دنيا جي سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي صرف ٻن ملڪن جي ملاقات نه هوندا آهن، پر عالمي طاقت جي توازن ۾ ايندڙ تبديليءَ جا اشارا هوندا آهن. روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو ۱۹ ۽ ۲۰ مئي تي چين جو دورو به اهڙي ئي نوعيت جي ملاقات آهي. بيجنگ ۾ ٿيندڙ هي ملاقات صرف سفارتي آداب تائين محدود نه رهي، پر هن دوري دنيا کي اھو ٻڌايو ته هاڻ عالمي طاقت جو محور صرف آمريڪا نه رهيو آهي، پر چين به دنيا جو هڪ اهم طاقت جو مرڪز پڻ بڻجي چڪو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين ياترا کان صرف ڪجهه ڏينهن پوءِ ٿيو. يعني بيجنگ ڪجهه ڏينهن اندر دنيا جي ٻن وڏين طاقتور رياستن جي سربراهن جي ميزباني ڪئي. اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته چين هاڻي صرف اقتصادي طاقت نه رهيو آهي، پر عالمي سفارتڪاريءَ جو مرڪز پڻ بڻجي چڪو آهي. هڪ وقت هو جڏهن واشنگٽن عالمي فيصلن جو واحد محور هو، پر هاڻي عالمي منظرنامي ۾ بيجنگ ۽ ماسڪو گڏجي هڪ نئين سياسي ۽ اقتصادي بلاڪ جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن. پيوٽن ۽ شي جن پنگ جي ملاقات جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو اها سائنو-روس دوستي معاهدي جي ۲۵ هين سالگره جي موقعي تي ٿي آهي. ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ کي به لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا مڪمل ٿي رهيا آهن. ۲۰۱۳ع کان وٺي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ۴۰ کان وڌيڪ ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. عالمي سفارتڪاريءَ ۾ اهڙو تسلسل گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اها صرف سياسي ضرورت نه، پر اعتماد، مفادن ۽ هڪ جهڙن خدشن جي علامت پڻ آهي.