ماسي دريا خاتون جو حيدرآباد وارو گهر، هڪ روايتي خوبصورت سنڌي گهر هو، جنهن ۾ داخل ٿيڻ وقت سڀ کان پهرين وڏو اڱڻ ايندو هو. جنهن کانپوءِ وڏو محرابي ورانڊو ۽ ورانڊي جي اندر هڪ وڏو سُفو ۽ سُفي سان گڏ ڪمرا. ورانڊي ۾ ورهاڱي کان اڳ جو خوبصورت فرنيچر، ڪرسيون ۽ ميزون پيل هيون، پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻو بمبيءَ جي واڍن جو ٺاهيل هندورو، پڪي ساڳ جي ڪاٺ مان ٺاهيل اهو هندورو ڪيئي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به نت نئون لڳندو هو. هندوري جي سرائي ۽ لوڏڻيءَ ۾ بيلجيم جي ٿلهي شيشي جا آئينا لڳل هئا، جن جي چمڪ به واهه جي هئي. جيتوڻيڪ گهر جي وڏي سفي ۾ هالا جي جنڊيءَ وارو هندورو پيل هو، پر ماسي دريا خاتون ڪڏهن به ان تي ويهڻ پسند نه ڪيو. صبح جو هوءَ ڪم ڪار لاهي ۽ ورانڊي ۾ پيل پنهنجي پسنديده هندوري ۾ اچي ويهندي هئي. چشمو لڳائي ڀرت به ڀريندي هئي ته نُهرن تي حڪم به پئي هلائيندي هئي. منجهند جو وري آرام به ان ئي هندوري ۾ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا پاڙي جي پوڙهي آئي ٿي ته پوءِ ٻئي ڄڻيون ان هندوري ۾ لڏندي ماضيءَ جي اونداهيءَ ۾ يادن جو ڏيئو کڻي ننڍپڻ جي تلاش ڪنديون هيون ۽ ماضيءَ جي سونهري دور کي ياد ڪندي ٿڌا ساهه کڻنديون هيون. هنن لاءِ ماضي هڪ خوبصورت سپنو هو ۽ حال هڪ ڊيڄاريندڙ حقيقت. ماضيءَ جا ڪردار هنن لاءِ سٻاجها، سادا، شريف ۽ انساني گڻن سان ٽمٽار هئا، سندن بار بار ذڪر ٿيندو هو، حال جي ڪردارن جو گهڻو ڪري ته ڪو ذڪر ئي ڪونه ٿيندو هو، پر جي ذڪر ٿيندو به هو ته صرف سندن مذمت ڪرڻ لاءِ.
هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ماسيءَ دريا خاتون جي ٽن پٽن مان ٻه پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي وٺي الڳ ٿي، پنهنجن بنگلن ۾ وڃي ويٺا. بس رهجي ويو ته صرف هڪ ئي پٽ سليم جنهن اڃان شادي نه ڪئي هئي ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو. ماسي دريا خاتون پٽن کي گڏ ويهارڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سندس پٽ وڏين نوڪرين جي ڪري وڏي ملڪيت ٺاهي ويا هئا جنهنڪري کين اهو گهر ڏاڍو سوڙهو پئي لڳو. بيگمات کي وڏيون دعوتون ڪرڻ ۾ الڳ تڪليف تنهنڪري هنن پوڙهي دريا خاتون جي هڪ به نه ٻڌي. ان ڏينهن جنهن ڏينهن پوڙهيءَ جا ٻئي پٽ گهر ڇڏي هليا ويا. پوڙهي پنهنجي آرسين واري قديم هندوري ۾ ويهي لڏڻ بدران اڱڻ تي ويهي لڙڪ لاڙيندي رهي، ايئن جيئن ڪا ماءُ جوان پٽ جي موت تي لڙڪ لاڙيندي آهي. تڏهن اچانڪ سليم يونيورسٽي مان پڙهي گهر پهتو. پوڙهيءَ پنهنجي ننڍي پٽ کي پنهنجي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ٿي چاهيو، دل جو غبار هلڪو ڪرڻ ٿي چاهيو، پر هن جي نظر اچانڪ سليم جي پويان ايندڙ نوجوان تي پئي، جيڪو گهٻراهٽ جهڙي ڪنهن نئين ماڻهو کي نئين گهر يا نئين ماحول ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿيندي آهي.
امان هي صادقين آهي منهنجو دوست!
سليم تعارف ڪرايو ته صادقين نوڙي پوڙهيءَ کي سلام ڪيو.
