بلاگنئون

پرو فائل شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار- قمر شهباز

سليم چنا

قمرالدين ولد محمد مقبول ٻگهيو (قمر شهباز) 13 اپريل 1938ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ هائر سيڪنڊري تعليم نوابشاهه مان ورتائين. مشهور تعليمدان ايڇ ايم خواجه واري اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ ڪرڪيٽ ڏاڍي شوق سان کيڏيائين. خوبصورت شخصيت جو مالڪ هو. ايم. اي انگريزي (ادب ۾) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1962ع ۾ پاس ڪيائين. پي ٽي وي توڙي ريڊيو لاءِ تمام گهڻا ڊراما، ناٽڪ لکيائين، سندس اکر تمام سٺا صاف سٿرا هوندا هئا.

1962ع کان 1963ع تائين گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص، 1964ع تائين گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه، 1964ع کان 1969ع تائين گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي رهيو. اڳتي هلي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن وزير علي انڊسٽري حيدرآباد ۾ رهيو. 1986ع تي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڊراما سندس صنفون رهيا.

هن بين الااقوامي ادب کي پڙهي پنهنجين لکڻين ۾ جدت آندي ۽ سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرايو. ساڳي وقت سنڌي قديم ۽ جديد ادب جو مطالعو به هن باريڪ بينيءَ سان ڪيو هو. تنهنڪري سندس شاعري، ڪهاڻي توڙي ڊرامي ۾ اسان کي پنهنجو ثقافتي، فڪري ۽ تاريخي رنگ به چٽو نظر اچي ٿو.

پاڻ جڏهن ڪنڌڪوٽ جو پرنسپال هو، تڏهن اتي ٿيندڙ هڪ مذهبي انتها پسندي واري واقعي سندس جيءَ کي جهوري وڌو ۽ ان واقعي تي هن امر جليل کي هڪ ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو تنهن کانپوءِ ئي امر جليل “سرد لاش جو سفر” نالي ڪهاڻي لکي سهڻي رسالي ۾ ڇپرائي هئي، جنهن سڄي سنڌ جي صوفي ۽ ساڃاهه وند حلقي کي ڏکارو ڪري مذهبي انتها پسندي کي وائکو ڪري ڇڏيو هو.

قمر شهباز جي ڪهاڻي نيٽي جيٽي پُل، درد ڀريل مڪالمن ۽ منظرن سان ڀري پئي آهي. ان ڪهاڻي جو هڪ ننڍڙو جملو به اندر وڍي ٿو وجهي. “بند اکين سان چيائين: خبر اٿئي منهنجي جوان پٽ خودڪشي ڪئي هئي”.

“ها” انصاف علي وراڻيو. “بيروزگار هو، ڊگريون سانڍي ساڻو ٿي پيو هو، ٻن ڪاغذن جو بار گهڻي دير کڻي نه سگهيو، مون سندس ٻئي ڊگريون سنڀالي رکيون آهن، سندس پگهر جي خوشبو ايندي اٿم انهن ڪاغذن مان”.

قمر شهباز ڪهاڻي “ڪارا ماڻهو” ۾ هڪ هنڌ هينئن تکن لفظن جا تير وسائي ٿو.

“مڙسن کي غيرت ايندي آهي؟ ٻه دفعا يورپ ڀڄي وئي آهين يارن سان ڪو لفظ چيو اٿائين توکي زبان سان”؟

“هوءَ ٽهڪ ڏئي کلي پئي، چيائين: پيريءَ ۾ جوان جماڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارا اکيون، ڪن ۽ زبان بند رکندا آهن. هونئن به وڏيرڙا ويچارڙا گهر جا ڪڪڙ مارڻ ۾ ماهر هوندا آهن. عورت کي پير جي جتي چوڻ وارا، شهرن ۾ اهائي جُتي مٿي تي رکي گهمندا آهن”.

قمر شهباز پنهنجي ڪهاڻي “ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي ڇڏيو” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو. (1) اسڪول ٻيهر کلي ويو، پر نه رتنا رهي نه بلراج ڀولو، نه داداگير نه جانڪي ۽ نه ڇولن وارو پوهو مل، ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي ڇڏيو هو، شهر بدلجي ويا، ماڻهو بدلجي ويا، سوچ بدلجي وئي.

قمر شهباز کي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ پڙهنداسين ته سندس هيٺيون شاهڪار سٽون سندس هڪ جديد ۽ پختي شاعر هجڻ جو ثبوت ڏينديون:

  1. توڙي ڪاري ٻاٽ، توڙي اوکو ماڳ

ٻارينداسين ساٿيو، آنڌيءَ ۾ ڀي لاٽ،

ملي ويندي واٽ، متان ير ماندا ٿيو.

سندس ٻين صنفن سان گڏ آزاد نظم به نرالا آهن، ڏسو ته ڇا ٿو لکي!

(1) تنهنجي چاهت چکيا آهي، سورٺ آءُ سينگار ڪري.

ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري!، ڪانڌن کي ڇا ڪرٽ جهليندا،

ڪونڌر آخر ڪسندا رهندا. پروانن جي، مستانن جي،

سوريءَ ريءَ ڪيئن سِري سَري، ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري!.

قمر شهباز سنڌو درياهه سان پنهنجي پيار جو اظهار هئين به ڪري ٿو:

سنڌو تنهنجي لهر لهر ۾، منهنجا گيت سمايا،

تنهنجي ڇولين ۾ جا ڇلڪي سائي منهنجي ڇايا.

پنهنجي تخليقي سفر جي آخري نئين نڪور دور ۾ آگسٽ 2008ع کان اپريل 2009ع تائين هن بنا ساهي پٽڻ جي ماهوار امرتا لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سندس ڪهاڻي “تياڳ” جو هڪ جملو ڄڻ ته درد کي پسيندي هيئن لکيو هئائين:

“پاڻ ڪروڙ پتي هوندي به ڪنگلو هو، پنهنجي منهن ڳالهائيندو هو ۽ ٻاٽلي پي پاڻ تي روئندو هو، اندر ۾ ڇا وهندو واپرندو هئس، سو فقط هو ئي ڄاڻندو هو”.

وفات کان ڪجهه هفتا اڳ هو حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ياترا تي هليو آيو. پنهنجن پراڻن دوستن سان ملاقاتون ڪيائين. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وڃي يادن جا پل سهيڙيائين. حيدرآباد اچڻ کانپوءِ امرتا جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول سان ملڻ جي ڏاڍي چنتا هئس ۽ کيس فون ڪري گهرايائين. هو پرنسپل جي عهدي تي رهڻ کانپوءِ گيهه ڪارپوريشن ۾ هڪ وڏي عهدي تي به رهيو پر پنهنجن ادبي دوستن سان ناتو نه ٽوڙيائين.

18 اپريل 2009ع تي حميد سنڌي سان ملڻ آيو. 05 مئي 2009 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيائين.