ڪائنات، انسان ۽ ارتقا جي ڪھاڻي
تحرير : ڪارل ساگان
تقريبن پندرهن ارب سال پهريان ڪائنات ۾ موجود سڄو مادو ۽ توانائي هڪ ننڍي جڳھه (پينسل جي ٽٻڪي جيتري) تي جمع هئي. پوءِ ڪائنات هڪ عظيم ناقابل انداز ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، انهيءَ ڌماڪي کي Big Bang چئجي ٿو. انهيءَ ڌماڪي سان ڪائنات جو مادو خلا ۾ چئني پاسن ڏانھن پکڙجڻ لڳو ۽ اڄ تائين پکڙجي رهيو آهي. شروع ۾، خلا شديد گرم ۽ سفيد هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو ٿڌو ٿيندو ويو ۽ نظر اچڻ واري روشني کان علاوه اھو تاريڪي ۾ هليو ويو، جيئن اڄ آهي. پوءِ گيس جا ننڍا ننڍا علائقا ٺهڻ لڳا. ڪوريئڙي جي ڄار جهڙا ڍير وجود ۾ اچڻ لڳا. چمڪندڙ شيون حرڪت ڪندي نظر اچڻ لڳيون، جن ۾ هزارين روشن نقطا هئا. ڪائنات ۾ نظر اچڻ واري هڪ عظيم ڍانچي جو وجود اچي چڪو هو. اڄ اسان انهيءَ کي ڏسون ٿا، ان جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اسان آباد آهيون. اسان انهن کي ڪهڪشائون چئون ٿا. ڪجھ گول ۽ بيضوي شڪل جون آهن ته ڪجھ وري بي شڪليون آهن. اسان ڪهڪشائن جي ڇنڊڇاڻ هڪ صديءَ جي گهٽ عرصي ۾ مس شروع ڪئي آهي. انهن ڪهڪشائن جي پيدائش ۽ حرڪت تي تحقيق جاري آهي، اها تحقيق اسان جي شعور کي وشال ڪائنات جي ڏور ڪنڊن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اسان پنهنجي ڪائنات کي ان جي عظيم ترين شڪل ۾ ڏسڻ جي قابل ٿي ويا آهيون. اسان تي ڪهڪشائن جو شان ۽ شوڪت سائنس ظاهر ڪيو آهي. ستارا هر ڪهڪشان ۾ مختلف ترتيب سان آهن. جڏهن اتفاق سان ڪنهن ڪهڪشان جو چهرو اسان طرف هوندو آهي ته اسان کي سندس روشن هٿن ۾ اربين ستارا نظر ايندا آهن. جڏهن ان ڪهڪشان جو ڪنارو اسان ڏي هوندو آهي ته اسان سندس مرڪز ۾ ڌوڙ ۽ گيس جا گهرا ڪڪر ڏسندا آهيون، جتي نوان ستارا جڙي رهيا هوندا آهن. سندس وسيع ٻانهن ۾ ڪائناتي مادو درياءُ وانگر وهي رهيو آهي. بيضوي شڪل جهڙيون ڪهڪشائون، ديو جهڙيون وڏيون ڪهڪشائون ۽ ڪيتريون ئي پراسرار ڪهڪشائون آهن، جتي ڪا خوفناڪ گڙٻڙ ٿي وئي آهي ۽ انهن ۾ ڌماڪا، ٽڪراءُ، گيس جا چشما ۽ ستارا آهن، جيڪي مختلف ڪهڪشائن جي وچ ۾ پُل بڻجي ويا آهن. هڪ ڪهڪشان اربين سِجن سان ملي ڪري ٺهي آهي ۽ اهي سِج ڪشش سبب هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. مختلف شڪلين جون ڪهڪشائون سڄي ڪائنات ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. سندن ارتقا هر جڳھ تي ساڳين قاعدن تحت ٿئي ٿي. ستارا ڪڏهن ڪڏهن ٽڪرائجن ٿا. ڪهڪشائون ٽڪرائجڻ کان پوءِ هنگامو برپا ڪري ڇڏينديون آهن، ستارن کي دربدر ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن تباھ ٿي وينديون آهن.
