بلاگنئون

چونڊون…!

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم محمد علي جناح چيو ته، ملڪ ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، هتي نه ته ڪو پنجابي، سنڌي، پٺاڻ، بلوچ آهي، اسان سڀ پاڪستاني آھيون. اسان کي پنھنجي سوچ ۽ عمل ذريعي پاڪستان نظر اچڻ گھرجي ۽ اسان جون ھيٺيون ذميواريون آھن.
سڀني شھرين کي پنھنجي زندگي بنا ڪنھن خوف خطري جي گذارڻ گھرجي.
شھرين کي وفادار ۽ محب وطن ھئڻ گھرجي ۽ آزمائش جي گھڙي ۾ کين پنھنجي رياست لاءِ سڀ ڪجهھ قربان ڪرڻ گھرجي.
شھرين کي پنھنجي گذر سفر لاءِ ايمانداري سان آمدني ڪمائڻ گھرجي، ڪوڙ ٺڳي ۽ دوکي بازي کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
ھر شھري کي رياست جي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ذميواريون: اڄڪلھه جون رياستون آبادي جي لحاظ کان تمام گھڻيون وڏيون آھن، انھن ۾ بغير چونڊن جي جمھوري حڪومت جو قائم ٿيڻ ممڪن نه آھي. چونڊن ذريعي ووٽ ڏيندڙ قانون سازي ۽ ملڪي خوشحالي ۾ شريڪ ٿين ٿا، اھي پنھنجن پنھنجن علائقن مان نمائندا چونڊي اھم ڪم سر انجام ڏين ٿا.
آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 218(3) جي تحت آزادانه، منصفاڻي ۽ غير جانبدارانہه چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ذميداري آھي، جنھن تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائيندي رھي ٿي. چونڊن ۾ مختلف سياسي جماعتون ۽ آزاد اميدوار حصو وٺي، پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ چونڊجن ٿا.
چونڊن جا فائدا: ووٽ ڏيندڙن ۽ نمائندن وچ ۾ احساس ذميواري وڌي ٿي. سياسي تربيت پڻ ٿيندي رھي ٿي، ان کان علاوہ جيڪڏھن ڪو چونڊيل نمائندو ملڪي ڪارونھوار ۾ صحيح ڪردار ادا نٿو ڪري ته ٻي ڀيري اليڪشن ۾ نه ٿو چونڊجي سگهجي.
ووٽ ڏيڻ جو حق: ھر اھو پاڪستاني ماڻھو جيڪو پنھنجي ووٽ جو استعمال ڪري ٿو، ان کي ووٽ ڏيندڙ چيو وڃي ٿو، ملڪ ۾ سڀ ماڻھو ووٽ نٿا ڏئي سگھن اھي مرد ۽ عورتون ووٽ ڏئي سگھن ٿا جن جي عمر گھٽ ۾ گھٽ 18 سال ھجي، انھن جو نالو ووٽر لسٽن ۾ داخل ھجي، غير ملڪي يا غير واسطيدار ماڻھو ووٽ نہه ٿو ڏئي سگھي.
اقليتن ۽ عورتن جي نمائندگي: حڪومت پاڪستان اقليتن ۽ عورتن کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ انھن جون ڌار ڌار قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽون رکيون آھن.
حلقہ بندي: حلقہه بندي ذريعي ملڪ کي مختلف علائقن ۾ ورھايو ويو آھي تہه جيئن ووٽ ڏيندڙ پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ آساني سان ووٽ ڏئي سگھن، ان کان علاوہ ملڪ جي ھر علائقي مان نمائندا پڻ چونڊجي اچن ٿا.
چونڊون ڪرائڻ جا فائدا: چونڊون ڪرائڻ سان ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻھن جي نمائندگي ٿئي ٿي، جيڪي پنھنجن پنھنجن علائقن جي ڪمن ڪارن ۽ مسئلن متعلق پاليسيون جوڙائين ٿا، جنھن سان ملڪ ۾ خوشحالي اچي ٿي.
اسيمبليون ۽ ان ۾ ايندڙ نمائندن جي چونڊ: قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ ملڪي قانون ساز ادارا آھن، جتي ملڪي پاليسيون منظور ڪيون وينديون آھن. قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نمائندن جي چونڊ اليڪشن ذريعي ٿئي ٿي ۽ سينيٽ جي چونڊ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا چونڊيل نمائندا ڪندا آھن، جنھن ۾ ٽيڪنوڪريٽ ۽ عالم پڻ شامل ھوندا آھن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن لاءِ اھو ضروري آھي تہه انھن جي عمر گھٽ ۾ گھٽ پنجويهه سال ھجڻ ضروري آھي، ان کان علاوه پاڪستاني شھري ھجي، سندن ووٽر لسٽن ۾ نالو داخل ھجي ۽ پڙھيو لکيو ھجي.
