نئونناول هائپرسومنيا (ناول: باب ڏهون) March 12, 2024 Zahida Abro ٻن ڏينھن کان پوءِ، جڏھن ماريه واپس آئي ته، عبدالرحيم پنھنجي ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو ھو. ان صبح جو ٻلين واري خواب ڏسڻ سان کيس پنھنجي ڳوٺ جي ڳھر ٿي پئي ھئي، کيس ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ماءُ جي قبر کيس سڏي رھي ھئي… ان پل اٿاھه گهرائيءَ سان سندس دل چاھيو ھو ته، سندس ماءُ حياتيءَ ھجي ھان ۽ ھو ساڻس پنھنجي انھيءَ گهر ۾، ساڳي جاءِ تي ويھي ڪچھري ڪري ھان! جنھن جاءِ تي ستي پئي خواب ڏٺو ھئائين. ھن سوچڻ شروع ڪيو ھو ته: جيڪڏھن امان جيئري ھجي ھان ته، اڄ ڳوٺ وڃي کيس ٻڌايان ھان ته: ”امان! مون ھي خواب ڏٺو آھي! جنھن ۾ ھڪ ڀوري ٻليءَ جي ڀڄي وڃڻ جو ڏک ٿي پيو اٿم، اداس ٿي ويو آھيان، ائين پيو لڳي ڄڻ اھا ٻلي خواب مان نه پر منھنجي زندگيءَ مان ھلي وئي آھي، سندس وڃڻ سان اندر ويران ٿي ويو آھي… مان اڪيلائي محسوس ڪري رھيو آھيان!“ اھڙو منظر سوچيندي ئي سندس اکيون آليون ٿي ويون ھيون، ھن جي ديد ڌنڌلي ٿي وئي ھئي، ان ڌنڌ ۾ کيس محسوس ٿيو ته: ماءُ کيس چئي رھي آھي: ”ڪھڙي تو پالي ھئي، جهنگلي ھئي، سو تڏھن ڀڄي وئي، تنھنجي پاليل ھجي ھان ته، ڪو تو سان بي وفائي ڪري ھان!“ ھن پنھنجي ماءُ جي آٿت محسوس ڪئي ته، سندس اکيون ٻيھر ڀرجي آيون ھيون… ھو ڪي ئي ساعتون خاموش رھجي ويو ھو. پنھنجي اباڻي گهر ۾ ايندي ئي کيس ماضيءَ جون ساروڻيون سامھون ڦري آيون، ھو انھن سان ڪو وقت جهيڙيندي رھجي ويو ھو. ننڍپڻ ۾ جڏھن عبدالرحيم ماءُ کي پنھنجي پاڻ ۾ وڃائجي ويل ڏسندو ھو ته، وڃي سندس ھنج ۾ آھلجي پوندو ھو، تنھن پل سندس ماءُ جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھئا… ھو ماءُ کان پڇندو ھو ته: ”امان! ڇو ٿي روئين؟“ ته ماءُ کيس وراڻيندي ھئي: ”پٽ! سارَ به اھڙي بلا جيان آھي، ماڻھوءَ کي ڏنگي وڃي ته، ماڻھو نه مري سگهي ۽ نه ئي جِي سگهي!“ تڏھن کيس ماءُ جي درد جو ڇيھه معلوم ٿي نه سگهندو ھو پر ھاڻي جڏھن سوين سارون کيس ڦري آيون ھيون ته، انھن کان ڏنگجي، زخمي ٿي پيو ھو ۽ انھن زخمن ۾ راحت ڳولي رھيو ھو… کيس اھڙي راحت گهڻو ڏور نڪري وڃڻ کان پوءِ ملي ھئي. موسم گهڻي ٿڌي به نه ھئي… پر ھن پنھنجي گهر جي اڱڻ ۾ سمھڻ چاھيو ھو، ھن پنھنجي کٽ بلڪل ان جاءِ تي رکرائي ھئي، جنھن جاءِ تي خواب ۾ پاڻ کي ستل ڏٺو ھئائين. رات جي گهڻي حصي تائين ھو پنھنجي ڀاءُ ۽ ٻين گهر ڀاتين سان ڪچھري ڪندو رھيو ھو. ڪڻڪ جي فصل کان سارين جي پوک جي مشڪلاتن تي ھنن ڳالھايو ھو. جڏھن ڀاءُ کيس چيو ته: ”سارين جي پوک وقت پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ويندي آ!