بلاگنئون

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل: هڪ سماجي جاچ

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه، رد عمل، ميڊيا جي تبصرن ۽ ادبي حلقن جي مبهم، ڌندلي خاموشي مان هڪ ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي: سنڌي سماج ۾ غير معمولي ماڻهن جون زندگيون، انهن جا الميا ۽ ذاتي تضاد يا ته ڳالهائڻ لاءِ وڏي جرئت گهرن ٿا يا وري خاموشيءَ کي ئي بهتر سمجهيو ويندو آهي. هي قتل رڳو هڪ فرد جي زندگي جو خاتمو ناهي، پر سنڌي سماج جي نفسياتي، سماجي، خانداني ۽ فڪري ڍانچي جي بي رحمانه عڪاسي به ڪري ٿو.

آڪاش زندگيءَ جي ٻه رخين تصوير:

آڪاش جي زندگي هڪ اهڙو سلسلو آهي، جتي فن، جذبو، بغاوت، غير رواجيت ۽ ٽٽل رشتن جا رنگ ملي وڃن ٿا. هو پنهنجي آدرشن ۽ مزاحمتي تخليق سبب مقبول هو، پر سندس شخصي زندگيءَ ۾ جيڪا الجهڻ هئي، سا عام نظر کان ٻاهر رهي. اسان وٽ غير معمولي ماڻهن کي صرف هڪ رخ سان ڏسڻ جو رواج آهي، اهي يا ته مڪمل هيرو هوندا آهن يا مڪمل ولن. آڪاش جي قتل کانپوءِ به ساڳي روايت ورجائي وئي. ڪجهه ماڻهن کيس هڪ مثالي شاعر، درد ڀريو مزاحمتي روح ۽ مظلوم شخص طور پيش ڪيو ته ٻين کيس خاندان ۽ اولاد لاءِ غير ذميوار هجڻ جو الزام ڏنو، پر اصل سوال اهو آهي: ڇا غير معمولي ماڻهوءَ جا ذاتي تضاد، سماج جي ڪردار کان الڳ آهن؟ ڇا هو پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا اڪيلا ڪندا آهن؟

سماجي تضاد: “شاعرن جا گهر قبرستان ڇو ٿين ٿا؟”:

سنڌي سماج ۾ ادبي ۽ سياسي اڳواڻن جي شخصي زندگين جا الميا نوان ناهن. ڪيترن شاعرن، ليکڪن ۽ فڪري اڳواڻن جون زندگيون غير معمولي تخليقن سان گڏ تباهه ٿيل خاندانن جا داستان به آهن. اسان جي مزاحمتي شاعري، آزاديءَ جا نعرا ۽ جدوجهد جا قصا جڏهن انهن ئي ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ سان ڀيٽجن ٿا، تڏهن اهو تضاد ڪئين سمجهجي؟ آڪاش جهڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي لکڻين ۾ انسانن جي آزادي، محبت ۽ شعور جي ڳالهه ڪندو هو، پنهنجي اولاد جي نفرت جو شڪار ڪيئن ٿيو؟

شايد اهو ئي تضاد آهي، جيڪو اسان جي مزاحمتي فڪر جي بنيادي ڪمزوري ظاهر ڪري ٿو. شاعر ۽ ليکڪ، جيڪي سماج جي تقدير بدلائڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهي پنهنجي ذاتي تعلقات کي ڇو نٿا سمجهي سگهن؟

نظرياتي آزادي ۽ سماجي بيگانگي:

