنڊا کڻي قابل اعتراض نعرا ھڻڻ، رستن تي بيٺل يا پارڪ ٿيل گاڏين جي ڇتين تي چڙھي جهمريون ھڻڻ، ھوائي فائرنگ ڪرڻ، لنگھندڙ ٽريفڪ جنھن ۾ ايمبولينس ۽ باھ وسائڻ واريون گاڏيون شامل آھن، کي رستو نه ڏيڻ شامل آھن. جيڪڏھن اسان دنيا کي سنڌ جي مڪمل ۽ حقيقي ثقافت ڏيکارڻ چاھيون ٿا ته ان لاءِ اسان کي سنڌ جو اھو چھرو ڏيکارڻو پوندو جنھن ۾ امن، محبت، مھمان نوازي، رواداري ۽ ڀائيچارو نظر اچي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ثقافت صرف لباس، رقص ۽ موسيقي تائين محدود نه آھي، پر ان ۾مٿي ذڪر ڪيل عمل جن جو تعلق اسان جي روح سان آهي، پڻ شامل آھن.
ھن ڏھاڙي تي اسان کي اھو به وچن ڪرڻو پوندو ته سنڌ مان ذات برادرين جي وچ ۾ ٿيندڙ قبائلي خوني تڪرارن ۽ ڪارو ڪاريءَ جھڙين ڪڌين رسمن کان پري رھي ايندڙ نسلن، خاص طور نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ويندو. سنڌ جي ساڃاهه وندن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي به ان موقعي تي اھا مھم ھلائڻ گھرجي ته عوام، خاص طور نوجوان طبقو، ثقافتي ڏھاڙي تي اھڙن ڪمن کان پاسو ڪري، جن سان عام شھرين، جن ۾ سنڌي ۽ غير سنڌي شامل آھن، کي ڪنھن تڪليف کي منھن نه ڏيڻو پوي ۽ ھو پڻ ھن ثقافتي ڏھاڙي جي پروگرامن کان لطف اندوز ٿي سگهن.