خاص

هاڻ واٽس ايپ تي ميسيجز جو جواب ”چيٽ جي پي ٽي“ ڏيندو

جيڪڏهن اوهان مصروفيتن سبب دوستن ۽ احبابن جي واٽس ايپ تي ايندڙ پيغامن جو جواب وقت تي نٿا ڏئي سگهو ته فڪر نه ڪريو، هاڻ اوهان جي اها مشڪل ChatGPT حل ڪري ڇڏيندو. عالمي خبر ڏيندڙ اداري مطابق واٽس ايپ کي جديد دنيا ۽ نت نئين ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ChatGPT جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سماجي رابطي جي ايپليڪيشن ”واٽس ايپ“ تي ChatGPT هاڻ موڪليل سمورن پيغامن جو جواب ڏيندو جنهن لاءِ واٽس ايپ استعمال ڪندڙن کي پنهنجي اڪائونٽ ۾ چيٽ جي پي ٽي کي GitHub جو استعمال ڪري انٽيگريٽ ڪرڻو پوندو.