“ ته کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ کائن سڀ ڪجهه ڦُرجي رھيو ھجي! ڪچھريءَ ۾ ھن ويچاريو ته، ھاڻي ھو پنھنجي زمين ۾ جوئر، ٻاجهري، تِر ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا فصل نه پيا اپائين. ھو پنھنجي زرخيز زمين جي باري ۾ سوچي رھيو ھو ۽ ماضيءَ ۾ وڃي سارين جي فصلن کي ياد ڪري رھيو ھو، کيس ساريون سٽڻ ۽ پوءِ پلال جا ڍير ڪري چوپائي مال جي لاءِ رکي ڇڏڻ ياد آيا، ان لمحي ھن شدت سان سارين جي سڳنڌ محسوس ڪئي، جنھن کيس کن پل لاءِ معطر ڪري ڇڏيو ھو ته، ڀاءُ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو: ”اسان ماڻھن سان اھو الميو آھي جو جڏھن اسان جي زمين کي پاڻيءَ جي ضرورت ھوندي آھي ته، پئي سڪندي آھي ۽ جڏھن ضرورت ناھي ھوندي ته، ٻوڏ اچي ويندي آھي!“ ھو پنھنجي ڀاءُ جي ڳالھه کان پوءِ اھڙي بي رحميءَ جي تهه تائين پھچي ويو ھو، ۽ ھن کيس وراڻيو: ”اڳي درياءُ پاڻ وھندو ھو، پر ھاڻي پاڻ ناھي وھندو… وھايو ويندو آھي!“ عبدالرحيم پنھنجي ننڊ واري وقت شدت سان چاھيو ھو ته، جيڪر اھو ساڳيو ٻلين وارو خواب اتان کان اڳتي ڏسي، جتي ٻه ٻليون ڪمري ۾ بند ڪيون ھئائين… پر ان رات ھن ڪو به خواب نه ڏٺو ھو ۽ ھڪ خوشگوار ننڊ ڪئي ھئائين، کيس اھڙي ننڊ گهڻين راتين کان پوءِ آئي ھئي. ھو پرھه ڦٽيءَ جو ننڊ مان سجاڳ ٿي ويو ھو، سندس مزاج ۾ خوشگواريت جو احساس ھو. انھيءَ پل کيس ائين محسوس ٿي رھيو ھو ته، زندگي اڃان حسين آھي، ٻيھر به جِي سگهجي ٿي! عبدالرحيمَ ڳوٺ ۾ وڌيڪ رھڻ چاھيو ھو، پر ڪنھن اڻ ڄاتي سبب ڪاڻ صرف ٽي ڏينھن رھي سگهيو ھو، انھن ٽن ڏينھن ۾ کيس شدت سان پنھنجي اندر جي خوفناڪ بي ترتيبيءَ جو احساس ٿيو، انھيءَ بي ترتيبيءَ سان ئي کيس پنھنجي پاڻ جي تباھه ٿيڻ جو امڪان نظر اچڻ لڳو ھو، ھن جي ڪوشش ھئي ته، ڪھڙي به ريت پاڻ کي ان ساڳي زندگيءَ ۾ واپس آڻي، جيڪا کائنس وڃائجي وئي آھي! انھن ٽن ڏينھن ۾ ھن اٿاھه گھرائيءَ سان پنھنجي سوچ، عمل ۽ نفسيات تي غور ڪيو ھو. انھيءَ غور فڪر ۾ ھن محسوس ڪيو ته: ڳوٺاڻن جي ڀيٽ ۾ شھري آبادي اڪيلائپ، ويڳاڻپ ۽ نراسائيت جو شڪار آھي، ھو ھڪٻئي کان اجنبي ۽ لاتعلقيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آھن… ھو اھڙي پاسي وھندا پيا وڃن، جنھن جو کين ڪو به ادراڪ ناھي! ھو پنھنجي انھيءَ ڪمري ۾ ويٺو ھو، جيڪو ھاڻي سندس اچڻ جي انتظار ۾ ھوندو ھو ته، ٻه ٻليون ھڪٻئي جي پويان تيزيءَ سان ڊوڙنديون ڪمري ۾ داخل ٿيون، ھنن ھڪٻئي تي خوفناڪ کيکراٽ ڪيا… عبدالرحيم کي منجهائن ڪوفت ٿي، پر پوءِ به ھن اٿي کين ڊوڙائڻ نه چاھيو ھو، ھو کين ھڪٻئي کي تڪيندي ڏسي رھيو ھو. ٻئي پل ھڪ ٻلي اچانڪ ٻاھر ڊوڙي نڪري وئي ھئي ۽ ٻي خاموشيءَ سان سندس ڪمري ۾ رھجي وئي ھئي. عبدالرحيمَ جيئن ئي ڪاري ٻليءَ کي ڏٺو ته، کيس خواب ۾ ٻن ٻلين کي قيد ڪرڻ ياد آيو… ان وقت کيس خواب ۽ حقيقت ۾ ساڳئي ڪمري ۾ ٻلين جي داخل ٿيڻ تي بيحد حيراني ٿي ھئي… انھيءَ حيرانيءَ ۾ ھن سوچڻ شروع ڪيو ھو ته: خواب ۽ حقيقت جو پاڻ ۾ ڪھڙو تعلق آھي!؟ مون چار ڏينھن پھرين خواب ڏٺو ھو ته، منھنجي ڪمري ۾ ٻليون داخل ٿيون آھن ۽ شھر مان ان جاءِ تي آيو آھيان!؟ ”حيرت آھي!“ ھن پنھنجي منھن ڀڻڪيو. ”مان ڇو آيو آھيان!؟“ ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو، انھيءَ سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ ھن سوچڻ شروع ڪيو ھو… سوچ جي پاڻيءَ جھڙي رستي تي نڪرڻ کان اڳي، ھن کي پنھنجو اھو ڪاٺ ڪٺڙي وارو خواب ياد آيو ھو، جنھن ۾ ڪاٺ ڪٺڙو سندس گهر جي سنبل تي اچي ويٺو ۽ صبح جو ھن انھيءَ ٿڙ کي ھٿ لائي پئي ڏٺو. عبدالرحيم سمجهي نه پئي سگهيو ته، ھو خوابن جي پيروي ڇو ڪري رھيو آھي!؟ ھو پنھنجي ماءُ جي ياد اچڻ تي ڳوٺ آيو ھو ته، جيئن سندس قبر تي وڃي يا ٻلين جو خواب سندس ڳوٺ اچڻ جو سبب بڻيو ھو، وٽس اھڙن سوالن جا ڪي به واضح جواب نه ھئا. ڪافي دير ھو پنھنجي ڪمري ۾ ائين خاموش ويٺو رھيو ھو، جيئن ڪاري ٻلي سندس ڪمري ۾ خاموش رھجي وئي ھئي. ٽھپريءَ کان پوءِ ھو پنھنجي ڪمري مان نڪتو ۽ قبرستان ڏانھن ھليو ويو ھو. جنھن وقت ھو پنھنجي ماءُ جي قبر کان واپس پئي آيو ته، کيس ياد آيو، ماءُ کيس چوندي ھئي: ”تون پنھنجي پيءُ جو خواب ھئين، پر ھو تو کي ڏسي نه سگهيو ھو!“ ان پل ھن شدت سان پنھنجي سماعتن ۾ ماءُ جو آواز گوجندي محسوس ڪيو ته، سندس اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پيا، ھن بي اختيار ٿي روئي ڏنو ھو… کيس پنھنجي پيءُ سان زندگي نه گذاري سگهڻ جو ڏک ھو، ھن انھيءَ ڏک خلاف اڪثر خدا آڏو احتجاج ڪيو ھو… جيئن جيئن سندس عمر وڌي رھي ھئي، تيئن تيئن سندس خاموش احتجاج وڌيڪ دردناڪ ٿي رھيو ھو. شروع شروع ۾ ھر احتجاج کان پوءِ سندس تصورن جو ھڪ نئون، پراسرار ۽ اداس سلسلو جڙندو رھندو ھو، پر بعد ۾ سندس زندگيءَ جي انھيءَ خالي پڻي کي خوابن ڀرڻ شروع ڪيو ھو. ھو ڪا مھل تصور جي کنڊرن ۾ ڀٽڪندو رھندو ھو، جتي خلائن مان پنھنجي پيءُ جو آواز دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو، ھر ڀيري نئون آواز کيس ڏکوئي ويندو ھو… ائين ئي پنھنجي زندگيءَ جي ھڪ نراس رات جي ڪنھن پھر ۾ پيءُ ساڻس خواب ۾ مخاطب ٿيو ته، ھن عمر ڀر انھيءَ آواز کي پنھنجي پاڻ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن ھو واپس شھر ڏانھن سفر ڪري رھيو ھو ته، کيس ماءُ جي اھا ڳالھه ياد آئي، جڏھن پاڻ ماءُ سان گڏ پنھنجي پيءُ جي قبر تي ويندو ھو، ماءُ کيس چوندي ھئي: ”پيءُ جي قبر تي وڃڻ پٽ جي عمر وڌائي ڇڏيندو آھي!“ *** Post Views: 109