ڪراچي ۾ موجوده هيٽ ويو سان 60 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: فيصل ايڌي
عبدالستار ايڌي جي پٽ ۽ هاڻوڪي ايڌي فائونڊيشن جي اڳواڻ فيصل ايڌي چيو آهي ته موجوده هيٽ ويو ڪارڻ ڪراچي ۾ 60 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ڪارڻ اسپتال آندل مريضن مان فوت ٿيندڙن مان ڇنڇر کان هيستائين 60 ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن، جن جي وارثن ٻڌايو ته انهن جي موت جو سبب هيٽ اسٽروڪ آهي. فيصل ايڌي چيو ته سندس فائونڊيشن جي سرد خانن ۾ لاشن جو تعداد ٻيڻ کان وڌي ويو آهي. فيصل ايڌي اهو به ٻڌايو ته ان کان علاوه مختلف سببن ڪري فوت ٿيلن جا لاش به ايڌي سرد خانن ۾ آندا ويا آهن جنهن جو تعداد 100 آهي. فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته ايڌي سينٽرن ۾ هر روز ايندڙ لاشن جو تعداد 5 يا 6 هوندو آهي. جڏهن ته هنن ڏينهن ۾ اهو تعداد وڌي 25 روزانو ٿي ويو آهي. مرڻ وارن جون عمرون 16 کان 78 سالن جي وچ ۾ آهن ۽ انهن ۾ مرد ۽ عورتون به شامل آهن. جڏهن ته مرندڙن ۾ وڏو تعداد روزيدارن جو هو. فيصل ايڌي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته اهي هن قهر واري گرمي ۾ گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.