خاصنئون

ڪراچي شهر ۾ اڄ کان تيز ٿڌيون هوائون لڳنديون، سڀاڻي مينهن جو امڪان

شهر جو گرمي پد وڌيڪ ڪري پيو جڏهن ته خميس تي هلندڙ سال جو هيستائين جو سڀ کان گهٽ گرمي پد 7.5 ڊگري رڪارڊ ٿيو. ايران جي رستي اڄ رات دير سان بلوچستان ۾ داخل ٿيندڙ نئين طاقتور مغربي سسٽم جي ڪري آچر جي شام شهر ۾ هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي. اڄ کان تيز سائيبيرين هوائون شهر جو رخ ڪنديون.