سنڌ جي معيشت ۾ سڀ کان وڏو حصو زراعت جو آهي ۽ سنڌ جي عوام جو سڌو يا اڻ سڌو انحصار زرعي شعبي تي آهي، هڪ اندازي مطابق سنڌ جي عوام جو تقريبن 70 سيڪڙو حصو زرعي شعبي جي ذريعي پنهنجو روزگار حاصل ڪري ٿو. جيڪڏهن زراعت ترقي ڪندي ته آبادگار خوشحال ٿيندو، ان زرعي زمين تي مزدوري ڪندڙ مزدور کي بهتر مزدوري ملندي، اهڙي نموني سان صوبي جي معيشت جو گاڏو بهتر هلي سگهندو. جيڪڏهن زرعي شعبي کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ ڪجهه مفاد پرست ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪوتاهي ڪن ٿا ته پوءِ سنڌ سرڪار پنهنجو اختيار استعمال ڪري آبادگارن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان سنڌ صوبي اندر اسان کي سرڪار سڳوري جي نيت اهڙي قدم کڻڻ جي لاءِ نظر نٿي اچي ٿي.
جيتوڻيڪ سرڪار ۾ ويٺل وزير ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ وڌيڪ تعداد زميندارن جو پڻ آهي ۽ انهن جو آمدني جو وڏو ذريعو زراعت آهي، ان جي باوجود زرعي شعبي سان ٿيندڙ زيادتين تي سنڌ سرڪار طرفان ڪوبه قدم نٿو کنيو وڃي. مڊل مين ڪمائي ٿو، آبادگار نقصان ڪري ٿو. صنعتڪار ڪمائي ٿو، پر آبادگار نقصان کائي ٿو، جنهن تي چڪاس رکڻ گورنمينٽ جو فرض آهي، پر ائين نظر نٿو اچي. هن وقت سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ڪمند جي پيڙهائي جي سيزن پنهنجي عروج تي آهي. ڇو ته اها پيڙهائي مارچ جي 15 تائين ختم ٿي ويندي ۽ جنوري ۾ شگر ملز مالڪان خاص طور تي سنڌ جي شگر ملز هڪدم ڪمند خريد ڪرڻ جي قيمت هڪ سئو رپيا في مڻ گهٽائي ڇڏي آهي. تصور ڪريو ته ڪڻڪ جي اگهه نه ملڻ سبب پريشان حال آبادگار جنهن کي سارين جي فصل جو به اگهه نه ملي سگهيو هاڻي ان کي شگر ملز پنهنجي ملز اندر پيڙهڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن سمجهجي ته سراسري طور ڪمند جي في ايڪڙ پيداوار هڪ هزار مڻ اچي ٿي ان تي هڪ سئو رپيا في ملڻ جو اگهه ختم ڪيو وڃي ته آبادگار کي هڪ لک رپيا في ايڪڙ تي نقصان پوي ٿو جيڪا سندس بچت به نه هوندي آهي، پر سنڌ سرڪار ان طرف اکيون پوريون ويٺي آهي. ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته سنڌ اندر اومني گروپ جي هيٺ هلندڙ شگر ملون ڪنهن جون آهن. انهن کي ته فائدو پوندو، پر عام ننڍو آبادگار جنهن قرض کڻي فصل کي تيار ڪيو آهي ۽ هن وقت کيس ٻه رپيا ملڻ جو آسرو آهي ان سان اهڙي قسم جي ويڌن ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ ڪجهه طاقتور فردن کي جيڪي زميندار به آهن حڪومت ۾ به آهن ۽ شگر ملز مالڪان به آهن، کي ناجائز فائدو ڏيڻ لاءِ عام آبادگار کي جائز معاوضو ملڻ کان به محروم ڪيو وڃي ٿو. شگر ملز جي صنعتڪارن جي چاندي ٿي ويندي. هن وقت سنڌ جي شگر ملن ڪمند جي پيڙهائي 50 سيڪڙو گهٽائي ڇڏي آهي ايئن سمجهجي ته جيڪڏهن هڪ شگر مل روزاني ٻه لک مڻ ڪمند جي پيڙهائي ڪري رهي هئي اها هن وقت هڪ لک مڻ ڪمند جي پيڙهائي ڪري رهي آهي، انهيءَ ڪري ملن جي ٻاهران ڪمند کڻي ايندڙ ٽرڪن، ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٽرالرن جون لائينون لڳي ويون آهن. سردي جي ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي رهيو آهي، جنهن جو پڻ سڌو نقصان آبادگار کي آهي ۽ جيڪو ڪمند زمين ۾ اڃان تائين ڪٽائي جو انتظار ڪري رهيو آهي ان جي وزن ۾ پڻ گهٽتائي اچڻ جو تمام گهڻو امڪان آهي.
چوڻ جو مطلب ته هر طرح سان آبادگار کي پريشان ڪيو وڃي ٿو هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ٻئي طرف يوريا ۽ ڪيڙا مار دوائن جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه مقرر ٿيل هجن ۽ جڏهن فصل تيار ٿئي ته يا فصل خريد نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن خريد ڪيو وڃي ته پنهنجي مرضي جي اگهه مطابق پوري صوبي جو عوام اها ڀوڳنا ڪيستائين ڀوڳيندو؟ اهو فيصلو سنڌ سرڪار کي ڪرڻو آهي. سنڌ سرڪار هڪدم شگر ملن تي پنهنجو اختيار هلائي انهن کي پابند ڪري ته آبادگار کان ڪمند جي خريداري وقت سر ڪريو ۽ آبادگار کي ڪمند جو اگهه به بهتر ڏيو پنهنجي مرضي مطابق نه ڏيو.