ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڪچو گوشت

ليکڪا: زاڪيئا زُبيري

پتڪڙو قد، پر زبان ڏهه وال وڏي… ۽ جڏهن زبان ڪئنچيءَ وانگر هلندي هئي ته برج بهاري بهادر به بيوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن پيو واجهائيندو هو. ماکين جي ماناري سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان اڳ سوچڻ کپندو هو. هن جي ڌاڪ اهڙي هئي جو پکي به پر ڦڙڪائڻ کان ڊڄي وڃي.

ته پوءِ ويچاري مدن موهن جي ڇا مجال جو هن جي مرضيءَ جي خلاف اک به ڇنبي. “سبو” ته ڄڻ ماکيءَ جي مک ٿي هر وقت پئي ڀون ڀون ڪندي هئي ۽ ڦرندي جتي ويٺي اتي ڏنگ هڻي اڏامي ويندي هئي.

مدن موهن چئن ڀينرن جو هڪڙو ڀاءُ. رب جي مهربانيءَ سان هو سنجيدي مزاج ۽ شاندار ذهن سان نوازيو ويو هو. اڃان اسڪول ۾ هو ته سرپنچ بهادر هن جي قابليت جا لڇڻ سُڃاڻي، هن جي ماءُ کي چئي ڪري هن کي پنهنجي گهر گهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو. گهر جي ننڍن ننڍن ڪمن سان گڏ ڪجهه لکڻ پڙهڻ جو ڪم به هن کان وٺندو هو.

شروع شروع ۾ مدن موهن کي به سٺو لڳندو هو. ڪم گهٽ هو ۽ کاڌو سٺو ملندو هو، پر ڪجهه ڏينهن ۾ هن جو حال سِوئس چاقوءَ جهڙو ٿي پيو. سِوئس چاقوءَ ۾ به اهڙي خوبي هوندي آهي. ڏسڻ ۾ ته اهو چاقو لڳندو آهي، پر کولڻ سان ان ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏهه پُرزا نڪري ايندا آهن. ڪئنچي، اسٽيپلر، انچ ٽيپ، ننهن گسڻ جي ريتي ۽ ٽوٿ پڪ وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح ويچارو مدن موهن ننڍي عمر ۾ ئي سِوئس چاقو بڻجي ويو هو.

هن جي ڪمن ۾ شمار شامل هو. برج بهاريءَ جي ٿلهي بدن کي زور ڏيڻ، مالش ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، استري ڪرڻ، ماني کارائڻ، سنان ڪرڻ وقت هن جي پُٺيءَ کي ملي ڪري صاف ڪرڻ، سائيڪل ۽ ٽانگي تي ويهاري سير تي وٺي وڃڻ، گهمائڻ، لکائي پڙهائيءَ جو ڪم ڪرڻ، حساب ڪتاب ڏيکارڻ، روز صبح اخبار پڙهي ٻڌائڻ ۽ خبرن جي نيتي ڪُنيتي سمجهائڻ.

برج بهاري اوطاق ۾ ايندي ئي اخبار منهن اڳيان ايئن جهلي ويٺو رهندو هو ڄڻ سموري اخبار اڄ ئي چٽي ڇڏيندو. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي پرجا کان منهن لڪائڻ لاءِ اخبار جو سهارو وٺي رهيو هو. ڳوٺ وارن جي اڳيان شيخي ڏيکارڻ ته سڄي اخبار پڙهي ڪري سموري دنيا جي خبر رکندو آهيان. رعب سان ڳوٺ وارن کان پڇندو هو، ‘مدن موهن، توکي پڙهڻ لکڻ ڪنهن سيکاريو؟’

مدن موهن ويچارو پنهنجي ڳنڀير دٻيل آواز ۾ طوطي وانگر رٽيل انداز ۾ جواب ڏيندو هو، ‘سرپنچي توهان! توهان ئي لکڻ پڙهڻ سيکاريو آهي.’ هي جواب ڏيئي پير جي آڱوٺي سان زمين تي لکڻ لڳندو ۽ سوچيندو هو ته ڪاليج ۾ پڙهي رهيو آهي يا سرپنچ وٽ. وري پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندي سوچيندو هو ته ڪتابي سکيا کان عملي تعليم جو گهڻو وڏو ملهه آهي.