سليم چيو: “امان! صادقين توهان کي پرپٺ ماءُ مڃيو آهي، جڏهن مون کيس ٻڌايو ته منهنجي هڪ خوبصورت ۽ پيار ڪندڙ ماءُ آهي ته هن توهان سان ملڻ تي زور ڀريو.”
جڏهن پوڙهي دريا خاتون اهو ٻڌو ته حيران ٿي وئي، هوءَ سوچڻ لڳي ته: ڇا دنيا ۾ اهڙو به پٽ ٿي سگهي ٿو، جنهن کي جنم ته نه ڏجي، پر پوءِ به هو ماءُ مڃي! پوءِ هن کي پنهنجا پٽ ياد آيا جن کي هن جنم ڏنو هو، پر اهي کيس ڇڏي هليا ويا. هوءَ منجهي پئي ته صادقين کي ڇا چئي. تڏهن اچانڪ صادقين چيو: “امان! جي توهان مون کي پنهنجو پٽ تسليم نه به ڪنديون تڏهن به مان توهان کي امان چوندو رهندس.”
پوڙهيءَ کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي، کيس پنهنجن سڳن پٽن جي جدائيءَ جو غم ڪجهه هلڪو ٿيو.
مهمان ماني کاڌي ۽ پوءِ چانهه تي گفتگو ڪندي پوڙهيءَ پنهنجي نئين پڻ کي پنهنجي جوانيءَ، ورهاڱي ۽ ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل ماڻهن بابت ٻڌائيندي رهي. “ابا اسان ته هنن جي حوالي سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو، پر هو اڄ تائين سنڌي نه ٿي سگهيا اڄ به پاڻ کي مهاجر ٿا سڏائين، هاڻي ته الڳ پارٽي ٺاهي اٿن، ڀتيون نعرن سان رنڱي ڇڏيون اٿن، بندوقون ۽ ڀالا به ٺاهي ڇڏيا اٿن. سنڌين کان وڌيڪ حق اٿن پوءِ به هنن کي حق ٿا کپن!”
پوڙهي اهو سڀ ڪجهه يڪ ساهيءَ ۾ چئي وئي. سليم يڪدم وچ ۾ پيو، چيائين: “امان انهن مان ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي دل ۽ جان سان سنڌي سڏائين ٿا سنڌ سان پيار ڪن ٿا، هاڻي هنن کي به احساس ٿيو آهي ته هنن جو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آهي، سنڌ ڌرتي به سندن اهڙي ماءُ آهي جهڙي سنڌين جي!”
ان تي پوڙهيءَ غصي مان چيو: “نه نه مون کي ته انهن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ڪونه ٿو سجهي!”
پوڙهيءَ صادقين جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي وئي. جيستائين هوءَ ڪجهه چوي ان کان اڳ صادقين چيو: “امان! آئون توهان کي پنهنجي ماءُ بڻائي چڪو آهيان ته يقينن سنڌ ڌرتيءَ کي به ماءُ بڻايو هوندم، ڏسو ته ڪيئن پيو سنڌي ڳالهايان. خبر اٿئو يونيورسٽي ۾ ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ ايم. اي پيو ڪريان؟ سنڌيءَ ۾! هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سنڌ ڌرتيءَ جي انهن سمورن احسانن جو بدلو نه صرف سنڌي بڻجي ڏيون، پر سنڌ ڌرتيءَ جي حفاظت، ان جي حرمت ۽ حقن لاءِ به ويڙهه ڪريون.” ان تي پوڙهي اٿي پنهنجي نئين پٽ جي مٿي تي شفقت وچان هٿ ڦيريو، پوءِ چيائين: “ابا هاڻي نه تون هن ڌرتيءَ تي ڌاريو آهين ۽ نه ئي منهنجو ويڳو پٽ! تون منهنجي لاءِ سليم جو جاڙو ڀاءُ آهين!”
پوڙهيءَ جي ان شفقت ڀرئي پيار تي صادقين جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. دريا خاتون پنهنجا لڙڪ اگهي چيو: “جڏهن به چاهين منهنجي گهر ايندو ڪر، بلڪه آئون ته اهو ئي چونديس ته تون هن گهر ۾ روز اچ! هتي ئي رهي پئو!”
صادقين ها ڪئي.