آڪاش جو قتل، سماج ۾ هلندڙ نظرياتي ۽ نفسياتي ڪشمڪش جو انتهائي خطرناڪ اظهار آهي. اسان وٽ جيڪو ماڻهو خاندان، سماج يا مذهب جي روايتي ڍانچي کان ٻاهر نڪري ٿو، اهو اڪثر انتهائي اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويندو آهي. هوءَ آزادي، جيڪا فڪري دنيا ۾ اهم سمجهي ويندي آهي، سماجي لحاظ کان بيگانگي پيدا ڪري ٿي. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو، جيڪي روشن خيال، انقلابي يا غير رواجي زندگي اختيار ڪن ٿا، آخرڪار هڪ عجيب تهذيبي ويڇي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ان ويڇي جو نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ ڪڏهن نفسياتي بحران، ڪڏهن خودڪشي، ته ڪڏهن قتل. دوستن جو دردناڪ ڪردار: لفظن جا جبل، عمل جي خالي ميدان جيڪڏهن اسان آڪاش جي زندگي ۽ قتل تي تنقيدي نظر وجھون ته هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪي ماڻهو پاڻ کي آڪاش جا ويجها دوست چوندا هئا، اهي سندس شخصي بحران، صحت جي تڪليفن ۽ خانداني ٽڪراءَ دوران ڪٿي هئا؟ اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجيون وايون، مضمون ۽ تقريرون آڪاش جي نالي منسوب ڪن ٿا، انهن مان ڪيئي اڄ وڏن عهدن تي آهن. ڪتابن جا ليکڪ، ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جا اڳوڻا وائيس چانسلر، ثقافت ۽ تعليم جا وزير، پر ڪنهن هڪ به عملي طور آڪاش جي مدد ڪئي؟

هيءَ سنڌي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن جي بدترين اخلاقي ناڪامي آهي. سچ ته اهو آهي جيڪي ماڻهو شاعريءَ ۾ آڪاش کي پنهنجو روح جو ڀاءُ سڏيندا هئا، انهن مان ڪنهن هڪ به کيس صحت جي بحالي لاءِ احتياط ڪرڻ تي مجبور ڪيو؟ جيڪي کيس “خوني رشتي کان به وڌيڪ قريب” سڏيندا هئا، انهن مان ڪنهن سندس خانداني بحران دوران مدد ڪئي؟ جيڪي آڪاش جي شاعريءَ تي مضمون لکندا هئا، انهن مان ڪنهن سندس حياتي بچائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي؟ سنڌ جي ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ دوستي صرف هڪ اسٽيٽس سيمبل آهي، هڪ نالي جو فخر، پر عملي مدد جو نالو نشان به ناهي.

نفسياتي الميو يا ڏوهي معاملو؟:

آڪاش جي قتل تي جيڪو عام تبصرو سامهون آيو، اهو ٻن پاسن تي ورهايل هو. هڪ طرف سندس حامي هئا، جيڪي کيس مظلوم سمجهي رهيا هئا ته ٻئي طرف اهي جيڪي ان کي صرف هڪ عام خانداني ڏوهه قرار ڏئي رهيا هئا، پر هي معاملو انهن ٻنهي حدن کان پري آهي. هي واقعو صرف هڪ پيءُ جي قتل جو ڪيس ناهي ۽ نه ئي فقط هڪ باغي پٽ جو مسئلو. هي سنڌي سماج جي نفسياتي خرابين جو اظهار به آهي. اسان وٽ اولاد ۽ والدين وچ ۾ جيڪا ناهمواري آهي، سماجي معيارن ۽ ذاتي خواهشن وچ ۾ جيڪو تفاوت آهي، اهو ڪڏهن تڪرار بڻجي ٿو ته ڪڏهن قتل. ڪو به مقدس ناهي اسان وٽ عام رجحان آهي ته جڏهن ڪو غير معمولي ماڻهو مري ٿو ته ان جي زندگيءَ جا سڀ تضاد وساري، کيس هڪ عظيم انسان بڻايو وڃي، پر جيڪڏهن اسان واقعي هڪ سنجيده سماجي جاچ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي ان غير معمولي ماڻهوءَ جا سڀ رنگ ڏسڻا پوندا. ڊاڪٽر آڪاش جي زندگي اهڙي هئي، جتي فڪر، محبت، تڪرار، بيگانگي، نظرياتي وابستگي ۽ ذاتي زندگيءَ جون اڻپوريون خواهشون گڏ نظر اچن ٿيون. اسان کي نه فقط انهن تضادن کي سمجهڻو پوندو، پر اهو به ڏسڻو پوندو ته سنڌي سماج ۾ غير معمولي ماڻهوءَ جو موت رڳو اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ لاءِ آهي يا سماج جي بي حسيءَ کي ڏسڻ لاءِ به؟ اسان يا ته صرف ماتم ڪندا آهيون يا نئون ڪوڙو هيرو بڻائي ڇڏيندا آهيون، پر پنهنجو حقيقي سماجي چهرو ڏسڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهيون. آڪاش جو قتل، اسان جو چهرو آهي.