بلاگنئون

سنڌ جو دورو ڪندڙ سياحن کان سجاول ۾ ڦر

سنڌ ڌرتي کي پنهنجي امن ۽ مهمان نوازي واري مثالي روايت کان ھن دور جي بدامني سبب ھٿ وٺي داءُ تي لڳايو پيو وڃي. سنڌ جي محبتي ۽ امن ڀري شهر سجاول ۾ ڏھن ملڪن جي سياحت تي نڪتل پولينڊ جي مهمان سياح جوڙي کي ھيسائڻ ۽ ڦر ڪرڻ واري واقعي سبب سنڌ جي بدنامي سبب ڪنڌ شرم کان جهڪجي ويو آهي. گهڻي وقت کان عورتن کان زيور وغيره ڦر ڪرڻ جا ڏوھ ٿيڻ واريون خبرون ٻڌندا ھئاسين، پر انهن خلاف ڪو جوڳو قدم نه کڻڻ ڪري ڏوھارين جي بي پرواھي ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو جيڪا ڏوهاري سرگرمي وڌي وڃي پرڏيهي سياحن کان به ڦر ڪرڻ واري واقعي تي پهتي آهي. ھن واقعي تي ميڊيا خاص ڪري اردو ميڊيا جي ڪجهه چئنلن پنهنجي رپورٽنگ ڪرڻ سبب پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ھيءَ افسوسناڪ خبر نشر ڪري پاڪستان خاص ڪري سنڌ کي بدنام ڪري ڇڏيو آھي..! جنهن سان ٿي سگهي ٿو سياحت کي ڪجهه ڌڪ رسي.

انگريز کان ڦر ڪرڻ واري خبر بعد سڀ خبرون آشڪار ٿي ويون ته سنڌ صوبي جو امن امان ڪيتري قدر “بهتر” ۽ “سڀ ٺيڪ” آهي…!؟ حڪومت جي مطمئن ٿيڻ جا راز سڀ فاش ٿي ويا. سنڌ واسي ته اڳ ۾ فرياد دانهون ۽ گذارشون ڪندا رهيا ته امن کي تباھ ٿيڻ کي بچايو وڃي،  پر حاڪم طبقو “سڀ ٺيڪ آ” تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺل رهيو. ڇو جو اھو سچ ھو ته اعليٰ طبقي وارن امن امان بهتر ٿي ڏٺو.

سجاول واري واقعي ۾ شرم ۽ حيا کان ڪم ٽپي ويو. سنڌ جو امن امان داءُ تي لڳل هجڻ ڪري ڦورو، لٽيرا، وحشي، اغوا ڪار، ڌاڙيل، منشيات جا ڪاروبار ڪندڙ سڀ بي فڪري سان ڏوھ ڪرڻ لڳا آھن. ڇو جو “ڏنو پٽ ڇٽي جو” وارو دور هلي رھيو آھي، جنھن ڪري انگريز سياح مهمانن  کي به نه بخشيو ويو. خدارا سنڌ ڌرتي جي عظمت جو ته خيال ڪريو. ھن افسوس جوڳي ڏوھ تي پوليس عملدارن خاص ڪري ايس ايس پي کي به جاچ جي ذمري ۾ آندو وڃي، جنھن به حد ۾ ھي سياح مسافر مهمانن کي لٽڻ جو واقعو ٿيو آهي تنهن حد جي صوبيدار کي ھٽائي سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري پوليس کاتي مان ڪارين رڍن جي خاتمي طرف ھنگامي قدم کنيا ويندا ته ڏوهه ۽ ڏوهاري سرگرميون گهٽجي سگهن ٿيون.

انگريز سياح مهمانن سان ٿيل افسوسناڪ واردات تي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ مٿان ڪارو داغ لڳي يا نه لڳي، پر ايترو ضرور آهي جو سموري سنڌ صوبي مٿان بدنامي جو دردناڪ ڪارو داغ لڳي چڪو آھي. امن امان تباهه ھوندو ذميوارن کي پرواھ نه ھوندي ته بدامني جو راڄ قائم ٿيندو. ھٿ وٺي سنڌ جون حالتون خراب ڪندي ٿو ڏسجي. سياح مهمانن کان ڦرلٽ جو واقعو سازش لڳي ٿي جيئن سنڌ به بدنام ٿئي. ان لاءِ وڏي سطح تي تحقيقات ٿيڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي. اسان پرڏيهي سياح جوڙي کان بس! ساڻن پيش ايندڙ واقعي تي معافي ٿا طلب ڪريون ۽ ان ڏس ۾ واسطيدارن، وزيرن، عملدارن کي استعيفائون ڏيڻ جي صلاح ڏجي ٿي. ڪاش! سنڌ خاطر مڃي وٺن…!