۽ پوءِ صادقين روز امڙ وٽ وڃڻ لڳو. پوڙهي دريا خاتون کيس ايترو ته پيار ڏنو جو کيس وسري ويو ته کيس جنم ڏيندڙ ماءُ واقعي به مري چڪي آهي. جڏهن هو پنهنجي برادريءَ جي دوستن ۽ عزيزن کي اها ڳالهه ٻڌائيندو هو ته انهن مان ڪير به مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هو. سڀ چوندا هئا هڪ سنڌي ماءُ هڪ مهاجر کي ڪيئن ٿي پنهنجو پٽ بڻائي سگهي، تڏهن صادقين کين اها اهو ئي چوندو هو ته جڏهن سنڌ جي ڌرتي لکين مهاجرن کي پناهه ڏئي سندن ماءُ بڻجي سگهي ٿي ته پوءِ امڙ دريا خاتون سندس ماءُ ڇو نٿي بڻجي سگهي. تڏهن انهن مان اڪثر چوندا هئا سنڌي ته اسان کي سمجهن ئي ڪونه ٿا يا وري اڪثر اهو تعصب نه گٺل پيٺل جملو ڳالهايو ويندو هو ته سنڌي هندن جا غلام هئا، اسان هندستان مان اچي کين آزاد ڪرايو آهي، اسان کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ گهرجي.
تڏهن صادقين کي ڏاڍو غصو ايندو هو، چوندو هو توهان سنڌين کي هندن کان آزاد نه ڪرايو هو، پر ڀارت ۾ هندن هٿان مار کائي سنڌين وٽ اچي پناهه ورتي هئي. هاڻي توهان کي ڌرتيءَ جو قرض چڪائڻ لاءِ سنڌي ٿي وڃڻ گهرجي. صادقين جون ڳالهيون ڪجهه نوجوانن کي سمجهه ۾ اچڻ لڳيون هيون هنن نه صرف سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، پر سنڌي لباس به شوق سان پائڻ لڳا هئا، خاص ڪري ٽوپي ۽ اجرڪ.
ٻئي طرف ڪجهه اهڙا به سنڌي هئا جيڪي سليم ۽ ماسي دريا خاتون تي ڪاوڙجي پيا هئا. پاڙي جي دڪاندار محمد علي پوڙهيءَ کي چيو: “ماسي گهر ۾ نانگ نه پال، نانگ کي جيترو به کير پياربو اهو ڏنگ هڻڻ ڪونه ڇڏيندو!
پوڙهيءَ سندس مطلب سمجهي ورتو. چيائين: “ابا ائين ته تون به نانگ آهين تنهنجي وڏن به رڳو ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ ۾ پناهه اچي ورتي هئي!”
محمد عليءَ ان تي غصي مان چيو: “پر امان اسان ته هتي سنڌ ۾ رهي سنڌي ٿي وياسين نه، سنڌي ڳالهايون ٿا، سنڌ پڙهون ۽ لکون ٿا ۽ سنڌ لاءِ سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون!”
پوڙهي ايئن چوندي پنهنجو سامان سيٽي دڪان تان لهي تڪڙي تڪڙي گهر هلي آئي هئي. ڇو ته کيس محمد علي تي گهڻو غصو چڙهي ويو هو، پوءِ جڏهن سليم ۽ صادقين کي يونيورسٽي مان وئڪيشن ملي ته ٻنهي سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. پوڙهي به هنن سان گڏجي پئي. پهرين ڀٽ شاهه جي درگاهه تي حاضري ڀريائون جتي صادقين لطيف جي ايتري ته بيتن جي پڙهڻ ۽ تشريح ڪئي جو پوڙهي حيران ٿي وئي. ڀٽ شاهه کانپوءِ هنن جو پنڌ سن طرف هو. صادقين پوڙهي دريا خاتون کي ٻڌايو ته سن ۾ لطيف جو زنده روپ موجود آهي. جڏهن هو سن ۾ سيد وٽ پهتا ته پوڙهي دنگ رهجي وئي. سن ۾ واقعي به لطيف جو زنده روپ موجود هو، سندس مهمان نوازي ۽ پيار ڏسي پوڙهي جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، سيد کي هٿ ٻڌي منهن تي چئي ڏنائين: “سائين! اسان توهان کي ماڻهن جي ٻڌل ڳالهين تي هميشه پٽون پاراتا ڏنا، پر اڄ توهان وٽ اچي ائين محسوس ٿيو آهي ته توهان سچا ۽ باقي دنيا ڪوڙي آهي!”
