پاڪستاننيو‍‍ز

قومي ٽي بي پروگرام ۽ بي قائدگين بابت سينيٽ ۾ سوال 

سينيٽ ۾ اسٽنڊنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي پاران آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي سوال اٿاريا ويا ٽي بي پروگرام ۾ بي قائدگين بابت سينيٽر اشوڪ ڪمار سينيٽ کي ٻڌايو ته 27 ڪروڙن جون ايڪسري مشينون خريد ڪيون ويون آهن، جنهن جو ڪوبه ٽينڊر نه نڪتو هو. ان کان علاوه پروگرام جي عمارت جو ڪرايو بغير ڪنهن لکت جي ڏنو ويو آهي. جنهن کان علاوه پروگرام پاران گاڏيون خريدڻ ۽ انهن جي تيل تي هڪ سال ۾ 60 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن جيڪو تمام گهڻو خرچ آهي. مٺي ۾ پروگرام جي ٻن ڪمرن واري عمارت تي 72 لک خرچ ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل سال گلوبل فنڊ پاران 8 ڏهائي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا هئا جنهن مان 6 ڏهائي 2 ڪروڙ ڊالر دوائن تي خرچ ٿيا. جنهن کان علاوه باقي رقم صوبن کي ڏني وئي هئي. سينيٽ ۾ هنن بي قائدگين تي بحث ڪيو ويو ۽ ان بابت هاڻي ٽي بي پروگرام کي انهن  سوالن جو جوا ب پيش  ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.