سموري دنيا ۾ جمهوريت هڪ اهڙو عوامي نظام آهي، جنهن ۾ ڪجھ سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽيون چونڊون هارائي وينديون آهن ته ڪجھ کٽي وينديون آهن، ڇو ته عام چونڊن ۾ شڪست جمهوري عمل جو هڪ حصو هوندي آهي، جنهن ۾ هارائيندڙ پارٽي شڪست قبول ڪندا آهن ۽ پوءِ ايندڙ چونڊون کٽڻ لاءِ وري نئين سِري سان ڪم ڪندا آهن. گهڻي ڀاڱي ساڳيون سياسي پارٽيون جڏهن مخالف ڪرسين تي ويهنديون آهن تڏهن هلندڙ جمهوريت کي ڊي ريل به ڪنديون آهن. انهن جي ايجنڊا ۾ اهو به هوندو آهي ته اهي سدائين سرڪار جي بجيٽ تي احتجاج ڪن ۽ هر ڳالھ تي ايوان ۾ تماشا کڙا ٿين يا ڪندا وتن، ان ڪري ته جيڪي بل پاڻ پاس ڪرائي وڃن، جيڪي پروجيڪٽ پاڻ هلائي وڃن، جيڪي ڪم پاڻ ڪري وڃن اهي صحيح هوندا آهن ۽ جيڪي ڪم ڪرسي تي ۽ اقتداري ڌر ڪندي آهي اهي انهن کي مورڳو ناهن وڻندا ان ڪري جمهوريت ان ڳالھ ۾ ڪٿي ڀلي آهي ته ڪٿي ناهي. دنيا ۾ جمهوري نظامن ۾ اها به خرابي آهي ته ڪير به وزيراعظم جي ايجنڊا ۽ شخص کي ووٽ نٿو ڪري، پر پارٽيون پنهنجي دم ۽ خم تي ووٽ وٺي ٿيون وڃن ۽ پوءِ انهن جي مرضي هوندي آهي ته اهي جنهن کي مرضي پئين وزيراعظم بڻائين ۽ جنهن کي مرضي پئين صدر بڻائين ان ڪري ته جيئن ٻن مردن سان هر نه هلي ۽ ٻن رنن سان گهر نه هلي تيئن ڪٿي ڪٿي جمهوري نظامن ۾ ٻٽاڻ سان صدراتي راڄ ۽ وزيراعظم جي مرضي به جمهوري راهن جي آڙي اچي ٿي وڃي.
اهڙي صورتحال اسان تازو آمريڪا ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي دوران ڏٺي، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ 47 هين آمريڪي صدر طور حلف کنيو. ان کان اڳ هو 2020 جي ٻيهر چونڊ جي ڪوشش ۾ جوبائيڊن کان شڪست کائي ويو هو ۽ ان شڪست تسليم نه ڪئي هئي ۽ موٽ ۾ سندس حمايتين ڪيپيٽول تي حملو به ڪيو هو، جتي ڪانگريس 6 جنوري 2021 تي نئين صدر جوبائيڊن جي حلف نامي جي تقريب رٿي هئي. ان وقت جي صدر کي هن چئلينج به ڪيو هو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جوبائيڊن جي فتح کي نه مڃيو هو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جوبائيڊن جي 2021 واري صدارتي حلف نامي واري افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ان دوران ڪانگريس فورن آئين ۾ 25 هين ترميم ڪري نائب صدر کان حلف نامو کڻايو هو، پر هن ڀيري هارائيندڙن (جوبائيڊن ۽ ڪمالا هيرس ڊونلڊ ٽرمپ کان شڪست کاڌي، صدر بائيڊن ۽ شڪست ڏيندڙ نائب صدر ڪمالا هيرس ٻئي عزت، ناموس ۽ وقار سان فاتح جي ذلت آميز لمحن مان گذريا. ريپبلڪن صدر ڊيموڪريٽ جي رڪارڊ کي آمريڪين سان بيوفائي قرار ڏيندي رد ڪيو ته هو هڪ بنيادي ۽ بدعنوان اسٽيبلشمينٽ جي فصلا سازي مان گذري رهيا آهن ۽ سياست ۾ 52 سالن جو تجربيڪار صدر به هڪ بي اعتباري سان مسڪرايو جڏهن ٽرمپ اعلان ڪيو ته اڄ هن لمحي کان وٺي آمريڪا جو زوال ختم ٿي چڪو آهي.