سيد سندس مٿي تي هٿ رکي کيس اجرڪ پارائي چيائين: “تو هڪ اهڙي نوجوان کي پٽ بڻائي مثالي ڪم ڪيو آهي، جنهن جي اسان جي سنڌ کي ضرورت آهي. جيڪڏهن توهان جهڙيون مائرون اهڙن پٽن کي پنهنجو ڪنديون رهنديون ته پوءِ هن ڌرتيءَ تي وڏو امن امان قائم ٿي سگهي ٿو، هڪ وڏي دشمني دور ٿي سگهي ٿي!”
هو سيد کان وڏو پيار وٺي رني ڪوٽ گهمڻ ويا. جنهن جي وچ ۾ هڪ پٿرن جو قلعو سنڌ جي عظمت بيان ڪري رهيو هو. پوڙهي دريا خاتون جنهن عمر جو گهڻو حصو حيدرآباد جي هڪ گهر ۾ گذاري ڇڏيو هو ان کي پهريون ڀيرو پتو پيو ته سنڌ ايتري وسيع ٿي سگهي ٿي. “اڃان ته سنڌ جي هڪ ٽڪري کي گهمي سگهيا آهيون. امڙ سچ اهو آهي ته سنڌ ڏاڍي وڏي آهي. منهنجو وطن دنيا ۾ سڀني ملڪن کان سهڻو آهي!” صادقين جي زبان مان اهي لفظ ٻڌي پوڙهيءَ جي اکين مان ڳوڙها اچي ويا. پوءِ هو لاڙڪاڻي روانا ٿيا موهن جو دڙو ڏسڻ. روڊ جي ٻنهي پاسي ساوڪ ڏسي پوڙهيءَ جي اکين کي تمام گهڻو آسيس آيو. زيتونن جي باغن ۾ تازا زيتون لڙڪي رهيا هئا، پري کان زيتونن جي سونڌي سونڌي خوشبو اچي رهي هئي. رستي تي جيئن ئي گاڏي بيٺي پوڙهيءَ گاڏي واري کان ڪلو کن تازا ۽ نرم زيتون خريد ڪيا. پوءِ چيائين: “واهه لاڙڪاڻي جا زيتون ننڍي هوندي ڏاڍا کائيندا هئاسين!”
موهن جي دڙي تي پهچندي، سڀني سنڌ جي هن قديم عظمت جي آثارن کي سلام ڪيو ۽ شبرستان هوٽل ۾ چانهه پيتي. پوڙهي اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته صادقين موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي چمي رهيو آهي. تڏهن هن سليم کي ٺونٺ هنئي، سليم مرڪندي چيو: “جڏهن به ڪو نئون مسلمان ٿيندو آهي تڏهن ان کي پراڻن مسلمانن کان وڌيڪ اسلام سان پيار هوندو آهي، بلڪل اهڙي طرح صادقين به نئون سنڌي آهي ان ڪري کيس پراڻن سنڌين کان به وڌيڪ سنڌ سان پيار آهي ڇڏي ڏيوس ته هو پنهنجي ان پيار جو اظهار ڌرتيءَ جي ڌوڙ چمي ڪري شڪارپور پهچي هنن لکي در تي فالودو کاڌو، پوءِ سکر ۽ ساڌ ٻيلي کان ٿيندي، اهو ننڍڙو قافلو خيرپور پهتو. اتي پوڙهيءَ پنج ڇهه ڪلو کارڪون ورتيون، ڪجهه پنهنجي لاءِ ۽ ڪجهه پٽن ۽ پاڙيوارن لاءِ.
واپسيءَ تي وري هنن لطيف جي درگاهه تي حاضري ڀري، حاضري ڀري دعا گهري هوءَ جيئن ئي ٻاهر پئي نڪتي ته کيس ٻه الهڙ جوان ناريون ٽڪرجي ويون. ٻنهي کي گج وارا ڀرت ڀريل سهڻا سنڌي ڪپڙا پاتل هئا. ٻئي ڦُوهه جوانيءَ ۾ ٽمٽار. پوڙهي هنن کي ڏسندي رهي پوءِ سندس دل مان نڪتو: “ماشاءَ الله! ڪيڏيون ته سهڻيون آهن! لڳي ٿو الله سائين هنن کي واندڪائي ۾ ٺاهيو آهي!”
