عمرڪوٽ ٿر جو دوازو “گيٽوي ٽو دي ٿر ڊيزرٽ” جنهن سان عمر مارئي جو تعلق به ڳنڍيو وڃي ٿو. عمرڪوٽ کي ايشيا جي مرچن جي گاديءَ وارو هنڌ به چيو ويندو آهي. هتي ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي وڏي پيداوار ٿئي ٿي. لائيو اسٽاڪ جي حساب سان عمرڪوٽ قرباني جي عيد لاءِ سڄي ملڪ کي مال فراهم ڪري ٿو. ان کانسواءِ هن ضلعي جي اها اهميت آهي ته هي هڪ سرحدي ضلعو آهي ان جي حساب سان ان جي جاگرافيائي حيثيت تمام گهڻي هجڻ ڪري جاءِ جاءِ تي چيڪ پوسٽون قائم آهن. ٿر جي پاسي وڃڻ لاءِ عام شهرين کي به چيڪنگ مان گذرڻو پوي ٿو. اهڙي مقام تي هڪ نوجوان جو بيدرديءَ سان قتل ٿي وڃڻ جنهن جي لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو هڪ شاديءَ ۾ موجود هو ۽ کيس هڪ ڪال ڪري اتان گهرايو ويو ۽ پوءِ هڪ اونداهي گهٽي ۾ کيس اڪيلو ڪري حملو ڪيو ويو. اهي سڀ شيون ٻڌائين ٿيون ته ضلعي ۾ انتظامي ڍانچو تمام ڪمزور آهي.
ڏٺو وڃي ته اتي ايس ايس پي، ڊي سي جي آفيسن سميت سڄو انتظامي عملو موجود هوندو آهي. ان کان علاوه سرحدي علائقو هجڻ ڪري اسان جون ٻيون فورسز به چوڪس هونديون آهن، پر پوءِ به عمرڪوٽ ۾ وقت بوقت ان قسم جا واقعا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. 2024ع ۾ سونارن جي دڪان ۾ ڌاڙو لڳو ۽ هينئر هڪ نوجوان کي اهڙي طريقي سان قتل ڪرڻ ۽ پوءِ ان نوجوان جي همت ڪري پوليس اسٽيشن تائين پهچڻ اسان جي ان سڄي انتظامي ڍانچي جا پول پڌرا ٿو ڪري جتان ان نوجوان کي ڪابه مدد نه ملي سگهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت جو قائم ڪيل 1122 جو ادارو جتي فون ڪرڻ کانپوءِ ان ڇوڪري جي لاءِ ڪابه امداد مهيا نه ڪئي وئي. اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ جو عوام هن وقت ننڌڻڪو ٿي چڪو آهي يا ته اهو حڪومت تي سوال نٿو اٿاري يا ته اهو پاڻ سان ٿيل ڏاڍئين تي خاموش رهي ان کي پنهنجي قسمت سمجهي برداشت ڪري رهيو آهي. جڏهن ته انتظاميه، پوليس، اسپتالون، فوج، رينجرز، 1122، اهي سڀ اهي ادارا آهن جن کي عوام جي تحفظ لاءِ جوڙيو ويو آهي ۽ اهي ادارا عوام جي ٽيڪسن سان هلي رهيا آهن. شايد اها ڳالهه حڪمران طبقي کي به وسري چڪي آهي ۽ انهن ادارن ۾ ويٺل آفيسرن ۽ ٻين اهلڪارن کي به ياد ناهي ته اهي ادارا جڏهن ٺهيا هئا ته عوام پنهنجي آزادي ۽ خود مختياري رياست جي حوالي ڪئي هئي، ان واعدي تي ته رياست پنهنجي گڊ گورننس جي ذريعي عوام جي جان، مال ۽ عزت و آبرو جي حفاظت ڪندي.
جڏهن ته اسان جي رياست ۾ ان قسم جي ڪابه عملي صورت نظر نٿي اچي. هتي عوام جا قائم ڪيل ادارا عوام جي تذليل، ان جي زندگي ڦرڻ ۽ ان جي حقن کي لٽڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا. جيڪڏهن اهي ادرا پنهنجو ڪم نٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن ادارن کي ٽوڙي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ گڏجي ڪو انتظام ڪري سگهي. لڳي ٿو ته هن وقت سنڌ حڪومت وٽ ٿاڻن تي حاضرين کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو انتظام موجود ڪونهي. تڏهن اسماعيل سميجو کي پوليس وٽان ڪا مدد نه ملي سگهي. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو شخص زخمي ٿي وڃي ٿو يا اسماعيل سميجو وانگر پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کڻڻ جي حد تائين پهچي وڃي ٿو ته ان کي ايمبولينس يا فرسٽ ايڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ ادارا موجود هجڻ جي باوجود سروس ڏيڻ جي قابل نه آهن. اسماعيل سميجو جو اهڙي حالت ۾ ٿاڻي تائين پهچڻ، پر مدد نه ملڻ نظام کي بي نقاب ڪرڻ جي برابر آهي. جڏهن حڪومتون عوام جي سار سنڀال لهڻ کان بي پرواهه ٿي وينديون آهن ته پوءِ اتي عوام سڄا انتظام پنهنجن هٿن ۾ واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته اتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيندو آهي جيڪا صورتحال ملڪ لاءِ يقينن ڪا چڱي صورتحال نٿي ٿي سگهي. هن وقت لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت لاءِ وڏا چئلينج اڳيان آهن. ڪراچيءَ جي گل پلازه واري واقعي کانپوءِ اسماعيل سميجو جو گليءَ ۾ هن طرح گلو ڪٽي کيس قتل ڪرڻ جو واقعو سنڌ حڪومت جي ناڪاميءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ ڪا طاقت پٺيان متحرڪ هجي. ضروري آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي هر اداري ۾ ويٺل ڪرپٽ ماڻهن کي سڃاڻي پنهنجي نظام جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي ان کي سنئين رستي تي هلائڻ جي ڪوشش ڪري. جڏهن نظام هڪ دفعو پٽڙي تان هيٺ لهي ويندو آهي ته پوءِ اهو ڪچي جي ميدان ۾ لهي ويندو آهي ۽ ڪچي ۾ رستو ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو آهي. سنڌ حڪومت کي پنهنجي نظام کي پنهنجي رستي تي هلائڻ لاءِ پوليس، صحت ۽ پوري انتظاميه جي هر اداري کي چيڪ ڪرڻ، ان جي ڪارڪردگي کي جاچڻ جي لاءِ ڪو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته اتي ويٺل ماڻهو ڇا واقعي پنهنجون سروسز عوام جي خدمت لاءِ آڇي رهيا آهن يا اهي صرف اتي ويهي سنڌ حڪومت کي بدنام ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن اهي ئي حال رهيا ته پوءِ سنڌ حڪومت جي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ مان به تڏا ويڙهه ٿي ويندي.