ٻارن جو کير وڪرو ڪندڙ ڪمپني پاران سڄي دنيا مان کير واپس گهرايو
فرانس جي کير وڪرو ڪندڙ ڪمپني “ليڪٽالڪ” پاران سڄي دنيا مان پنهنجو کير واپس گهرائي ورتو آهي. خبرن موجب ڪمپني جي تيارڪيل دٻن واري کير واپرائڻ سان فرانس ۾ 26 ٻارن جي طبيعت خراب ٿي پوڻ ڪري اهڙو فيصلو ورتو ويو آهي. ڪمپني جي نمائندي پاران چيو ويو آهي ته 7 هزار ٽن کير واپس گهرايو ويو آهي. جڏهن ته اها خبر نه آهي ته هن وقت تائين ڪيترو کير استعال ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترو کير ٻين ملڪن ۾ دڪانن تي موجود آهي. هن اهو به ٻڌايو ته کير ۾ سالمونيلا وائرس جي ملاوٽ ٿيڻ ڪري ان کي واپس گهرائي ورتو آهي. هن وائرس سبب ٿيندڙ تڪليفن ۾ پيٽ جو سور، الٽيون ۽ دست شامل آهن. جنهن ملڪن ۾ هن ڪمپني پاران کير موڪليو ويو آهي اهي هن ريت آهن. چائنا، پاڪستان، سوڊان، بنگلاديش ۽ برطانيه به انهن ۾ شامل آهي. ياد رهي ته 2008 ڌاري چين ۾ به هن ڪمپني جي کير کي ڪيميڪل جي ملاوٽ هجڻ جي شڪايت ڪئي وئي هئي جيڪو ٻارن جي کير وڪرو ڪندڙ ڪمپني لاءِ هڪ وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻيو هو.

