نئون

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، ٿڌ وڌي وئي

اسلام آباد کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب ٿڌ وڌي وئي آهي. خبرن مطابق اسلام آباد، لاهور، قصور، ملتان، سيالڪوٽ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب ٿڌ جو اثر وڌي ويو آهي. برسات سبب ملتان ۾ گهرجي ڇت ڪري پئي. استور جي ميداني علائقن ۾ برف باري جو سسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ صبح جو جهڙ موجود رهيو. اڄ کان ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ خيبرپختوانخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان ۾ به برف باري ٿي سگهي ٿي.