پوڙهي اڃان قدرت جا اهي شاهڪار ڏسي رهي هئي ته سليم ۽ صادقين به اچي اتي پهتا. ٻئي ڄڻا نارين سان ڳالهائڻ لڳا، تڏهن پوڙهي کي خبر پئي ته اهي ٻئي الهڙ جوان ڇوڪريون هنن سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهنديون آهن. انهن مان نيرن ڪپڙن واري فريحه هئي ۽ گلابي جوڙي واري طوبيٰ. فريحه ٺيٺ سنڌي ڳالهائي رهي هئي، پر طوبيٰ اردو گاڏر سنڌي ڳالهائي، سنڌي جون ٽنگون ٻانهون ڀڃي رهي هئي ان ڪري جو سنڌي سندس مادري زبان نه هئي.
ٻئي ڌريون پهرين ته هڪٻئي کي اتي ڏسي حيران ٿي ويون. سليم طوبيٰ کي ڏسي چيو: “توهان هتي!”
تڏهن طوبيٰ به حيرانيءَ مان چيو: “آپ هتي!؟”
ٻنهي جي آڏي پڇا تي صادقين کلندي چيو: “بابا ڀٽ شاهه سنڌ ۾ آهي، جڏهن چار پنج سنڌي سنڌ ۾ ملن ته حيران ڇو ٿين، اسان ڪو آمريڪا ۾ ته نه مليا آهيون!”
“پوڙهي هنن کي ڳالهائيندي ڏسي مرڪندي رهي ۽ دل ئي دل ۾ چوندي رهي واقعي لطيف لطيف آهي. درگاهه تي دعا گهرندي ٻنهي پٽن جي لاءِ ڪي سهڻيون ڪنواريون ملڻ جي باس باسي هئم ۽ منهنجي باس هي جو هتي قبول ٿي وئي!”
پوءِ موڪلائڻ وقت طوبيٰ پوڙهي جا هٿ پڪڙيندي چيو: “امان مون کي دعا ڪريو ته آئون فر فر سنڌي ڳالهايان!”
پوڙهيءَ کيس مٿي تي مٺي ڏيندي چيو: “امڙ! مون کي ته تنهنجي اها ٽٽل ڦٽل سنڌي به ڏاڍي ٿي وڻي. اسان ڪنهن ٻوليءَ جي خلاف ناهيون، پر ان سوچ جي خلاف آهيون جنهن جي ڪري ڪئين اردو ڳالهائيندڙ سنڌ کي پنهنجو وطن مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.” طوبيٰ سندس ڳالهه تي متفق ٿي هاڪار ڪئي. تڏهن پوڙهي مصنوعي غصي مان ٻنهي پٽن کي چيو: “مان توهان سان ناراض آهيان!”
“ڇو امان!” ٻنهي پٽن گڏيل آواز ۾ چيو.
تڏهن پوڙهي مرڪندي ٻنهي ڇوڪرين کي ڏسندي چيو: “توهان مون کي هنن سان پهرين ڇو نه ملايو؟”
تنهن تي ٻنهي پٽن هٿ ٻڌندي چيو: “غطي ٿي وئي امان!” ان تي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو.
حيدرآباد واپس اچي سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. تڏهن اچانڪ هڪ ڏينهن خبر آئي “يونيورسٽي جي شاگردن جي بس تي ميئر حملو ڪرايو آهي سنڌي مهاجر جهڳڙا شروع ٿي ويا آهن!” ان خبر تي پوڙهيءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. شام جو جڏهن شهر ۾ ڪرفيو لڳو ته ان تي ڳالهه جي پڪ ٿي وئي. اها رات صادقين سندس ئي گهر ٽڪيل هو. سڀ اها ئي دعا گهري رهيا هئا ته جهيڙو اڳتي نه وڌي نه ته سالن جو اعتماد پرزا پرزا ٿي ويندو، رت جا درياءَ وهڻ لڳندا، جيڪو ٻنهي ڌرين جي حق ۾ ناهي. جڏهن چند ڏينهن ۾ ڪرفيو کڄي ويو ته سڀني سک جو ساهه کنيو، پر وري مهينو کن ترسي ميئر تي قاتلاڻي حملي جو مسئلو سامهون آيو، ان جي رد عمل ۾ حيدرآباد اندر ڪيترن ئي سنڌي خاندانن کي قتل ڪيو ويو، ڪروڙين رپين جون ملڪيتون تباهه ٿي ويون. تڏهن پوڙهيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو: “خبر ناهي ته سنڌ کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي!” حالتون ڏاڍيون خراب هيون، پر پوءِ به پوڙهي پر اميد هئي. کيس اميد هئي ته حالتون وري به بهتر ٿي وينديون، ڇو ته هن جهيڙي جو ڪو بنياد ئي ڪونهي، ايتري خراب حالت هوندي به پوڙهيءَ جو صادقين لاءِ پيار نه گهٽيو، هن حقيقي مامتا جو پيار ڪردار نڀائي پٽن کي آٿت ڏني هئي. صادقين امڙ جي آڏو شرمساريءَ وچان چيو: “امان! بدقسمتيءَ سان اسان جي اردو ڳالهائيندڙن کي ڪي سچا ليڊر نه مليا آهن، جنهن ڪري هيءَ رتوڇاڻ ٿي رهي آهي. جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته آئون پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي هن دشمنيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏيان!”
