خاصنئون

 پندرهن منٽن ۾ جسم جو سور ختم ڪندڙ مسجار گدو (ميٽرس) تيار

آمريڪا جي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني “گورليڪس” چين جي علاج واري طريقي آڪو پريشر جي اصول کي استعمال ڪندي هڪ منفرد گدو تيار ڪيو آهي جنهن بابت ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان گدي تي صرف پندرهن منٽن ۾ ليٽڻ سان جسم جو سڄو سور ختم ٿي وڃي ٿو. هن گدي ۾ 192 جاين تي اهڙا آڪو پريشر ٽڪرا لڳايا ويا آهن جيڪي گدي تي ليٽيل ماڻهو جي جسم ۾ خاص انداز سان دٻاءُ ڏيندا جنهن سان جسم اندر رت جو دورو بهتر ٿي ويندو آهي ۽ جسم جي ڏورن ۽ اعصابن کي سڪون ملندو آهي. جڏهن ته سور ختم ڪرڻ وارا هارمون به وڏي مقدار ۾ خارج ٿيندا آهن جنهن سان صرف پندرهن منٽن ۾ جسم جو سور ختم ٿي ويندو آهي. هي گدو چار فوٽ ڊگهو ۽ ٽي فوٽ ويڪرو آهي هن کي ويرهي به سگهجي ٿو. هن گدي جي قيمت 89 ڊالر رکي وئي آهي.