خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري جي مقرري غير قانوني آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ ۾ 40 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري، نيب اختيارين ۽ جوابدارن کي ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته توهان ملاقات ڪري مارڪ اپ جي رقم مقرر ڪريو، عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جي مقرري ئي غير قانوني آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ۾ چيو ته توهان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيو، سڄي ملڪ ۾ توهان جي اقربا پروري تباهي مچائي ڇڏي آهي. خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي عدالت حڪم ڏنو ته توهان ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي مقرري جي حوالي سان جواب جمع ڪرايو