پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

تعليمي ادارا 5 اپريل تائين بند، 23 مارچ واريون تقريبون ملتوي

وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. ڪورونا وائرس جي خطري سبب قومي سلامتي ڪاميٽي ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا ۽ مدرسه 5 اپريل تائين بند رکڻ سميت ايران ۽ افغانستان جون سرحدون ٻن هفتن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته 23 مارچ تي پاڪستان ڏينهن واريون تقريبون پڻ ملتوي ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جي هوائي اڏن تي بين الاقوامي اڏامون محدود تعداد ۾ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ٻين ايئرپورٽن تي عالمي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير شفقت محمود قومي سلامتي ڪاميٽي اجلاس بابت چيو ته تعليمي ادارا کولڻ يا نه کولڻ جي حوالي سان 27 مارچ تي ٻيهر صلاح مشورا ڪيا ويندا