اسٽيون ليوٽسڪي ۽ ڊينئل زيبلاٽ پنهنجي ڪتاب “ٽائرني آف دي مائنوريٽي اسٽيٽ” ۾ لکيو آهي ته هر ڀيري سياسي پارٽيون هارائڻ سکي وڃن ٿيون ۽ جمهوريت جڙي وڃي ٿي ۽ هڪ ڀيرو جمهوريت جڙي ٿي، طاقت ۾ ڦيرڦار ايتري معمول بڻجي وڃي ٿي جو ماڻهو ان کي معمولي سمجهن ٿا. شڪست قبول ڪرڻ جي معمول کي ڪهڙي شيءِ مضبوط بڻائي ٿي؟ ليوٽسڪي ۽ زيبلاٽ چوي ٿي ته ٻه حالتون مدد ڪن ٿيون. پهريون، پارٽيون سڀ کان وڌيڪ شڪست قبول ڪرڻ جو امڪان رکن ٿيون، جڏهن اهي يقين رکن ٿيون ته انهن کي مستقبل ۾ ٻيهر کٽڻ جو هڪ معقول موقعو نه وڃائينديون. شڪست قبول ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو شرط اهو يقين هوندو آهي ته اقتدار وڃائڻ سان ڪا آفت نه ايندي، پر جيڪڏهن داؤ تمام گهڻو هوندو ۽ هارائيندڙ پارٽيون ڊڄنديون آهن ته اهي سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيندا، اهي اقتدار ڇڏڻ کان لنوائيندا آهن. هتي انهن جو نتيجو اهو آهي ته جڏهن شڪست خوره سياستدانن يا انهن جي حلقن لاءِ هڪ وجودي خطري وانگر محسوس ٿئي ٿو ته اهي ان کان بچڻ لاءِ بيتاب ٿي ويندا آهن.
هي پاڪستان جي آمرانه حڪمراني واري طرز ڏانهن جمهوريت جي خطرناڪ سفر جي هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪي آمريڪي رائيٽر لکي آهي. سياسي سائنسدان “جوان لنز” جي مطابق ته جيڪي سياستدان جمهوريت لاءِ پرعزم آهن ۽ وفادار جمهوريت پسند آهن. اهي آزاد ۽ منصفانه چونڊن جي نتيجن جو احترام ڪن ٿا، پوءِ اهو نتيجو ڪجھ به هجي ۽ سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد کان پاسو ڪن ٿا، انهن جي برعڪس جيڪي کليل طور تي فوجي بغاوتن جي حمايت ڪن ٿا، مخالفن کي ڊيڄارڻ، ووٽرن کي ڊيڄارڻ لاءِ ٺڳ مقرر ڪن ٿا اهي دل شڪسته ۽ پائيدرا سياستدان ناهن هوندا. سياستدانن جو هڪ ٻيو درجو اهو به آهي ته جيڪي جمهوريت جي قاتلن جا ساٿي بڻجي يا انهن جا ٻانهن ٻيلي بڻجي انهن جي طور طريقي سان ڪم ڪن ٿا، اهي اهي آهن جن کي “جوان لنز” نيم وفادار نسل سڏي ٿو، جيڪي جمهوري اصولن جي پيروي ڪندا نظر اچن ٿا، جڏهن ته خاموشيءَ سان انهن تي حملو ڪندا آهن، ظلم ۽ ستم کان اکيون بند ڪندا آهن، اهي اهڙا سياستدان آهن جيڪي آمريت کي فعال ڪن ٿا ۽ طاقت جي ڪمرن ۾ لڪي ويندا آهن يا جڏهن عام سياستدان مکيه وهڪرو ڏسي پنهنجي نيم سياسي وفاداري جو آسان رستو اختيار ڪندا آهن ته جمهوريت مخالف قوتون مضبوط ٿين ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت ٽٽي پوي ٿي. پاڪستان جو مسئلو نيم وفادار، خود غرض سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪي فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ رياست جي گهري سازشن جي ڪري اقتدار ۾ يا اقتدار کان ٻاهر رهيا آهن.
