مرڪز ارڙهين ترميم مان تنگ آهي
هاڻي ڏينهون ڏينهن شيون وڃن پيون خراب ٿينديون يا ائين چئون ته عوام ڏينهون ڏينهن ويندو دٻبو ۽ رياستي ادارا ڪجھه به نه ڪري سگهڻ واري پوزيشن ۾ ايندا ويندا، ۽ مڪمل نابري واري ويهندا. اهي سمجهن ٿا ته رياست کي جنوريءَ 2024 ۾ آءِ ايم ايف جون نيون قرض جون قسطون ملنديون ۽ رياست پنهنجون آپريشنل ڪاسٽ پوريون ڪري ويندي ۽ ملڪي دڪان هلندا رهندا، پر اسان ته اهو به سمجهون ٿا ته 300 ادارن مان جيڪي 25 شروعاتي سرڪاري ادارا خانگائيندا انهن ۾ پي آءِ اي ۽ ان جو “ريگيوليٽر” (جيئن اسٽيٽ بينڪ بينڪن جون ريگيوليٽر آهي، نيپرا ٽي وي چينلن کي ڪنٽرول ٿو ڪري، اوگرا پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي مٿان داٻو ڪيو ويٺو آهي ۽ اهڙا ٻيا) تيار ڪيو ويٺا آهن. اماراتي عربن سان ملڻ جو وڏو مقصد انهن کي ايئرپورٽ به ڏيڻ آهي ته اهي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن ايئرپورٽن کي ڪنٽرول ڪري مرڪز کي پيسا ڏين. انهن پورٽن تي پنهنجا جهاز آڻي ۽ هن رياست کي مٿڪيون ڏئي هنن جا پيٽ ڀرين. صوبا چپ چاپ اهي سڀ ڊراما ڏسندا رهندا ته ڪيئن انهن جا ئي ادارا کپائي مرڪز کائيندو ٿو وڃي ۽ ڪير ٻڻڪ نه ٿو ڪڇي. ان ڪري ته صوبن کي ڪنهن به سرڪاري ۽ غيرسرڪاري پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ جو حق ناهي، جو سڀاڻي جيڪي به سيڙپڪار ايندا، جيڪي فيڪٽريون ٽيڪس فري زون ۾ ڪم ڪنديون، انهن تي غيرملڪي يا غيرسنڌين جو قبضو هوندو. انهن کي ڪير چوڻ آکڻ وارو به نه هوندو، ان ڪري ته مرڪز جيترو مضبوط هوندو اوترو ادارا کپائيندو هڙپيندو ويندو، جيئن مست هاٿي هجي جيڪو وڻيس تيئن ڪري، ڪير جهل پل وارو نه هوندن.
اها ڳالھه به ڏکائي ٿي ته رياست وٽ مال مفت دل بي رحم آهي، جو 44 هزار ايڪڙ زمين رڳو ڪي پي مان اماراتي عربن کي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. اهي عرب پوءِ اتي زرعي سيڙپڪاري ڪن يا انڊسٽريون هڻن يا جيئن وڻين تيئن ڪن، پر هيءَ رياست رڳو پيسن جي مالڪ آهي يا 54 هزار ايڪڙ زمين سنڌ مان چونڊي چونڊي پنجابي سيڙپڪارن کي ڏئي ڇڏي اٿن، اهي سيڙپڪار جيڪي لاهور، فيصل آباد مان يا پنجاب جي ٻين شهرن مان هتي سيڙپڪاري ڪرڻ ايندا (يا آندا ويندا) اهي پنجابي سرمائيدار ڌاٻيجي، نوري آباد ۽ حب چوڪيءَ ۾ 500 کان به وڌيڪ نوان ڪارخانا هڻندا. ٻيون نيشنل ڪمپنيون ۽ ٻيا سرمائيدار جيڪي تقريبن 56 ارب ڊالر کان به مٿي جي سيڙپ ڪندا، اهي اڳ ۾ هلندڙ انڊسٽريل زونن ۾ ٻيون فيڪٽريون به شامل ڪندا، گڏوگڏ ٻيون فيڪٽريون به هڻندا ويندا ۽ هن خطي کي پنهنجي پَرِ ۾ خوشحال ڪندا ويندا، پر ٻئي پاسي اهي سڀ فيڪٽريون نوان نوان علائقا به جوڙينديون وينديون، اهي سيڙپڪار نيون نيون رهائشي اسڪيمون به هلائيندا ويندا ۽ پوءِ سنڌي ماڻهن کان بحريا ٽائون، اي ايس ايف ڪالونيون ۽ ڪمانڊر سوسائٽيون به وسري وينديون، اهي پوءِ اهڙي ترقي ۾ خوش هوندا، پر اهي سڀ زمينون ۽ مال ملڪيتون کپائي مرڪز کي رڳو مَٿڪي (ٽيڪس) کپي، پوءِ اهي ادارا ڪٿي به ڪم ڪن. هيءَ رياست اهو به سمجهي ٿي ته جي اهي ادارا لڳندا يا سنڌ سميت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ جي اهڙا صنعتي زون ٺهندا ته اتان جي لساني ۽ مذهبي گروهن کي ماٺيڻو ڪري وٺبو. جيڪي به لساني گروھه آهن اهي به ڪنٽرول ڪري سگهبا، ان ڪري ته سڀ کان پهرين ماڻهن جي “ويسٽيڊ انٽريسٽ” کي مدِنظر رکجي، انهن کي ٽڪي ٽڪي جي ڳالهين ۾ وڪوڙي ويڙهي اهڙو تنگ ۽ سوگهو ڪجي جو انهن ماڻهن کان صوبي ۽ لسانيت جو جِن لهي وڃي. جيئن ضياءَ پنهنجي دور ۾ سڀني ديشن ۽ جيالن کي اسٽيل مل سميت، اسٽيٽ بئنڪ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايتريون ته نوڪريون پيدا ڪري ڏنيون ۽ فوج ۾ به سنڌين جي لاءِ در کولي ڇڏيا ته جيئن ماڻهن کان ڀٽو ۽ سنڌ وسري وڃي، اهي پنهنجي روزگار ۾ جُنبي وڃن. هاڻي هن رياست به ساڳي ڪار ڪئي آهي جو اهي هتان جون زمينون وڪڻي ڌارين کي ڏئي هتان جي ماڻهن کي مزدورين ۽ ٻين ڌنڌن ڌاڙين ۾ رڌو ڪندا، هنن جي مٿان پنجابي نسل جا ماڻهو مڙهي ايترو ته سوگهو ڪندن جو ماڻهو سمجهندا ته جيڪو سرمائيدار آهي، اهو ئي هن جو رکوالو آهي باقي سڀ ڪوڙ آهي.
رياست جي سانباهن ۾ اهو به آهي ته اهي ڪراچي جي ٻن جزيرن تي عالمي تنظيمن سان گڏجي هانگ ڪانگ جي طرز جهڙا جديد ترين شهر آباد ڪن، جنهن ۾ 50 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ سهڪار جي لالچ اٿن. اهي سڀ ڪري ويندا جنهن جي لاءِ اهو به ممڪن آهي ته ارڙهين ترميم ۾ اهي سڀ ترميمون ڪن جنهن سان مرڪز مضبوط ٿئي ۽ صوبا ڪمزور ٿين ۽ خاموشيءَ سان اهي سڀ ڪم ڪري وڃن. ان ڪري ته پي آءِ اي جي کپائڻ سان گوادر کان وٺي گولاڙچيءَ تائين سڀ جا سڀ علائقا غير سنڌين جي جهوليءَ ۾ وڌا به اٿن، ۽ حيرت اها به آهي ته ڪهڙيون سياسي، سماجي، مذهبي، لساني ڌريون يا قوم پرست پارٽيون درد ۾ لهي پيون آهن، جيڪي سمجهن به ٿيون ته اهي سڀ ڪم رڳو ڌرتي ڌڻين کي لاوارث ڪرڻ کان علاوه ڪجهھ به ناهن يا اهو به سمجهون ٿا ته 24 ادارن مان ڪهڙا ادارا سنڌي انٽرپرينيوئرز کي ملندا يا ڪهڙن سنڌي صنعتڪارن کي هيل تائين خانگايل بئنڪون ڏنيون اٿن يا سڀاڻي انهن صنعتن ۾ به ڪا ڀاڱي ڀائيواري ملندي جو اهي وري سنڌي ماڻهن کي وڏين پوسٽن تي رکندا جيڪي ليڊنگ ڪمپنيون هلائيندا يا هيل تائين بئنڪن جا صدر ۽ سي اي او ڪهڙا سنڌي آهن، جيڪي سنڌي ماڻهن جي روزگار لاءِ درد به رکندا هجن. ان ڪري جو جيڪي به غيرسنڌي سي اي او يا ادارن جا صدر آهن اهي غيرسنڌين کي سمجهي وڏين پوسٽن تي رکندا آهن ته پوءِ هاڻي واري صنعتي ورهاست مان اسان سنڌين جي حصيداري ڪهڙي ۽ ڪيتري هوندي؟
يا هيل تائين شهري ادارن جهڙوڪ تعليم، صحت، پوليس، لينڊ يوٽيلائزيشن، ڪسٽم، ٽيڪس اينڊ روينيو، ڪوسٽل ايريا، معدنيات، فشريز، انڊسٽريل ايريا يا درآمدات ۽ برآمدات جهڙن ادارن ۾ سنڌين جي ڪهڙي دخل اندازي به آهي، ۽ اهو به واضح آهي ته صوبن وٽان اهي سڀ ڪنٽرول هليا ويندا جنهن ۾ تعليم، صحت، پارڪ ۽ گرائونڊ، مارڪيٽ، پارڪنگ ڪنٽرول، سياحتي جايون، سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، بلڊنگ ڪنٽرول جا پاور، بلدياتي گورنمينٽ يا ميئر ڪراچيءَ جا ڪنٽرول به مرڪز وٺڻ ٿو چاهي. اهي سمجهن ٿا ته اهي سڀ ڪنٽرول جي مرڪز وٽ هوندا ته صوبا ڪمزور ترين هوندا ۽ مرڪز وڌيڪ طاقتور هوندو ۽ جيئن مرضي پوندن تيئن ڪندا ويندا. اسان اها ڳالهھ به سمجهون ٿا ته دنيا جا ادارا ڀلي خانگائي وٺن، پر “ايل اِي ايز” ڪڏهن خانگائي نه ٿا سگهجن ۽ اهي ويٺا ملڪ هلائيندا ۽ ويٺا پنهنجي مرضيءَ سان مٽاسٽا ڪندا، ان ڪري هتي اهو مثال ڏيڻ مناسب آهي ته ڪلھه تائين عمران خان کي آڏو رکي نوازشريف جا سڀ ڪيس سچا ڪري ويٺا هئا ۽ هاڻي نوازشريف کي جهوليءَ ۾ ويهاري عمران خان کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويٺا آهن، اهي سمجهن ٿا ته هي اٻوجهھ عوام اهو به نه سمجهندو ته جن وڪلين ۽ ڪورٽن لاهور ۾ ويهي نوازشريف جي باھه ٻاري ڏني هئي، اهي هاڻي عمران خان کي جيل ۾ به رهڻ نه ڏيندا يا تيستائين نڙيءَ تي نَهنُ رکي ويهندس جيستائين نوازشريف جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ نه ٿي اچي، ان ڪري اندروني ايجنسيون هجن يا ٻاهريون ايجنسيون هجن انهن کي رڳو پاڪستان جي بدنامي عزيز آهي يا پاڪستان کي ناڪام رياست بڻائي آرام سان ويهندا. بهرحال هن رياستي طاقتن کي مرڪز پوءِ به مضبوط کپي.
يا اها ڳالھه به آهي ته وفاق کي اهڙن سيڙڪارن يا ڪارخانا هڻڻ مان ساليانا 472 ارب روپين جي اضافي رقم ملندي رهندي ۽ اهو به سمجهن ٿا ته اهي ملڪي خزانا ڀري ڇڏيندا، ان ڪري ته سيڙپڪار اربين روپين جي ٽيڪس سان هن ملڪ جي اقتصادي حالت بدتر مان برتر ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوٽا سسٽم به ختم ڪندا ۽ اربن ۽ رورل ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪرڻ سان هڪ لک کان مٿي سنڌي ملازم سنڌ جي ٻين ضلعن کي به واپس ڪندا جنهن سان اهي سڀ غيرسنڌي ملازم انهن ادارن جون مالڪيون واريندا ان ڪري رياست سمجهي ٿي ته اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ سان غيرسنڌي يا خاص پنجابي آباديءَ کي سنڌي شهرن ۾ آساني سان کڻي اچي سگهجي ٿو. مرڪز جي مضبوط ٿيندو ته اهي ڪراچيءَ جون حدن به ميرپور ساڪرو کان وٺي ڪيٽي بندر، گڏاڻي ۽ حب چوڪي تائين وڌائي انهن علائقن کي مڪمل طور تي ڪراچيءَ جي سرحدن ۾ شامل ڪندا. ايستائين جو ٿاڻو بولا خان جو وڏو علائقو به ڪراچي ۾ شامل ڪري گجو ۽ نوري آباد تائين شامل ڪري ڇڏيندا ان ڪري ارڙهين ترميم مرڪز کي اک ۾ ڪنڊو آهي. مرڪز کي ترقي رڳو ان صورت نظر ٿي اچي ته اهي حب چوڪي، ڌاٻيجي ۽ نوري آباد ۾ 3 انڊسٽريل زون ٺاهيندا ۽ ميرپور ساڪرو تائين سامونڊي پورٽ جون حدون وڌائيندا جنهن مان 2030 تائين 10 لک ماڻهن کي روزگار ملندو. حب چوڪي ۽ گڏاڻي تعلقن کي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت کي 10 ارب رپيا ڏنا ويندا. جتي 12 لک پلاٽن تي مشتمل پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو بنياد رکيو ويندو. ڪراچي ايم نائن موٽر وي تي ملڪ جو سڀ کان وڏو پاور پلانٽ تعمير ڪيو ويندو. جڏهن ته مرڪز پهرين ئي سمنڊ جي ڪناري تي بيراج ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، جتي ڪراچي لاءِ صاف پاڻي جا پراجيڪٽ لڳندا، ۽ ٻيو گهڻو ڪجھه، ان ڪري مرڪز کي ارڙهين ترميم جو خامتو آڻڻو پوندو، جنهن سان صوبا ڀلي ڪمزور ٿين ته مرڪز جو پيٽ ڀرجي.