بس ايترو سوچي مدن موهن ڏڪي ويندو هو ته ڪٿي برج بهاريءَ کي هن جي ويچارن جي پروڙ نه پئجي وڃي. سرپنچ ڳوٺ جي سڌن سادن ماڻهن جي من ۾ هڪ عجيب ڊپ ويهاري ڇڏيو هو ته هنن جي من ۾ ڪوبه ويچار اٿندو آهي، سو سرپنچ جي پوٿيءَ ۾ پهرين کان ئي لکيل هوندو آهي. ڳوٺ جو هرهڪ واسي هن کي ڀڳوان ڪري مڃيندو هو. انهيءَ ڪري ڪيترا ڀيرا چاهيندي به ويچارا ڳوٺ وارا برج بهاريءَ جي خلاف هڪ لفظ به نه چئي سگهندا هئا. اهو به سچ آهي، جنهن ڪنهن به سرپنچ جي خلاف ڪجهه به چيو، ان سان اهڙي ڪا گهٽنا گهٽجندي هئي جو هو لاپتا ٿي ويندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ماڻهو ان کي ڀلجي ويندا هئا. ڳوٺ وارن جي ان ڊپ جو آنند برج بهاري چپن ۾ مرڪي ڪري پيو وٺندو هو.

مدن موهن جي من ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال ضرور ايندو هو ته هن جو پيءُ واپس ڇو نٿو اچي؟ اگر اچي وڃي ته سرپنچ جو ڪم سنڀالي وٺي ۽ هو پاڻ سڪون سان پڙهائي ڪري سگهي. هن کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، پر برج بهاري ان ڳالهه جو خيال رکندو هو ته ڪوئي ايترو نه پڙهي وٺي جو هو خود ان جي سامهون اڻ پڙهيل لڳڻ لڳي.

مدن موهن جو پيءُ سال اڳ فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو هو ۽ هو ڪشمير ۾ آتنڪوادين (دهشتگردن) جي خلاف جنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. هن کي اها ڪل نه هئي ته هو پنهنجي پٽ کي برج موهن جي آتنڪ (دهشتگردي) جي سايي ۾ ڇڏي وڃي رهيو آهي. ويندي ويندي پٽ کي اهو به سمجهايو ته هو هميشه برج بهاريءَ کي پيءُ ڪري سمجهي. ڳوٺ جو سرپنچ پيءُ برابر ئي ٿيندو آهي.

اڄ مدن موهن کي پيءُ جي نالي کان چڙ آهي. هن جي سمجهه ۾ پيءُ پٽ کي ڪلهن تي ويهاري ٻنيءَ جو سير ڪرائيندو آهي، جي ڳوٺ جا شرارتي ڇوڪرا مارڻ لاءِ ڊوڙن ته پيءُ جي پٺيان لڪي ٿو سگهجي، پيءُ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي، کلندي کائيندي پنهنجي پيءُ کان خود پيءُ ٿيڻ جو شان پرائي ٿو سگهجي!

پر هت برج بهاري جو پرجا جو پيءُ بڻجي ويٺو هو، تنهن ۾ پيءُ بڻجڻ کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه موجود هو. تنهن هوندي به مدن موهن هڪ جهٽڪي سان پنهنجي هن سوچ کي دماغ کان پري ڪري روز جي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويندو هو. هن کي پاڻ تي حيراني ٿيندي هئي ته هن جو خود به برج بهاريءَ سان موهه جو ناتو جڙي ويو هو.

