چونڊجي آيل وزيراعظم عمران خان حلف کڻي ورتو
اڄ صبح جو ايوان صدر ۾ صدر مملڪت ممنون حسين عمران خان کان وزير اعظم جو حلف کڻايو. ان تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف قمر باجوا، جاويد شيخ ڀارت مان آيل اڳوڻو ڪرڪٽر ۽ هاڻوڪي سياست دان نوجوت سنگهه سڌو، کان علاوه ٻين ڪيترن ئي مهمانن جن جو تعلق زندگي جي مختلف شعبن سان آهي شرڪت ڪئي . ان کان علاوه عمران خان جي گهر واري بشري بيبي به حلف برداري واري تقريب ۾ نمايان طور تي نظر آئي . حلف برداري جي تقريب کان پوءِ ٽنهي مسلح فوجن جي چاق وچوبند دستن وزير اعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.جنهن کان پوءِ هو ماڻهن سان مليو ۽ ان کا ن پوءِ هو وزير اعظم هائوس کان وزير اعظم آفيس پهتو ۽ حڪومتي معاملن تي بريفنگ ورتي.