پاڪستان ۾ مکيه سياسي پارٽين جي قيادت پاڻ کي غير چونڊيل، غير جمهوري قوتن سان اتحاد ڪري ڳري قيمت ادا ڪئي آهي، جن ماڻهن شهري بالادستي جي خاطر رياست جي ڀڃڪڙي ڪئي انهن کي رياست هڪ خوفناڪ مثال بڻايو ويو آهي. رياست طرفان هڪ لبرل ۽ ترقي پسند سياسي پارٽي جي اڳواڻن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو ۽ سندس ڌيءَ جيڪا ان کانپوءِ پارٽي جي اڳواڻي ڪري رهي هئي ان کي قتل ڪيو ويو، پر سندس پارٽي جي موجوده قيادت باني جي نظريي کي ڇڏي ڏنو ۽ تياڳي ڪجھ ٻيو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. پوءِ ان سياسي هلچل ۽ ميلي دوران لاهور ۾ واپارين جي هڪ خاندان کي 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي فائونڊري ۾ سهارو ڏنو ويو ۽ تيار ڪيو ويو ته اهي هاڻي اقتداري سياست ڪن. ٻنهي سياسي خاندانن اقتدار ۾ بار بار آيا، پر هميشه سياسي ڇڪ تاڻ کين پاڻ ۾ ناراضگيون پيدا ڪرڻ جا موقعا ڏنا، بعد ۾ پوءِ هڪ نئين راند جي گھوڙي تي شرط لڳائي وئي، راندين جي هيرو جي ڪرشماتي ۽ قيادت جون خوبيون، جيڪو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سياسي جهنگ ۾ گم ٿي ويو هو، آخرڪار ڪم آيون ۽ هن ٻن سياسي خاندانن تي قبضو ڪيو. هن کي به اقتدار ۾ پنهنجو موڙ مليو، پر پنهنجي اڳوڻن وانگر پنهنجن سرپرستن جي غلط پاسي جي ڪري پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويو. سياسي پارٽيون هاڻي هڪ ڏاڪي تي اچي بيٺيون آهن، اهي يا ته غالب ۽ قابض اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي راند جاري رکي سگهن ٿيون يا قوم کي هڪ روادار، قانون جي پاسداري ڪندڙ سياست جي رستي تي آڻڻ لاءِ وفادار جمهوريت پسند بڻجڻ جو مقصد رکي سگهن ٿيون، پر هاڻوڪي صورتحال هڪ خاص قومي مفاهمت ۽ فائدي جي تقاضا ڪري ٿي. هيل تائين سڀني مکيه اسٽريم سياسي پارٽين جي قيادت غير چونڊيل قوتن جي هٿن کان متاثر ٿي آهي. انهن کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن شهري بالادستي قائم ڪرڻ ۽ 26 هين ترميم جي خراب اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ 27 هين آئيني ترميم جي صورت ۾ گورننس جو هڪ نئون چارٽر تيار ڪيو وڃي، جنهن عدالتي آزادي ۽ پارلياماني اثرائتي ٻنهي کي نقصان پهچايو آهي. قيد ٿيل اڳواڻ ۽ موجوده حڪومت ڪندڙ پارٽين جي قيادت کي پنهنجين غلطين کي تسليم ڪندي اقليت جي ظلم کي ختم ڪرڻ گهرجي. ان ڪري ڪجھ نقطن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ته فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڊيپ اسٽيٽ جو سياست سان ڪوبه واسطو نه هجڻ گهرجي. فوج جي سربراهن جو ٽن سالن جو مقرر مدو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪا به واڌ نه هجڻ گهرجي. ٻيو ته سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج چيف جسٽس بڻجڻ گهرجي ۽ 65 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ آئيني عدالت هجڻ گهرجي. ٽيون ته آزاد ۽ منصفانه چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي وچ ۾ صلاح مشوري کانپوءِ هڪ نئون چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ٿيڻ گهرجي، پر سندس مقرري کي سينيٽ جي منظوري حاصل هجڻ گهرجي. چوٿون ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مدت کي گهٽائي چار سال ڪيو وڃي. پنجون ته ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفانه مقامي حڪومت جون چونڊون ٿيڻ گهرجن. ڇهون ته ڪرپشن ۽ سياست جي ڳنڍ کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ آزاد قومي احتساب ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ ايف آءِ اي کي ڪرپشن جي خاتمي واري اداري جي حيثيت سان شامل ڪيو وڃي. هيل تائين اها ڳالھ به ڏٺي وئي آهي ته آمريت جمهوريت جي خاتمي جو سبب بڻجي ٿي، ان ڪري جمهوريت جي حقيقي واعدي کي پاڙڻ گهرجي ته ملڪ پائيدار ترقي ڪري سگهي.