هڪ شام گورک تي… نسيم عباس سومرو July 2021
سياحت ۽ سفر سان انسان نوان نوان ماڳ ڏسي واسي ٿو. ان سان نئون جهان ۽ زندگيءَ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا نوان زاويه کُلن ٿا.
هونئن ته سڄي دنيا اھڙن قدرتي ۽ حسين ماڳن سان ڀري پئي آهي، پر ظاهر آهي انسان پنهنجي ويجهن ماڳن کان شروعات ڪندو آهي. ان ڪري اسان ڪجھ دوستن به اهو پھ ڪيو ته پهرين پنهنجي ڌرتيءَ جا اھڙا ماڳ ڏسجن بعد ۾ ٻئي طرف رخ ڪجي.
گورک هِل اسٽيشن اھڙن ئي ماڳن مان هڪ آهي. هونئن به گورک سان هڪ عجيب رومانوي ڇڪ جُڙيل هئي ڇو ته جڏهن کان گورک جو نالو ۽ اُتي جي خاص قدرتي نظارن ۽ ٿڌي موسم جي باري ۾ ٻڌو هو تڏهن کان ئي ان ماڳ کي ڏسڻ جو ڏاڍو مَن هو. ڪافي دفعا پهرين به ڪوشش ڪئي سين، پر مختلف سببن جي ڪري رهجي وياسين جنهن جي ڪري ڇڪ ويتر وڌي وئي. نيٺ دوست شاهنواز منڌرو ۽ بابر جمالي حامي ڀري ته هن ڀيري موڪلن وارن ڏينهن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ گورک لازمي هلبو. ان سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ 4 جون 2021 تي پهرين شاهنواز بدين کان مون وٽ حيدرآباد آيو جتان اسان ٻئي سندس ڪار ۾ دادو شهر لاءِ نڪتاسين جتان کان بابر کي اسان سان گڏجي اڳتي هلڻو هو. بابر جو تعلق جيئن ته اصل ۾ دادو شهر سان ئي آهي ان ڪري بابر ئي اسان جي سفر جو سونهو ۽ گائيڊ هو.
اسان حيدرآباد کان تقريبن هڪ وڳي منجهند جو نڪتاسين، ڄامشورو کان ٿيندا انڊس هاءِ وي سان هلندا علي آباد، خاڻوٺ، سن، سيوهڻ شريف کان ٿيندا دادو، جوهي لنڪ تائين 190 ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئي ڪري تقريبن اڍائي وڳي پهتاسين، جتي گاڏي تبديل ڪئي سين. ڇو ته واھي پانڌيءَ کان اڳتي تمام اڙانگا لڪ آهن، تمام اوچيون چاڙهيون ۽ گهريون لاهيون آهن، جتي هڪ عام ڪار ۾ وڃڻ صحيح ناھي. ان خاص پيچري لاءِ اھڙي گاڏي گهرجي جنهن جا چارئي ڦيٿا هڪ وقت ۾ انجڻ سان گڏ هلندا ھجن. هتي بابر جي چُونڊ جو داد ڏجي ٿو جيڪوKIA ڪمپني جي اسپورٽيج گاڏي کڻي آيو جيڪا ان مقصد لاءِ موزون به آهي ته آرام ڏيندڙ به. هتي سنگت ڪجھ سفر جو ساز و سامان يعني ڪجھ کائڻ پيئڻ جو سامان ورتو ۽ پوءِ اصل سفر شروع ٿيو جنهن جو اسان کي بي صبريءَ سان انتظار هو.
دادو، جوهي لنڪ وارو رستو وٺي اسان پنهنجو سفر جاري رکيو. جوهي کان ٿورو پهرئين اسان کي هڪ گئس فيلڊ به نظر آئي جيڪا زم زما جي نالي سان سڏِجي ٿي. اڳتي هلندي 15 ڪلو ميٽرن تي جوهي جو شھر آيو، پر اسان باءِ پاس کان ٿيندا گذرياسين. دادو، جوهي لنڪ کان 45 ڪلو ميٽرن تي واھي پانڌيءَ جو شهر آيو. جوهيءَ کان واھي پانڌيءَ تائين سنڌ جي ڪاڇي جي پٽي آهي جنهن جي تعريف اسان کي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿي. جوهيءَ کان واھي پانڌيءَ تائين 29 ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي.