تڏهن پوڙهيءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيو هو: “ابا! تون سچ ٿو چوين باقي جان جو نذرانو ڏيڻ واري ڳالهه نه ڪر، جان جو نذرانو اهي ڇو نٿا ڏين جن هتي اچي ڪروڙن جا ڪليم ورتا آهن؟”
پوڙهيءَ سک جو ساهه کنيو جو چند ڏينهن جي ڪرفيو کانپوءِ حالتون وري بهتر ٿي ويون. بازارن ۽ گهٽين ۾ اها ساڳي گهما گهمي شروع ٿي وئي. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارا وري رستن تان اچڻ وڃڻ لڳا، تڏهن پوڙهيءَ انهن سڀني مخالفن کي مخاطب ٿي چيو: “ڏسو حالتون وري بهتر ٿي ويون آهن توهان هرو ڀرو ۽ خوامخواهه مون کي غدار ۽ وطن دشمن چئي رهيا آهيو. مون هڪ اهڙي پٽ کي پاليو آهي جيڪو سڄي سنڌ جي مائرن لاءِ مثال بڻجي ويندو.”
هڪڙي ڏينهن سليم ڪراچي ويل هو طوبيٰ سان ملڻ، پوڙهي پڪو پروگرام ٺاهيو ويٺي هئي ته طوبيٰ وٽان ها ٿئي باقي ان جي مائٽن مان پاڻ ئي سنڱ ڪڍندي. حيدرآباد ۾ صادقين پريشان هو ته هو فريحه جي مائٽن سان ڪيئن ملي. ڇو ته سنڌي مهاجر جهڳڙن ٿوري وٿي وجهي ڇڏي هئي. پوڙهيءَ کيس آٿت ڏني هئي “فريحه صرف تنهنجي آهي ۽ تون ئي ماڻيندين”
تڏهن هو اطمينان سان جمعي جي نماز پڙهڻ هليو ويو. جمعي جي نماز پڙهي جيئن ئي حيدرآباد جا شهري پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا ته گولين جا مينهن وسڻ لڳا. بنا نمبر پليٽ جي گاڏين ۾ ويٺل موت جا انڌا سوداگر انڌا ڌنڌ گوليون هلائي بي گناهن کي رت ۾ وهنجاري رهيا هئا. گولين جي آواز تي پوڙهي ٻاهر نڪري آئي. هن ڪيترن ئي لاشن جي وچ ۾ صادقين جو لاش سڃاڻي ورتو. هوءَ لاش مٿان چرين جيان ڪري آهه و پڪار ڪري رهي هئي. لاش اسپتالن ڏانهن نيا ويا. سليم کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي موت جو اطلاع مليو. هو رات جو ئي حيدرآباد لاءِ روانو ٿيڻ واسطي بس اسٽاپ تي پهتو. هڪ همراهه هن کان پڇيو: “اڄ ڪهڙي تاريخ آهي؟”
پهرين آڪٽوبر هن ڏکاري لهجي ۾ چيو.
عين ٽائيم تي هٿياربند دهشتگردن جو هڪ وڏو ٽولو آيو، هنن بس جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن جي مٿان پيٽرول هاريو ۽ پوءِ باهه لڳائي ڇڏي..
معصوم ماڻهو بچايو بچايو جي صدا بلند ڪندا سڙندا پچندا موت جي منهن ۾ وڃي رهيا هئا. سليم باهه ۾ جلدي ڪپڙا لاهي پري اڇلايا، هو رستي جي فوٽ پاٿ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. عين ٽائيم تي هڪ رينجرز جي گاڏي پهتي، رينجرز وارا گاڏيءَ مان لهي سليم جي مٿان اچي بيٺا. سليم درد مان تڙپندي کين چيو: “مون کي اسپتال وٺي هلو آئون زنده آهيان!”
رينجرز جي هڪ سپاهيءَ کيس لانگ بوٽ سان ٿڏو هڻندي چيو، پر اسان توکي زنده نٿا ڏسڻ چاهيون.