دنيا داريءَ جي انهيءَ لاهي چاڙهيءَ تي ويٺي ڳوڙها ڳاڙيائين ته ٽپاليءَ اچي مدن موهن جي هٿ ۾ هڪ لفافو ڏنو. نالو هن جو، ايڊريس هن جي. اڄ تائين ڪڏهن ڪنهن هن کي چٺي نه لکي، پوءِ هي خط؟ ڪير ٿو موڪلي سگهي؟ ٻار جيان خوش ٿيندي خط کوليائين. پهريائين خط جي آخري سٽ پڙهيائين ته موڪلڻ وارو ڪير آهي. لکيل هو توهان سڀني جو پيءُ. هاڻي لڙڪن کي ڪير روڪي- وهڻ لڳا. محفوظيت جو احساس جاڳيو. ڊڪندو ماءُ وٽ پهتو. ڇاڪاڻ جو پنهنجي هر خوشي ماءُ سان ونڊيندو هو، پر پنهنجو ڪم فقط پنهنجي اڪيلائي جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. ماءُ به ٻڌندي اُڪير مان چيو، “پٽ چٺي پڙهي ٻڌائي.”

ڪشمير جي حالت، خون- خرابو، گولا- بارود، وڌِوائن جا سُڏڪا ۽ آتنڪوادي سڀ ڪجهه هن چٺيءَ ۾ موجود هو.

“توهان سڀني جي ياد ايندي آهي. هتي اچي مون وڏي چُڪ ڪئي. موڪل ملڻ محال آهي. سچ ته اهو آهي ته مان اتي به ڊڄندو هئس ۽ هتي به ڊپ رهي ٿو. خبر ناهي ڪڏهن ڊپ کان نجات ملندي… مون جهڙا ماڻهو الائجي ڇو پيدا ٿيندا آهن؟ عقل تي پٿر پئجي ويو هو جو پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ باهه ۾ ٽپو ڏنو. پٽ موهن، تون پنهنجي پڙهائي دل لڳائي ڪجانءِ ۽ ها، منهنجي غيرحاضريءَ ۾ سرپنچ کي ئي پنهنجو مائي باپ سمجهجانءِ.”

موهن جي ماءُ چٺيءَ کي هٿ ۾ کڻي اداس ٿي سوچڻ لڳي ته هن جو مرد ڪيترو نه سادو آهي. لکي ٿو، سرپنچ پيءُ سمان آهي. جي پيءُ سمان آهي ته مون سان اهڙيون ڳالهيون ڪيئن ٿو ڪري؟ اڃان ڪجهه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي، مون کي گهرائي حڪم ڏنائين. “مينا، هاڻ مدن موهن سياڻو ٿي ويو آهي. هاڻي هن جي شادي ڪري ڇڏ. گهر ۾ ننهن ايندي ته منهنجو به ڀلو ٿيندو، ٻڍاپي ۾ ڪم ايندي.”

مينا سر جهڪائي ادب سان چيو- “سِمي ته اڃان پڙهي پئي ۽ شاديءَ جي لاءِ اڃان ناسمجهه آهي.”

برج بهاريءَ جهٽڪي سان اٿندي چيو- “ننهن ته مون ڳولهي ڇڏي آهي.”

“سر پنچجي، اها ڪير آهي؟”

“اڙي ڀائي سبو! سبو!… پنهنجي سبو!” برج بهاريءَ پنهنجو اٽل فيصلو ٻڌايو. مينا ڪڏهن سرپنچ کي ڏسڻ لڳي ته ڪڏهن زمين کي پنهنجي پير ۾ آڱوٺي سان کوٽڻ لڳي، ڄڻ حيران رهجي وئي… زمين به ڄڻ ڀُريل- ڀُريل محسوس ٿيڻ لڳس… سبو!… ان سان ته شايد ڳوٺ جو ڪُتو به شادي نه ڪري. آخر جانور به ته پنهنجي پسند سان منهن لڳائيندا آهن. سبو ته ڄڻ ڪنهن الڳ دنيا مان آيل ٿي لڳي!

“تو ٻڌو نه مينا؟ مان ڪجهه چئي رهيو آهيان.”

مينا کي اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته برج بهاري آخر سندس پڙهيل لکيل ڳڀرو جوان پٽ جي قرباني ڏيڻ لاءِ ڇو آتو آهي.