واھي پانڌيءَ کي اسان گورک جو ”گيٽ وي” به چئي سگھون ٿا. عام طور تي هر ايندڙ سياح هتي بيهي ٿو. ڇو ته عام ڪار هتان کان اڳتي جو سفر نٿي ڪري سگهي جن کي هتي ڇڏي ڪري هتان کان لوڪل جِيپون کڻي سياح اڳتي چڙهن ٿا، پر اسان جيئن ته ان ڳالھ جو انتظام پهرين ئي ڪري ورتو هو اُن ڪري اسان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ئي سفر جاري رکيو جيڪو ڪافي بهترين رهيو. لوڪل جيپون اسان کي رستي تي بيٺل مليون ڇو ته سندن انجڻ گرم ٿي پئي وئي ته ٿڌي ٿيڻ لاءِ بيهي ٿي رهيا. اسان ٽنهي جو گورک هل ڏانهن هي پهريون سفر هو، اِن ڪري رستي تي مختلف جڳهين تي اسان مقامي ماڻهن کان صحيح رستي وڃڻ جي تسلي پئي ڪئي. هونئن ته بجلي جا پول به ڪنھن حد تائين صحيح رستي جي پڪ ڏياري رهيا هئا. امُن امان جو به اسان مقامي ماڻهن کان ئي پئي پڇيو جن ٻڌايو ته هاڻي هتي فورسز موجود آهي ان ڪري ڪابه ڳڻتي جي ڳالھ ناهي. حالانڪه اسان کي رستي جي ڪناري تي جوڙايل پوليس اسٽيشن جون سڀ عمارتون ڪافي وقت کان خالي پيل مليون. خير اھڙو ڪو مسئلو اسان کي محسوس به نه ٿيو. رستي تي پاڻي جا پائپ به روڊ سان گڏ پئي هليا جن جو رخ پڻ مٿي هِل اسٽيشن ڏانهن هو. ڪافي جڳهين تي پاڻي جي پمپنگ يونٽن نما عمارتون به ڏٺيون سين. اگر آبادي جي ڳالھ ڪجي ته چند ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيا جتي ڪچا ۽ ننڍڙا گھر هئا يا وري پٿر مان جوڙيل ڪجھ ڪمري جيترا ڇپرا. تقريبن سڀني ڳوٺن ۾ روزگار جو ذريعو چوپايو مال آهي اُن ۾ به خاص ڪري ٻڪريون.
شروعات ۾ لاهيون چاڙهيون ايڏيون ڏکيون ناهن، پر جيئن جيئن هِل اسٽيشن ويجهو ٿئي ٿي تيئن تيئن انهن جي ڪُنڊ وڏي ٿيندي وڃي ٿي. واھي پانڌيءَ کان گورک 50 ڪلو ميٽر پري آهي.
هن رستي تي هلندي ڪافي جڳهيون فوٽو گرافي لاءِ تمام موزون آهن اسان پڻ اُتي ننڍا ننڍا وقفا ڪندا ڪئمرا جي اک سان منظرن کي محفوظ ڪندا پئي وياسين. اهو اهم آهي ته واھي کان گورک تائين هن سڄي رستي ۾ ڪٿي به اهڙو ڪو وڏو ريسٽورينٽ ناهي جتي بيهي سگهجي ان ڪري سفر تي نڪرڻ مهل اھڙي تياري پهرين کان ئي ڪري اچجي. رستي جي ڳالھ ڪجي ته رستو ڪافي حد تائين پڪو ٺهيل آهي، پر ڪافي اهڙا مقام آيا ﺟﺘﻲ رستو ٽٽل آهي جنهن جو ظاهري سبب اهو محسوس ٿيو ته اُتان برساتي نالن جو وهڪرو گذري ٿو جيڪو رستي کي ٽوڙيو ڇڏي ٿو. حڪومت کي هتي اھڙي رٿا بندي ڪرڻي پوندي جو برساتي پاڻي جو رستو به نه رڪجي ۽ روڊ به سٺي حالت ۾ رهجي وڃي. هتي اسان کي رستي جي رهنمائي ڪندڙ ڪجھ بورڊ مليا، پر اڃان ان ۾ بهتريءَ جي ڪافي گنجائش آهي. رستي جي ٻنهي پاسي گڏ هلندڙ جبلن جي جاگرافي تمام دلچسپ آهي ڪجھ ته اھڙا جبل آهن ڄڻ ته ڪاٺ جا ٺهيل ھجن. ڪجھ وري اھڙا ڄڻ ننڍا ننڍا پٿر گڏ ڪري ٺاهيا ويا ھجن. مطلب ته ان سبجيڪٽ سان دلچسپي رکڻ وارن ماڻهن لاءِ هتي ڪافي مواد موجود آهي. خير سفر کي جاري رکندي اسان گورک جي چوٽيءَ تي سج لهڻ کان بس ٿورو پهرين پهتاسين. اسان کان اڳ ۾ به ڪافي سياح گورک تي موجود هئا جن ۾ مرد، عورتون، ٻار به شامل هئا. گاڏي مان لهي وڏو ساهه کنيوسين ته سفر خير سان پورو ٿيو ۽ اچي منزل