حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ
ڊاڪٽر جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، قتل جا چوٻول هلي رهيا آهن، سٽيزن ڪالوني ۾ مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو گهرمان ڳلو ڪپيل لاش مليو. اطلاع تي ڀٽائي نگر پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو. علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته ڊاڪٽر کي سندس ئي ڊرائيور قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر گهر ۾ اڪيلو رهائش پذير هو، سندس فيملي پرڏيهه ۾ رهي ٿي. پوليس ذريعن موجب معاملي جي هر پاسي کان جاچ جاري آهي، قتل جا چوٻول به هلي رهيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.