“اها ڳالهه تون پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏ ته مدن موهن جي شادي سبو سان ئي ٿيندي. وڃ هاڻي وڃي شاديءَ جي تياري ڪر. خرچ پاڻيءَ لاءِ مون کان گهري وٺجانءِ… ۽ ها، ٻڌ هاڻ تون به پنهنجي باري ۾ سوچڻ شروع ڪر. ڪيستائين جگموهن جي واٽ نهاريندينءَ؟ اڙي لڙائيءَ ۾ وڃي ڪري ڪوئي واپس آيو آهي جو جگموهن ايندو…؟ توکي ڇا محسوس نه ٿيندو آهي ته تنهنجو هي چندن جهڙو بدن ڪيڏو اڃايل آهي. هاڻي تون به ان جي اڃ مٽائي ڇڏ.”

مينا هميشه وانگر نظرن کي جهڪائي اڻڄاڻ بڻجي بيٺي رهي. جواب ڏيڻ کان ڊڄندي هئي ته ڪيئن سرپنچ جي منهن لڳي. اڪيلي زال حوس جي هن ميدان ۾ پنهنجي جنگ لڙي رهي هئي. سوچي رهي هئي… ڪاش! اسان زالون به پنهنجن مردن سان گڏ لڙڻ مرڻ هلي وڃون. پنهنجي سهاڳ جي شيوا ڪندي، انهن سان گڏ جان به ڏيئي ڇڏيون. گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ وارن سرپنچ جهڙن جانورن کان بچاءُ ته ٿي وڃي ها. مرد ته هلي ٿا وڃن پنهنجي ديش واسين کي آتنڪوادين جي گولين کان بچائڻ لاءِ ۽ هتي انهن جون زالون اهڙن جانورن کان پنهنجي آبرو بچائڻ لاءِ پيون جنگ جوٽين. هي جانور ته زالن کي ڪچو گوشت سمجهي هضم ڪرڻ ٿا چاهين.

اهو سڀ سوچيندي مينا گهر ڏانهن رواني ٿي ته سامهون سبو اچي مٽڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کي ڏسي مينا جي اندر ۾ هڪ اڻوڻندڙ طوفان اٿيو. لڳو ته قدرت ڄڻ هن جي ڳچي ٺاهڻ وساري ڇڏي هئي. مٿيون ڌڙ وڏو ۽ ٽنگون تمام ننڍيون. ڪنڌ کي هڪ پاسي جهڪائي پنهنجي ننڍين ننڍين ٽنگن سان مينا ڏانهن ڄڻ ڊڪندي ٿي آئي. هن کي پهرين کان ڄاڻ هئي ته سرپنچ اڄ مدن جي ماءُ کي ڇا فيصلو ٻڌائڻ وارو آهي! سمورو ڳوٺ هن کي اٻوجهه سمجهندو هو، پر پنهنجي هر معاملي ۾ هوءَ شاتر هئي.

مينا تڪڙ ۾ پنهنجي واٽ مٽي تيز قدمن سان ٻنين مان ٿيندي پنهنجي گهر جي طرف هلڻ لڳي. ساڻ سوچيندي به رهي ته جڏهن کان وٺي ٿوري سياڻي ٿي آهي، برج بهاري ڄڻ مٿي تي سوار ٿي ويو اٿس. برج بهاري پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڊزن کن ٻارن مان هڪ هو. هاڻي ته هن کي خود پنهنجو نمبر ياد ناهي. پيءُ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويس.

اڪيلي ماءُ پالي پوسي وڏو ڪيس. ٻالڪپڻ کان برج بهاريءَ کي پنچائت لڳائڻ جو شوق هو، ڳالهيون خوب شيخي سان ڪندو هو، کائڻ پيئڻ، ڳائڻ وڄائڻ جو شوق هئس. هن ڄڻ هڪ سينا (فوج) ٺاهي ڇڏي هئي. جنهن جو سپهه سالار بڻجي هو حڪم هلائيندو رهندو هو. جيڪو به هن جو حڪم نه مڃيندو هو تنهن کي هو ڇڙٻيندو هو. ننڍي وهيءَ ۾ ئي برج بهاري ڄڻ ڪو ‘دادا’ بڻجي ويو هو. هن کي پنهنجي ماءُ جي ڇڙٻ جي به پرواهه نه هئي!