زمين تقريبن ساڍا چار ارب سال اڳ ڪائناتي گيس ۽ ڌوڙ مان وجود ۾ آئي. اسان کي پنڊ پھڻن جي رڪارڊ مان پتو پوي ٿو ته تقريبن ان جي ستت ئي سمنڊن ۽ تلائن ۾ حيات وجود (تقريبن چار ارب سال اڳ) ۾ آئي. حيات جي شڪل بلڪل به سادي هئي. انهن شروعاتي ڏينهن ۾ کنوڻيون ۽ سِج جون ultra violet شعاعون قديم ماحول جي هائڊروجن سان مالا مال molecules کي ٽوڙي رهيون هيون. ٽٽل حصا پيچيده ماليڪيولز سان رلي ملي رهيا هئا. انهيءَ ابتدائي ڪيميا جي پيداوار هاڻ سمنڊن ۾ ملي جلي هڪ اهڙي ماليڪيول ۾ تبديل ٿي ويا، جن ۾ حرڪت شروع ٿي وئي. حيات جي ابتدا يعني چار ارب سالن جو گهڻو عرصو حيات جي شڪل جيڪا زمين تي حاوي رهي، اها خوردبينيBlue green Algae آهي، جنهن سان سمنڊن جا سمنڊ ڀريا پيا هئا. تقريبن سٺ ڪروڙ سال پهريان زمين تيAlgae جي هڪ هٺي ختم ٿي ۽ هاڻ حيات جا ڪيترائي قسم وجود ۾ اچي ويا. ان واقعي کيCambrian Explosion چيو وڃي ٿو.
حيات تقريبن زمين جي وجود ۾ اچڻ سان ئي پيدا ٿي چڪي هئي، پر ٽي ارب سالن تائين حيات صرفBlue green Algae کان اڳتي ڪا گهڻي ارتقا نه ڪري سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مخصوص عضوا رکندڙ حيات (جي شڪلين) جي ارتقا وارو عمل ڏاڍو ڏکيو آهي.Cambrian Explosion جي ستت ئي سمنڊ حيات جي مختلف شڪلين سان ڀرجي ويا. پنجاھ ڪروڙ سال پهريان سمنڊن ۾Trilobites جا ٽولن جا ٽولا رهندا هئا، اهي وڏن ڪيڙن جهڙي ننڍي مخلوق هئي. اهي ٽولن جي صورت ۾ سمنڊ جي سطح تي شڪار کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڦرندا رهندا هئا. اڄ ڪو به Trilobite ڪونهي. تقريبن ويھ ڪروڙ سال اڳ جي ٻوٽن ۽ جانورن جو اڄ وجود ڪونهي. هلندڙ دور جي حيات جي شڪلين جو ان پوئين دور ۾ ڪو نالو نشان ڪونه هو. مختصر وقت ۾ حيات جون ڪيتريون ئي شڪليون ظاهر ٿيون ۽ غائب ٿي ويون. Cambrian Explosion کان پوءِ حيات جي مختلف شڪلين جي تڪڙي ارتقا ٿيڻ لڳي. هاڻ پهرين مڇي ۽ پهرين ڪرنگهي جي هڏي واري حيات جو ظهور ٿيو. ٻوٽا، جيڪي پهريان صرف سمنڊ تائين محدود هئا، اهي هاڻ زمين تي آباد ٿيڻ شروع ٿيا. پهريون ڪيڙو وجود ۾ آيو ۽ ان جا نسل زمين تي آباد ٿيڻ وارن جانورن جو بنياد بڻيا.Amphibians سان گڏ پرن وارا ڪيڙا وجود ۾ آيا.Lungfish جهڙي مخلوق جيڪا پاڻي توڙي خشڪي تي رهي ٿي سگهي، اها وجود ۾ آئي. پهريون وڻ ۽ ريڙهي پائي هلندڙ ڪيڙو وجود ۾ آيو. ڊائنوسارس (Dinosaurs) وجود ۾ آيا ۽ ان کان پوءِ کير پيارڻ وارو پهريون جانور ۽ پوءِ پهريون پکي ۽ پهريون گل وجود ۾ آيو. ڊائنوسارس فنا ٿي ويا. پهريان cetaceans ظاهر ٿيا، جيڪي وهيل مڇي ۽ ڊولفن جا وڏڙا هئا ۽ انهيءَ دور ۾Primates وجود ۾ آيا، جيڪي باندر، بن مانس ۽ انسان جا پرکا هئا. تقريبن هڪ ڪروڙ سال اڳ انسان سان ملندڙ جلندڙ پهريون جانور وجود ۾ آيو، جنهن جو دماغ عام جانور کان وڏو هو ۽ صرف ڪجھ لک سال اڳ پهريون حقيقي انسان ظاهر ٿيو.
