پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ وفاق کي بجلي ۽ گيس بابت خط لکي ڇڏيو آهي

سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بجلي ۽ گيس جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. امتياز شيخ مصدق ملڪ کي موڪليل خط ۾ چيو ته مطالبا پورا ڪرڻ ۾ سنڌ سان ناانصافي افسوسناڪ آهي، نئين گئس پاليسي صوبائي حڪومت جي مشاورت سان ٺاهي وڃي. امتياز شيخ وڌيڪ لکيو ته ملڪ ۾ گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 62.30 سيڪڙو آهي، وفاقي ريگيوليٽري باڊيز ۾ صوبي جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي.