بلاگنئون

صدر پيوٽن ۽ شي جن پنگ جي ملاقات يا دنيا جو بدلجندڙ سياسي منظر نامون

دنيا جي سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي صرف ٻن ملڪن جي ملاقات نه هوندا آهن، پر عالمي طاقت جي توازن ۾ ايندڙ تبديليءَ جا اشارا هوندا آهن. روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو ۱۹ ۽ ۲۰ مئي تي چين جو دورو به اهڙي ئي نوعيت جي ملاقات آهي. بيجنگ ۾ ٿيندڙ هي ملاقات صرف سفارتي آداب تائين محدود نه رهي، پر هن دوري دنيا کي اھو ٻڌايو ته هاڻ عالمي طاقت جو محور صرف آمريڪا نه رهيو آهي، پر چين به دنيا جو هڪ اهم طاقت جو مرڪز پڻ بڻجي چڪو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين ياترا کان صرف ڪجهه ڏينهن پوءِ ٿيو. يعني بيجنگ ڪجهه ڏينهن اندر دنيا جي ٻن وڏين طاقتور رياستن جي سربراهن جي ميزباني ڪئي. اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته چين هاڻي صرف اقتصادي طاقت نه رهيو آهي، پر عالمي سفارتڪاريءَ جو مرڪز پڻ بڻجي چڪو آهي. هڪ وقت هو جڏهن واشنگٽن عالمي فيصلن جو واحد محور هو، پر هاڻي عالمي منظرنامي ۾ بيجنگ ۽ ماسڪو گڏجي هڪ نئين سياسي ۽ اقتصادي بلاڪ جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن. پيوٽن ۽ شي جن پنگ جي ملاقات جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو اها سائنو-روس دوستي معاهدي جي ۲۵ هين سالگره جي موقعي تي ٿي آهي. ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ کي به لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا مڪمل ٿي رهيا آهن. ۲۰۱۳ع کان وٺي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ۴۰ کان وڌيڪ ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. عالمي سفارتڪاريءَ ۾ اهڙو تسلسل گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اها صرف سياسي ضرورت نه، پر اعتماد، مفادن ۽ هڪ جهڙن خدشن جي علامت پڻ آهي.

اڄ روس يوڪرين جنگ سبب مغربي پابندين جي سخت دٻاءُ هيٺ آهي. يورپ روس کان پري ٿي چڪو آهي، ڪڏهن ته  آمريڪا روس کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ چين روس لاءِ معاشي حب طور ثابت ٿيو آهي. چين روس کان وڏي مقدار ۾ سستو تيل، گيس ۽ ڪچو مال خريد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته روس چيني مارڪيٽ ۽ ٽيڪنالاجي تي وڌيڪ ڀاڙي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن جي واپار جو واليوم لڳ ڀڳ ۲۰۰ ارب ڊالرن کان به مٿي ٿي چڪو آهي، جيڪو ماسڪو لاءِ هڪ وڏو مثبت قدم آهي. هن دوري دوران سڀ کان وڌيڪ ڌيان “Power of Siberia-2” گيس پائپ لائين تي رهيو. هي منصوبو صرف توانائيءَ جو رستو نه، پر روس جي لاءِ معيشت جي شهه رڳ به ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هي منصوبو مڪمل ٿئي ٿو ته روس جي گيس جو وڏو رخ يورپ بدران چين ڏانهن منتقل ٿيندو ان جو مطلب اهو ٿيندو ته يورپ روسي توانائيءَ کان مڪمل نجات حاصل نه به ڪري سگهي، پر اُن جي متبادل هاڻ روس چين جي صورت ۾ ڳولهي ورتو آهي. ملاقات دوران ۴۰ کان وڌيڪ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ به ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. انهن معاهدن ۾ صرف توانائي يا واپار نه، پر مصنوعي ذهانت، خلائي تحقيق، زراعت، سائنس، تعليم، صحت ۽ فوجي تعاون به شامل آهن. اهو ظاهر ڪن ٿا ته روس ۽ چين هاڻي محدود شراڪتداريءَ بدران هڪ گڏيل اسٽريٽيجڪ اتحاد ڏانهن وڌي رهيا آهن. خاص طور تي AI ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٻنهي ملڪن جو تعاون مغرب لاءِ وڌيڪ پريشانيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مستقبل جي جنگ هاڻي صرف هٿيارن سان نه، پر مصنوعي ذهانت سان به وڙهي ويندي. هنن ٻنهي عالمي طاقتور ملڪن روس ۽ چين جي ويجهڙائپ جو سڀ کان وڏو اثر عالمي سياست تي پئجي رهيو آهي. ٻئي ملڪ BRICS ۽ شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جهڙن فورمن کي مضبوط ڪري رهيا آهن. سندن اها خواهش آهي ته دنيا صرف آمريڪي حڪمرانيءَ هيٺ نه،  پر هڪ نئين عالمي اتحاد وٽ به هئڻ گھرجي جيڪا دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي ضامن  هجي، پر هتي هڪ اهم سوال اھو به موجود آهي ته ڇا روس ۽ چين جو اتحاد واقعي مڪمل اعتماد تي ٻڌل آهي يا صرف آمريڪي مخالفت سبب قائم آهي؟ حقيقت اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي ته انهن ٻنهي ملڪن جا مفاد به هر هنڌ هڪ جهڙا ناهن. وچ ايشيا، آرڪٽڪ ۽ عالمي واپار جي ڪيترن معاملن تي ٻنهي ۾ خاموش مقابلو به موجود آهي. جڏهن ته چين اقتصادي طور روس کان گهڻو مضبوط ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ڪجهه روسي حلقا مستقبل ۾ چين تي وڌندڙ انحصار بابت خدشا به ظاهر ڪن ٿا، پر هن وقت ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي ۽ اها ضرورت ئي سندن ويجهڙائپ جو سڀ کان وڏو سبب آهي.

هي ملاقات پاڪستان سميت ڪيترن ئي ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ هڪ اهم سبق آهي ته دنيا جي طاقت جو مرڪز آهستي آهستي اوڀر طرف منتقل ٿي رهيو آهي. توانائي، واپار، ٽيڪنالاجي ۽ سفارتڪاريءَ جا نوان رستا ٺهي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن ملڪن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو، جيڪي عالمي تبديليءَ کي وقت سر سمجهي متوازن سفارتڪاري اختيار ڪندا. پيوٽن ۽ شي جن پنگ جي بيجنگ ملاقات اصل ۾ بدلجندڙ عالمي دنيا جو هي نئون سياسي منظر نامون آهي. هي صرف ٻن اڳواڻن جي ملاقات نه، پر هڪ اهڙي عالمي دور جي شروعات جو اشارو آهي، جتي طاقت جو توازن اولهه کان اوڀر ڏانهن منتقل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ دنيا هاڻي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.  شايد ايندڙ ڪجهه سالن يا ڏهاڪن ۾ عالمي سياست جو مرڪز واشنگٽن نه، پر بيجنگ ۽ ماسڪو  ھجن جيڪي دنيا جي امن جا ضامن هجن. هاڻ اھو ته وقت ٻڌائيندو، بهرحال دنيا جي اُنھن ٻن عالمي طاقتور اڳواڻ جي ملاقات تي ٽرمپ جا لڱ ته ضرور ڪانڊاريا ھوندا.