مائي ڪولاچي روڊ تي وڻڪاريءَ جو فيصلو
سنڌ حڪومت مائي ڪولاچي روڊ تي وڻڪاريءَ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ سول سوسائٽي حڪومت جو ساٿ ڏيندي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اها ڪراچيءَ کي آلودگيءَ کان صاف شهر بڻائيندي. صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته اها مهم پوري ٿيڻ کانپوءِ ان کي سڄي ڪراچي تائين وڌايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو گرين ڪراچي پروگرام هڪ شروعات هئي جنهن سان سڄي شهر جي ماحول کي بهتر بڻايو ويندو.