برج بهاريءَ جي مشغولين جي لسٽ ۾ هئي ڦرلٽ! ٻنين باغن مان، گهرن مان جو ڪجهه به چاهي کڻائي وٺي. خبر ناهي ته سڀ هن جو چيو ڇو ٻڌندا هئا ۽ مڃيندا هئا. هن جي من موهڪ شخصيت ۾ ڪجهه اهڙي ڪشش هئي جو هن جو چوڻ حڪم ڪري مڃيو ويندو هو. هن جي زبان ۾ ڪو اهڙو جادو هو جو هو پنهنجي غلط ڪيل ڪمن کي صحيح ثابت ڪري وٺندو هو. ڳوٺ جا سياڻا بزرگ به هن جي چڪر ۽ ڄار ۾ ڦاسي ويندا هئا. پنهنجي انهيءَ ڦڙتيءَ سان نوجوانن جو سهارو وٺي هو چڱو مڙس بڻجي ويو هو (سرپنچ) قاعدي سان ڪنهن پير بزرگ کي رهڻ گهرجي، پر اهي سڀ قائده قانون پڇاڙ کائي ويا. لوڪتنتر ۾ غنڊه بدمعاش گهڻو ڪم ايندا آهن، پنچائت جي چونڊ جي وقت اهي ئي ووٽ وجهڻ يا جن کي برج بهاري جي غنڊن وڃڻ ڏنو. ان کانپوءِ ته اڄ تائين ڪوبه هن کي سرپنچ جي گديءَ تان هٽائي نه سگهيو آهي. ڳوٺ جا وڏا ڪنهن نه ڪنهن مهل پراڻي وقت کي ياد ڪري آهون ڀريندا آهن ۽ وري پنهنجي جهور شرير کي ڍوئيندي گهر ڏانهن ويندڙ راهن تي گم ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن برج بهاريءَ جي خلاف آواز اٿاريو، انهيءَ جي اهڙي بيعزتي ٿيندي هئي جو ٻڌڻ وارو شرم ۾ پيو ڳرندو مرندو هو. سچ چوڻ وارو مجرم ٿي پوندو هو ۽ گنهگار برج بهاري پنهنجي راج گديءَ تي بي شرم ٿي پيو مرڪندو ۽ ٽڙندو هو. هن جي انهيءَ بي شرميءَ سبو کي به ڪين بخشيو. شراب جي نشي ۾ سبو سهڻي لڳي هوندي تڏهن ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جي دائيءَ کي سڏائي سبو کي ان جي حوالي ڪندي چيو، “ڏس دائي امان! هي ڳوٺ جون ڇوريون ڪٿان ڪٿان جي گندگي جمع پيون ڪن، هاڻ مان به ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکي ڪهڙين جو رکان.”

سبو سڀ پئي ٻڌو، ماٺ ڪري دائيءَ جي پٺيان هلي وئي، پر چئن ڏينهن ۾ موٽي آئي. هينئر هوءَ گهٻرايل ٻلي نه، گهايل شيرڻي بڻجي پئي هئي. ڳوٺ وارن جي سامهون سرپنچ جو نڪ ڪپڻ لاءِ تيار. سڀني جي سامهون زور سان رڙيون ڪندي چيائين. “سرپنچ جي تون ته ڳوٺ وارن جو مائي باپ آهين، هاڻ هن ابلا کي پنهنجي پتني بڻائي، ڀلا هاڻ هن اڀاڳيءَ سان ڪير شادي ڪندو؟”

سرپنچ گهٻرائجي ويو. هميشه هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ وارو برج بهاري حيران پريشان ٿي ويو. گهڻي عرصي کانپوءِ هو پنهنجو پاڻ کي مجبور محسوس ڪري رهيو هو، زالن کي ڪڏهن به هن مٿيون پُڙ ٿيڻ نه ڏنو، پر هي سبو ته مورڳو ئي چنڊال نڪتي. بدن سان چنبڙي خون چوسڻ لڳي. پر برج بهاري به سڀ داءُ پيچ ڄاڻندو هو. ڄار مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن جي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي ۽ چپن تي هڪ مرڪ! سامهون ڏسڻ آيو مٽيءَ جو ماڌو- مدن موهن! حيران هو ته دماغ ۾ اها ڳالهه پهرين ڇو نه آئي؟ قربانيءَ جو ٻڪرو سامهون ۽ سرپنچ پريشان. هو ته ضرور اها ڳالهه مڃي سبو سان شادي ڪري وٺندو. اهو ئي سوچي هن مينا سان سبو جي شاديءَ جي لاءِ ڳالهه ڇيڙي.

