20 مئي 2026 تي ميهڙ ۾ هڪ انتهائي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ وحشي پيءُ پنهنجن ٽن پٽن کي مسجد ۾ وڃي ڪهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو ته سندس زال کيس ٻي شادي ڪرڻ کان روڪيو ٿي، جنهن ۾ ٻه ڇوڪرا پنهنجي زندگي بچائي ڀڄي نڪتا، پر هڪ ڇوڪرو پنهنجي ظالم پيءُ هٿان ڪُسجي ويو. روز اخبار کولڻ وقت ڪيتريون ئي تصويرون نظر اڳيان گذرن ٿيون ته ڀاءُ ڀيڻ کي ماري ڇڏيو، مڙس ستل زال کي ڪهي ڇڏيو، پيءُ ڌيءَ کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو، مامي يا چاچي ڀاڻيجي يا ڀائيٽي کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيو. اهڙن دل ڏاريندڙ واقعن کي صرف اخبار جي هڪ خبر سمجهي نظر انداز ڪرڻ وڏي بيوقوفي هوندي. جڏهن واقعا ايتري تسلسل ۽ درندگيءَ جي انتها تي پهتل اڳيان اچن ته سڀني کي سماج جو جائزو وٺڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ لاءِ سوچڻو پوندو. جڏهن ڪو زخم ڪينسر بڻجي وڃي ته اهو جسم جي مختلف حصن کي کائڻ شروع ڪندو آهي. هن وقت هي معاملو اسان جي معاشري ۾ هڪ ڪينسر وانگر پکڙيل آهي ۽ سماج جي مختلف حصن کي کائي رهيو آهي. انهن قاتلن کي صرف هڪ مجرم سمجهي قانون حوالي ڪرڻ ڪافي ناهي. بلڪه اسان سڀني کي گڏجي ان تي بحث مباحثا ڪرڻ گهرجن، انهن سماجي روين لاءِ اسان کي انهن جا تجزيه ڪرڻ گهرجن ۽ ڪجهه ڪيسن کي ٽيسٽ ڪيسن جي طور تي ڏسڻ گهرجي ته آخر اهڙا واقعا پيش ڇو آيا، جن سماج کي لوڏي ڇڏيو.
سڌريل سماجن ۾ نفسيات جا ماهر هر اداري ۾ رهمنائي ڪرڻ لاءِ موجود هوندا آهن، جيڪي ماڻهن جي بدلجندڙ روين جو تجزيو ڪري انهن جو سڌارو ڪندا آهن ۽ رپورٽون شايع ٿينديون آهن. اسان کي پنهنجي يونيورسٽين ۾ به اهڙا سبجيڪٽ جا ماهر نظر نٿا اچن، جيڪي سماجي سائنسدان موجود آهن اهي به انهن مسئلن تي لکڻ بجاءِ سياست ۽ ٻين موضوعن تي لکن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ميهڙ جهڙا واقعا يا وري مختلف وقتن تي باشعور ماڻهن جا قتل ۽ روزانو جي بنياد تي ماڻهن جو ننڍين ننڍين ڳالهين تي هڪٻئي کي قتل ڪرڻ عام ٿي چڪو آهي. اسان جي يونيورسٽين ۾ نفسيات يا عمرانيات پڙهائيندڙ پروفيسرن ۽ ماهرن کي پنهنجي ريسرچ لاءِ عملي ميدان تي نڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن کي گهرجي ته اهي سماج جي انهن ٻرندڙ مسئلن تي نفسياتي توڙي سماجي پاسن کان تحقيق ڪري ان جا نتيجا اسان جي حڪومتن جي اڳيان رکن ۽ انهن کي ٻڌائين ته سماج هن وقت ڪهڙي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ان جا سبب ڪهڙا آهن. نه صرف پروفيسرن ۽ تعليمدانن کي، بلڪه نفسيات جي ڊاڪٽرن کي به اڳتي وڌي انهن مسئلن تي لکڻ ۽ بحث مباحثا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان صرف سياست کي بحث لائق سمجهون ٿا، پر جڏهن سماج جا بنياد ئي مضبوط نه هوندا ته سياست ڪيئن ٿي سگهندي؟ اسان جي يونيورسٽين ۾ پبلڪ سائيڪولاجي پڙهائڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ نوجوان شاگردن کي سرزمين تي موڪلي اهڙن ڪيسن جي اسٽڊي ڪرائي وڃي. انهن کي ڪيس اسٽڊي بڻائي انهن تي ليڪچر ڏنا وڃن، انهن تي ريسرچ پيپر لکيا وڃن، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ اهڙا موضوع ڏنا وڃن. افسوس ته ان موضوع تي انهن حلقن ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿيندي نظر نٿي اچي، نتيجي ۾ اسان سماجي طور تي “اجتماعي نفسياتي بيماريءَ” جو شڪار ٿي چڪا آهيون. سماج جي نبض رڳو وڏن قتل جي واقعن مان چيڪ ناهي ٿيندي، پر گهٽين ۽ بازارن جي روين مان به معلوم ٿيندي آهي. ٽريفڪ دوران ماڻهن جو هڪٻئي سان رويو، معمولي ڳالهه تان گارگند، اسپتالن ۾ ماڻهن جو ڊاڪٽرن سان وڙهڻ، گهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن تي مردن جو هٿ کڻڻ، عورتن جي بد مزاجي، مدرسن ۾ ٻارن جا ريپ، اهي سڀ اسان جا مائيڪرو رويا آهن ۽ ٻڌائين ٿا ته سماج “گڏيل ٽراما” جو شڪار آهي. اسان جو ميڊيا سماج کي سڌارڻ وارن موضوعن کان پري بيٺل نظر اچي ٿو.
انهن لاءِ اهڙا موضوع پرڪشش آهن جيڪي عوام کي ڇرڪائي ۽ متوجهه ڪري سگهن. جنهن سبب اهڙن مسئلن تي ڳالهائڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهڙا فورمز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جتي ماڻهو ويهي انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. عوام جو مسئلو صرف مهانگائي ۽ بيروزگاري ناهي، پر نفسياتي صحت جو تعلق سڌو سنئون سماجي قدرن جي ٽٽڻ، سماج ۾ هڪٻئي سان همدردي ختم ٿيڻ، اسڪولن ۾ ٻارن جي تربيت نه ٿيڻ، تربيت ۾ خاندان جي وڏن جو ڪردار ختم ٿيڻ اهم سبب آهن. ان لاءِ اسان جي مذهبي حلقن کي به عوام کي مذهبي رسمن کانسواءِ روحاني تربيت ڏيڻ تي زور ڏيڻو پوندو. سماج ۾ جڏهن بگاڙ پيدا ٿيندو آهي ته ان کي درست ڪرڻ لاءِ اصل ذميدار رياست ۽ ان جا ادارا هوندا آهن. ان لاءِ سنڌ سرڪار کي اڳتي وڌي هن مسئلي کي انتهائي ايمرجنسي جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ سڀ کان اهم قدم اهو آهي ته پبلڪ پاليسي پيپر تيار ڪرايا وڃن، جنهن ۾ يونيورسٽي جا پروفيسر، سماجي ماهر ۽ نفسيات جا ماهر شامل هئڻ گهرجن ۽ انهن پاليسي پيپرن کي قانون ساز ادارن، پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ سماج جي مختلف حلقن ۾ تربيت لاءِ استعمال ڪيو وڃي. يونيورسٽين کي به اڳتي قدم وڌائيندي پنهنجن شاگردن کي سماج جي اهڙن حصن ۾ موڪلڻ گهرجي، جتي ڏوهن جو تعداد وڌيڪ آهي ته جيئن اهي “ذهني صحت ۽ رواداري” تي ورڪشاپس ڪري سگهن. ليکڪن کي سماج جي بيحسي ۽ “مائيڪرو روين” جي تباهي تي مسلسل لکڻ جي ضرورت آهي. اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سماج سڀني جي گڏجي رهڻ جي جاءِ آهي. اڄ اسان جيڪڏهن سماج جو درد محسوس نه ڪيو ته سڀاڻي اهو ڪنهن به صورت ۾ اسان جي گهر تائين پهچي سگهي ٿو.