صرف هڪ انجيڪشن سان چيلهه جي پراڻي سور جي علاج ۾ اهم ڪاميابي
چيلهه جي هيٺئين حصي جو سور انتهائي تڪليف ڏيندڙ هئڻ سان گڏوگڏ روزمره جي زندگي کي تباهه ڪري ٿو. هاڻ خاص خلين مان ٺهيل هڪ انجيڪشن ذريعي هن ڪيفيت کي دور ڪرڻ ۾ غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اوڪلاهوما يونيورسٽي ۾ ڪلينيڪل ريڊيالوجي جي ماهر ڊاڪٽر ڊگلس بيل چيو آهي ته چيلهه جي ڊسڪ متاثر ٿيڻ جو عمل ڊي جنريشن آف ڊسڪ چورائي ٿو ۽ ان جو علاج ڪجهه دوائن ۽ گهڻو ڪري فزيوٿراپي سان ڪيو ويندو آهي، پر اهو وقتي ۽ انتهائي ناڪافي ثابت ٿيندو آهي.
هن مرض کي ”ڊي ڊي ڊي“ يا ڊي جنريٽوو ڊِسڪ ڊزيز چيو ويندو آهي جيڪو مهرن جي وچ ۾ نرم مادي وانگر ڪم ڪندو آهي، ۽ ان جي رڳڙ سبب سور ٿيندو آهي، ان جي علاج لاءِ ڊاڪٽر ڊگلس انهن ئي خلين مان خاص انجيڪشن ٺاهيو آهي جنهن جو هڪ ٽڪو ڊگهي عرصي تائين سور گهٽ ڪري مريض جو معيارِ زندگي بهتر بڻائي سگهي ٿو.