ارتقا هڪ نظريو نه بلڪه حقيقت آهي. ارتقا دراصل قدرتي چونڊ جو عمل آهي. ارتقا جي حوالي سان چارلس ڊارون ۽ الفريد ويلس رسل اهم نالا آهن. تقريبن ڏيڍ سؤ سال اڳ انهن چيو هو ته قدرت بيحد ذرخيز آهي ۽ اها ان کان به وڌيڪ ٻوٽن ۽ جانورن کي پيدا ڪري ٿي، جيڪي زنده رهي سگهن ٿا ۽ حالتون ۽ ماحول اها چونڊ ڪن ٿا ته ڪهڙيون شيون حالتن سان مطابقت پيدا ڪري سگهن ٿيون. مثال، نسل ۾ فوراً تبديليون، ٻين نسلن سان ميلاپ وغيره انهيءَ عمل ۾ ڪارآمد ثابت ٿين ٿيون، اهي ارتقا جو خام مال مهيا ڪن ٿيون. ماحول انهن چند نسلي ميلاپن کي قبول ڪري ٿو، جيڪي حيات کي جاري رکڻ ۾ مددگار هجن، جنهن جو نتيجو اهو هجي ٿو، جو حيات جي هڪ شڪل سست رفتاري سان ٻي شڪل ۾ تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ نئين شڪلين جو بنياد وجهي ٿي. مختلف دنيائون ۽ ستارا انسانن جيان پيدا ٿيندا آهن، زنده رهندا آهن ۽ مري ويندا آهن. انسان جي زندگيءَ کي چند ڏهاڪن ۾ ماپي سگهجي ٿو، پر سجن جي زندگي ان کان لکين دفعا وڌيڪ آهي. مادو حيات کان گهڻو پراڻو آهي. سج ۽ زمين جي پيدائش کان اربين سال پهريان گرم ستارن ۾ ايٽم پنهنجي عمل ۾ مشغول هئا ۽ ستارن جي ڦاٽڻ سان خلا ۾ پکڙجي رهيا هئا. نوان جڙندڙ سيارا انهن ئي ستارن جي ملبي جو حصو آهن. زمين ۽ ان تي موجود هر زنده شيءِ ستارن جي انهيءَ مادي مان ٺهي آهي، پر، انساني نقطهءِ نگاھ کان ابتدائي دور جي سمنڊن ۾ حيات جي پهرين ماليڪيول کان وٺيBacteria تائين ارتقا ڪيتري نه سست رفتار آهي. ارتقا جو اهو عمل هر شخص جي سمجھ ۾ فوراً ان ڪري ڪونه ٿو اچي جو بيڪٽيريا آهستي آهستي وڌي ٿو ۽ وڏو وقت وٺي ٿو. اهڙي مخلوق جيڪا صرف ستر اسي سال جي عمر رکندڙ هجي، اها ان ارتقائي عمل کي آسانيءَ سان ڪيئن سمجهي سگهي ٿي، جنهن ۾ ستر ڪروڙ يا هڪ ارب سال لڳا هجن. جيستائين هڪCell واري حيات جي ارتقا مڪمل ٿي، تيستائين زمين تي حيات جي اڌ تاريخ گذري چڪي هئي. اڃا اسان جون ابتدائي شڪليون به واضح نه ٿيون هيون، پر تنهن هوندي به ان وقت تائين حيات جي تقريبن بنيادي ڪيميا جو تعين ٿي چڪو هو. ارتقائي عمل اسان جي سياري تي حيات جي نون ۽ پيچيده نمونن کي صورت ڏيئي رهيو هو. گهڻو ڪري ارتقائي سلسلا تيزيءَ سان فنا ٿي ويا. گهڻن سلسلن جي ارتقا رڪجي وئي. جيڪڏهن اهي سڀ معاملا ٿورڙا مختلف ٿين ها، مثال جي طور، موسمن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي يا نئينMutation يا حيات جي ڪنهن شڪل جو اتفاقي موت – ته پوءِ پوري دنيا جي مستقبل جي تاريخ بلڪل به مختلف هجي ها! شايد هڪ باشعور ٽيڪنيڪي مخلوق ڪيڙن جي شڪل مان ٿي گذري ها يا شايد اڄ هن سياري جا موجوده ڌڻي اهي هجن ها، جن جا وڏڙاTunicates هئا. اسان شايد هن شڪل تائين پهچون ئي نه