مينا جي چهري جو ته رنگ ئي اڏامي ويو، چپ رهي بي آواز، بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي. سبو بيچين ٿي برج بهاري جي اڳيان پٺيان ڦيرا پائڻ لڳي. هاڻ هن کي برج بهاريءَ جي ڪمزوريءَ جي واڳ هٿ اچي وئي هئي، پر جڏهن سرپنچ مدن موهن سان هن جي شادي ڪرائڻ جي رشوت ڏني ته هوءَ خوشيءَ مان ٽڙي پئي. هن جي مردانگيءَ تي هوءَ اڳ ۾ ئي فدا هئي، لڳس هاڻ هن جو ڀاڳ کليو آهي. سموري ڳوٺ ۾ نچندي ڦرندي پنهنجي شاديءَ جو ڍنڍورو گهمائي سڀني کي پاڻ دعوت ڏيڻ شروع ڪيائين.

سبو جي ننڍڙي ڀيڻ ‘نڪٽو’ جڏهن سبو جي آن بان ۽ شان کان واقف ٿي ته پاڻ به سرپنچ جي سيوا ڪرڻ لاءِ پهل ڪيائين. گهر ۾ ايئن گهڙي وئي جو ڪيترا ڏينهن ٻاهر ئي نه نڪتي. گهڻا ڳوٺ وارا انومان لڳائڻ لڳا ته آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪي اهڙا به هئا جي سرپنچ کي پرميشور جو روپ ڪري مڃيندا هئا. ان جي سوچ جي مطابق ‘نڪٽو’ پڃ (ثواب) ڪمائي رهي هئي. سرپنچ کي جڏهن ڪو نئون شڪار ملندو هو ته بس پاڻ ئي رڌيندو هو ۽ پاڻ ئي کائيندو هو ۽ ڪڏهن وري ڪجهه بچيو کچيو پنهنجي ساٿين جي سامهون به ڦٽي ڪندو هو جن جي منهن مان شڪار کي ڏسي لاڙ پئي ڳڙندي هئي. ساٿين تي رعب جو دٻاءُ وجهندي چوندو هو، “ڀائي اسان ڪڏهن اڪيلا نٿا کائي سگهون ونڊي ڪري کائڻ جو مزو ئي ٻيو آهي.”

سڀ ڪجهه سمجهندي به ساٿي ماٺ ڪري ويهندا هئا. ايئن گهڻائي ڀيرا ٿيندو هو ته ڪا نئين ڇوڪري يا زال هن جي پڃري ۾ ايندي هئي ته برج بهاري ٽي چار يا ان کان وڌيڪ ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويندو هو، ۽ ٻاهر اچڻ سان اها ئي پنچائت لڳائي ويهندو هو. اهڙيءَ ريت گرجندو هو ڄڻ ته رات ڏينهن ڪم ڪرڻ وارا ته ڄڻ عيش ڪري رهيا آهن ۽ هو پاڻ خود ‘نڪٽو’ جهڙيءَ سان بند ڪمري ۾ هن جو ڀڳل نڪ ٽراشي رهيو هو. سندس ساٿي سڀ ڪجهه سمجهندي بس پنهنجي حصي جي ريکائن سان ناراضگي ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا هئا.

جڏهن ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته برج بهاري مدن موهن جي شادي سبو سان ڪرائڻ لاءِ آتو آهي ته هو حيران ٿي ويا. ڇا انياءُ آهي؟ ڇا ظلم آهي؟ ويچاري مدن موهن اهڙو ڪهڙو پاپ ڪيو آهي، جنهن جي ايڏي وڏي سزا هن کي ڏني پئي وڃي. هو ڪيتري سيوا ٿو ڪري سرپنچ جي ۽ ان جو هي بدلو…!