مٿي ڏنل ڄاڻ ان ڪري پهريان لکي آهي ته جيئن چونڊن جي، ماڻهن جي شرڪت ۽ ادارن جي ڪم جي ڄاڻ اوهان تائين پهچائي سگهجي. هاڻي اچان ٿو ملڪ ۾ چونڊن جي تاريخ تي، پاڪستان جا پهريان چونڊيل نمائندا 1945ع ۽ 1946ع جي چونڊن جي بنياد تي چونڊجي آيا، انهن چونڊيل نمائندن تي مشتمل پهرين قانون ساز اسيمبلي وجود ۾ آئي، ان کان پوءِ 1971ع تائين ملڪ ۾ چونڊون نه ٿي سگهيون. تقريبن 07 آڪٽوبر 1958ع تائين جمهوري حڪومت رهي ان کان پوءِ مارشل لا حڪومت لاڳو ٿي. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته جمهوري حڪومت ان کي چئبو آهي جنهن ۾ چونڊن جي ذريعي نمائندا چونڊجي اچن، ٻين لفظن ۾ عوام پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊي ان کي جمهوري حڪومت چئبو آهي. مارشل لا حڪومت ان کي چئبو آهي جنهن کي هڪ ماڻهو هلائي، جنهن کي اسان ٻين لفظن ۾ چوندا آهيون ڊڪٽيٽر پورو ملڪ هلائي، سندن حڪم ئي هلندو هجي ان کان علاوه آئين معطل هوندو آهي. اها ٻي ڳالھه آهي ته اسان جا ڪجھه مارشل لا سربراھه مارشل لا دوران قانون به ڏنا آهن. پر اهي آئين مقبول نه هوندا آهن، بهرحال ملڪ ۾ پهريون چونڊون ملڪ ٺهڻ کان پوءِ 7 ڊسمبر 1971ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ اوڀر پاڪستان (بنگال) ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي پارٽي عوامي ليگ ڪامياب وئي، اولھه پاڪستان ۾ وري ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي، ٻنهي پارٽين جي پاڻ ۾ هم آهنگي نه ٿي، ان ڪري ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه رهيون ۽ بنگال اسان کان ڌار ٿي 20 ڊسمبر 1971ع ۾ الڳ ملڪ بڻجي ويو، جنهن کي هن وقت بنگلاديش چيو وڃي ٿو، پاڪستاني حڪومت بنگلاديش کي 1974ع ۾ هڪ ملڪ طور تسليم ڪيو. ملڪ ۾ ٻيون عام چونڊون 7 مارچ 1977ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪاميابي ملي، اڃان حڪومت مس ٺهي هئي ته 7 جولاءِ 1977ع ۾ اها جمهوري حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ ٽين مارشل لا لڳائي وئي. پهرين مارشل لا فيلڊ مارشل محمد ايوب لڳائي هئي. ٻي مارشل لا جنرل يحيٰ خان لڳائي هئي ۽ ٽين مارشل لا جنرل ضياءَالحق لڳائي جيڪا سندس حادثاتي موت 20 آگسٽ 1988ع کان پوءِ ختم ٿي. تنهن کان پوءِ صدر پاڪستان غلام اسحاق خان ملڪ ۾ ايمرجنسي ڪائونسل قائم ڪري ملڪ کي هلايو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ٽيون دفعو عام چونڊون 16 ۽ 19 نومبر 1988ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جي پهرين خاتون وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو چونڊجي آئي. ملڪ ۾ چوٿون دفعو عام چونڊون 24 آڪٽوبر ۽ 27 آڪٽوبر 1990ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ اسلامي جمهوري اتحاد ڪامياب ويو، جنهن ۾ ميان محمد نواز شريف کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. ان کان پوءِ ملڪ ۾ پنجون عام چونڊون 6 ۽ 9 آڪٽوبر 1993ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ۽ هڪ دفعو ٻيهر محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم ٿي. ملڪ ۾ ڇهون دفعو چونڊون 3 فيبروري 1997ع ۾ ٿيون جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جو وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ٿيو، ميان محمد نواز شريف جي هلندڙ حڪومت کي 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف ختم ڪري ملڪ ۾ ايمرجنسي جي نالي سان مارشل لا لاڳو ڪئي، جيڪا 18 آگسٽ 2008ع ۾ ختم ٿي ۽ ملڪ ۾ ستون دفعو عام چونڊون 18 فيبروري 2008ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جو وزير اعظم مخدوم سيد يوسف رضا گيلاني ٿيو. ملڪ ۾ اٺون دفعو عام چونڊون مئي 2013ع ۾ ٿيون جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون ڪامياب ٿي ۽ ميان محمد نواز شريف ملڪ جو وزير اعظم ٿيو، ملڪ ۾ نائون دفعو عام چونڊون 25 جولاءِ 2018ع ۾ ٿيون جنهن ۾ تحريڪ انصاف پارٽي ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جو وزيراعظم عمران خان ٿيو.
هن وقت ڏهون دفعو عام چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿيڻ وڃن پيون، جنهن ۾ پڻ ماڻهون پنهنجو قيمتي ووٽ استعمال ڪندا، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهن چونڊن ۾ عوام پنهنجا ڪهڙا نمائندا چونڊي اسيمبلين تائين پهچائين ٿا.