ها، ڪير ٻيو بلڪل به مختلف اسان جي جڳھ تي هتي هجي ها ۽ پنهنجن بنيادن تي غور ڪري رهيو هجي ها، پر، ائين ڪونه ٿيو. هڪ بلڪل مخصوص حادثاتي Mutation، واقعن، حالتن ۽ چونڊ جو سلسلو آهن ۽ زندگيءَ جو هڪ مخصوص وقت سان جڙيل سلسلو، جنهن جي نتيجي ۾ حيات جي هي شڪل مڇين مان وجود ۾ آئي. انهيءَ رستي ۾ ڪيتري ئي مخلوق ناپيد ٿي وئي. تقريبن ساڍن ٽن اربن سالن تائين حيات پاڻيءَ ۾ رهي، پر بعد ۾ حيرت انگيز همت سان خشڪيءَ تي چڙهي آئي. چار ڪروڙ سال اڳ ڪنهن ٻي دنيا مان ايندڙ سياح شايد ان ننڍي مخلوق کي ڏسي ڪري ڪو خاص متاثر ڪونه ٿئي ها، پر اڄ ان مان ئي تقريبن اهم (کير پيارڻ واري) مخلوق جا سلسلا هلندا آيا آهن. ان ۾ ٻه ڪروڙ سال اڳ جاPrimate به شامل آهن، جن کي وقت جو ڪوبه مسافر هڪ پٿريلي باشعور ۽ تجسس واري حيات جي طور، سڃاڻپ نه ڪري سگهيو هوندو. انهن جا وڏڙا ڪڏهن اهي ايٽم هئا، جيڪي ستارن ۾ سرجي رهيا هئا. پاڻيءَ مان نڪري زمين تي ريڙهيون پائيندڙ حيات خوراڪ جي تلاش ۾ وڻن تي چڙهي وئي. لکين سالن کان پوءِ اها مخلوق وري زمين تي لهي آئي ۽ سڌن پيرن تي بيهي رهي ۽ سندن دماغن جي سائيز وڌي وئي. هاڻ انهن اوزار ٺاهي ورتا، باھ کي دريافت ڪري ورتو ۽ ڪلچر پيدا ڪري ورتو. پوءِ زبان، زبان کان پوءِ تحرير، تحرير کان پوءِ ٻني ٻاري جو آغاز ڪيو ۽ ان کان پوءِ شهر تعمير ڪري ورتا. انهن ڌاتن کي پگهرائڻ جو هنر ڄاڻي ورتو ۽ پوءِ اهي ستارن ڏي پر ساهڻ لڳا، جتان کان پنج ارب سال اڳ هو آيا هئا.
اسان ستارن جو اهو مادو آهيون، جنهن پنهنجي قسمت پنهنجي هٿ وس ڪري ورتي آهي. وقت ۽ خلا جي موسيقي مادي جون حيرت انگيز راڳڻيون پيدا ڪري ٿي. خود اسان جو سيارو ڪائنات جي لاتعداد ستارن جي جهرمٽ جو نهايت ئي مختصر حصو آهي. خلا ۾ سڀ دنيائون اڻ ڳڻيون آهن، اهي ايتريون ته آهن، جيترا اسان جي سمنڊن جي ڪنارن تي واريءَ جا ذرڙا ۽ انهن مان هر دنيا ايتري ته حقيقي آهي، جيتري اسان جي پنهنجي دنيا. اسان اڄ پنهنجي دنيا سان ڇا پيا ڪريون، ان جو اثر صدين تائين ويندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي منزل کي متاثر ڪندو. اهو اڄ اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسان پنهنجي تهذيب کي تباھ ڪري ڇڏيون ۽ شايد پنهنجي پوري نسل کي پڻ. جيڪڏهن اسان پنهنجي لالچن، وهمن ۽ حماقتن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ٿا ڇڏيون ته پوءِ پڪ سان اسان پنهنجي هن نازڪ ۽ حساس زمين کي تباھ ڪري ڇڏينداسين، پر تنهن باوجود به اسان ان قابل آهيون ته پنهنجي شعور، معلومات، انساني جذبي ۽ پنهنجي دولت سان هن سياري جي هر فرد جي زندگي ايتري بامعنيٰ ۽ انساني بڻائي ڇڏيون ته جيئن ڪائنات جي باري ۾ اسان جي معلومات اسان کي ستارن تائين وٺي وڃي.
***