مينا پنهنجي پٽ جي خير خواهيءَ جي خاطر سڄي ڳوٺ ۾ هڪ هڪ جي اڳيان ٻاڏايو ته هن جي پٽ کي سرپنچ جي حوس جي شڪار ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڪو ته ديا ڪري سرپنچ سان ڳالهائي، هن کي سمجهائي. سبو سان شاديءَ جي خبر ٻڌي مدن موهن ڄڻ مڻن جي بار هيٺان دٻجي ويو، پر سڀ ڪجهه برج بهاريءَ جي غصي کان واقف هئا. انصاف گهري ته ڪير؟ سبو کانسواءِ ڀلا ڪنهن جو ڪم هو، جو برج بهاريءَ جي خلاف آواز اٿاري؟ پر هوءَ جو ڪجهه چوي؟ سرپنچ مهاديو هن جي دلي تمنا پوري ڪرڻ لاءِ هي سڀ ڪري رهيو آهي. هوءَ پنهنجون اکيون آس ۾ وڇائي ويٺي هئي، اُتاوليءَ ۾ ڪڏهن ته درزيءَ وٽ پهچي ويندي هئي ته ڪڏهن رنگه ريج وٽ.

هن کي ڪو فرق نٿي پيو. ڪوئي هن جي خوشيءَ ۾ شامل نه هو. سڀ مدن موهن جي افسوس ۾ شامل هئا. سڀني جي منهن تي هڪ ئي ڳالهه هئي، ويچارو بي موت ماريو ويندو. سبو جنهن وقت خوشيءَ ۾ ڏند ڀيڙيندي هئي ‘پايوريا’ جي ڪري سندس مهارن مان بدبوءِ هوا ۾ ملي ويندي هئي، پر انهيءَ سان ڇا فرق پوندو. سڄو وقت گنگنائيندي ٺُمڪ ٺُمڪ ڪري هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦرندي هئي. سوناري وٽ وڃي پنهنجي ننڍڙي نرڙ تي بِندي رکي ڏسندي هئي. منهن تي گهنگهرالو وار ايئن لڳندا هئا ته ڄڻ ڪا گاهه جي ڇت جهوپڙيءَ کي ڍڪي رهي آهي. ننڍي ڳچي، تنگ پيشاني، ٻاهر نڪتل ڏند ڄڻ ‘ڊاروِن’ جي ٿيئريءَ جو شاهڪار لڳندي هئي.

مدن موهن اڃان تائين ڪجهه سمجهي نه سگهيو. سڄي عمر گڏهه وانگر سرپنچ جي سيوا ڪئي، پيءُ وانگر مڃيو. ڪڏهن ڀرم ٿيندو هئس ته سرپنچ هن کي پيار ڪندو آهي. سنان لاءِ خوشبودار صابڻ ۽ سال ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا به وٺي ڏيندو هو ۽ اڄ ته سرپنچ گهڻائي نوان ڪپڙا وٺي ڏنا آهن، نوان جوتا به ساڻ موڪليا. من ۾ آيس ته انهن نون جوتن سان سرپنچ جي سيوا ڪري. هاڻ ته شاديءَ جو ڏينهن به اچي مٿان بيٺو آهي.  دلهن جي روپ ۾ سبو جي بيچيني ڏسڻ وٽان هئي. هوءَ مدن موهن کي گهوٽ جي روپ ۾ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئي. مدن موهن کي آواز ڏنو ويو، مگر هو گهر ۾ هجي ته اچي! ڪنهن ٻڌايو ته هن مدن موهن کي شام جي وقت پپل واري مندر ڏانهن ويندو ڏٺو هو. هڪ هڪ ڪري سڀ ماڻهو اٿي ڪري پنهنجي گهرن ۾ واپس وڃڻ لڳا.

هاڻ سبو به ٿڪجڻ لڳي. برج بهاري به اڃان تائين نه پهتو هو. سبو پنهنجي دلهن جي لباس جي چنتا نه ڪئي… بس اٿي ۽ سرپنچ جي گهر ڏانهن هلڻ لڳي.

***