تي پهتا آهيون. ھي سڀ کان اوچي ۽ آخري پوائنٽ آهي گورک جي، جتي کاٻي پاسي کان ٽڪريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ ڪافي سهڻو(walking track) يعني پنڌ هلڻ جو رستو آهي جنهن کي وٺي اسان به گھمندا وڃي آخري ڇيڙي وٽ پهتاسين جتان بيهي اسان گورک جي حَسين سانجهي جا منظر ڏٺا. هتان جي سانجهي ۽ باک ڦٽي مشهور آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ سڀ ماڻهو ڪوشش ڪري ان وقت تي پهچن ٿا. گورک جي اوچائي تقريبن 5700 فوٽ آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان 2500 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. گورک جي رات پڻ رونق سان ڀرپور آهي. کُليل ۽ پرسڪون ماحول جنهن ۾ ڪنهن وقت ڪا ايندڙ يا ويندڙ گاڏي خلل وجھي ٿي نه ته باقي قدرتي ماحول پنهنجي حُسن سان هڪ منفرد انداز ۾ موجود آهي. ان سڄي خوبصورتي کي چار چنڊ وري هتان جي ٿڌڙي هير لڳائي ٿي. جون جهڙي گرمي ۾ به رات سرد لڳي رهي آهي جيڪا مسلسل وڌندي وڃي ٿي. نيٺ ماڻهو اُن کان بچاءِ لاءِ ڪا شال يا اجرڪ اوڍي ٿو.
رات جي وقت تقريبن سڀ ماڻهو ريسٽورينٽ جي کُليل احاطي ۾ ويهي پاڻ ۾ ڪچهري به ڪن ٿا ۽ کاڌي پيتي جو مزو به وٺن ٿا. ڪجھ نوجوان کُليل آسمان هيٺ سامهون ٺهيل پارڪ ۾ ويهي هڪ ٻئي کي شاعري ۽ ڪلام ٻڌائين ٿا جيڪو منظر سنڌ جي مچ ڪچهري سان مشابهت رکي ٿو. هي هوٽل يا ريسٽورينٽ مٿانهين چوٽي کان ڪجھ هيٺ آهي. رهائش لاءِ ڪمرا هتي هوٽل سان بلڪل گڏ به موجود آهن ته مٿانهين واري پوائنٽ تي به ٺهيل آهن. ھوٽل جي بلڪل سامهون ڪجھ رھائشي ڪمرا اڃان جُڙي رهيا آهن. اُن پاسي کان ئي بلوچستان گورک کي لڳي ٿو جتي چيڪ پوسٽون ٺهيل آهن. جيتوڻيڪ ٻاهر هوا جي ڪري رات سرد آهي، پر ڪمري ۾ وڃڻ کانپوءِ ايڏي سردي محسوس نٿي ٿئي، پر ڪمبل وغيره موجود ھوندا آھن. هتي ترسڻ دوران پاڻيءَ جي استعمال ۾ احتياط لازمي آهي جنهن لاءِ بورڊ پڻ لڳل آهن.
سانجهيءَ وانگر باک ڦٽيءَ جا منظر ڏسڻ لاءِ سوير اٿڻو پوي ٿو يا ڪجھ دوست وري رات جاڳي باک ڦٽيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. اسان سفر جي ٿڪ ڪري سڄي رات جاڳي نه سگهياسين، پر صبح جو سوير ضرور اٿياسين ته جيئن اڀرندڙ سج جا منظر ڏسي سگھون. بس ان وقت کانپوءِ هتي ايندڙ تقريبن مسافر واپسي جي راھ وٺن ٿا ڇو ته ڪرائي تي آيل جيپ وارا به ايتري وقت لاءِ ئي اچن ٿا. ان ڪري اسان به پنهنجي واپسي جي تياري ڪئي.
گورک جي بهتري لاءِ جيڪي ڳالهيون اسان کي محسوس ٿيون اُهي هي آهن: خاص طور تي گورک جي ترقي لاءِ قائم ڪيل گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي جيتوڻيڪ ڪافي ڪم ڪيو آهي، پر اڃان هن ماڳ کي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ روڊن رستن جي تعمير ۽ مرمت، رهنمائي ڪندڙ بورڊ لڳرائڻ، رستي ۾ حفاظتي چوڪيون قائم ڪرڻ، رستي ۾ ڪو سٺو ريسٽورينٽ تعمير ڪرڻ ۽ گورک تي موجود کُليل هوا ۾ ويهڻ وارين ڪرسين جو تعداد وڌائڻ وغيره شامل آهن. اميد آھي ته سنڌ حڪومت ۽ هيءَ اٿارٽي انهن مسئلن تي ڌيان ڏيندي ۽ اسان جي ٻي وزٽ تائين تائين ضرور ڪجھ بهتري ايندي.

