تازي پاڪستان ڀارت تڪرار جي تناظر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جون بين الاقوامي سفارتي سرگرميون، خاص طور تي واشنگٽن ڊي سي ۾ گڏيل قومن ۽ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ ۾ سندس تقريرون ظاهري طور تي هڪ نوجوان، مهذب ۽ اعتدال پسند پاڪستاني چهري جي عالمي نمائندگي طور پيش ڪيون ويون. بهرحال، هن تاثر جي پويان سوال علامتي اشارن، سفارتي ڪاميابي يا خوبصورت تصوير ۽ کل مک چهري يا ڪنهن اخلاقيات جي تعمير تائين محدود نه آهن، پر هڪ غير جانبدار علمي ۽ دانشورانا تجزيي جي ضرورت تي ٻڌل ضرور آهي ته ان ساڳئي تناظر ۽ سوال جي جواب ۾ اها ڳالھه ڏسجي ته ڇا بلاول ڀٽي زرداري جي سفارتڪاري اخلاقي جرئت، عوامي عزم، نظرياتي، اصولي موقف ۽ عوامي خود مختياري جي مظهر هئي يا نه؟ يا اهو صرف پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي بيانيي ۽ هڪ برآمد حڪمت عملي جو هڪ نِڪور چهرو هئي؟ واشنگٽن ڊي سي ۾ بلاول ڀٽو جي مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ اندر ڪيل تقرير دوران ٻيا آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ به شامل هئا، جن ۾ جهڙوڪ: ائٽلانٽڪ ڪائونسل، اسٽيمسن سينٽر، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس ۽ رينڊ ڪارپوريشن جهڙا ادارا به شريڪ هئا، جن پنهنجو پنهنجو موقف ڏنو ۽ بيروني پاليسين جي تحت تقريرن جي ڀرمار ڪئي. اهي ميٽنگون نه رڳو قابل اعتراض سياسي مفروضن کي مضبوط ڪن ٿيون، پر هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي کي به مضبوط ڪن ٿيون، جيڪي پاليسيون اڃان تائين پوسٽ ڪالونيل انحصار جي ماڊل تحت ٻين ملڪن يا خاص ايشيائي ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون. اهي سڀ ٿنڪ ٽينڪ صرف غير جانبدار تعليمي ۽ تحقيقي مرڪز نه آهن، پر آمريڪي پاليسي اسٽيبلشمينٽ، دفاعي مفادن ۽ ڪارپوريٽ لابي جا دانشوراڻه هٿيار پڻ آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي انهن سان وابستگي ان ڳالهھ جي نشاني آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اڃان تائين هڪ گڏيل خارجي سفارتڪاري تحت هلائي پئي وڃي، جيڪا آزاد يا رياستي روح موجب خود مخيتار ناهي يا نٿي ٿي سگهي، يعني هڪ اهڙي سفارتڪاري جيڪا مقامي عوامي خود مختياري کان وڌيڪ ٻاهرين منظوري تي ڀاڙي ٿي، جيڪا ٻين ملڪن جي مرضي ۽ منشا کي ڏسي ۽ سمجهي ٿي ۽ اهڙي پاليسي جيڪا ٻين ملڪن جي زبان ڳالهائي ٿي، جيڪا سمجهي ٿي ته ٻاهريان ملڪ ڇا چوندا يا اهي ڪهڙي پاليسي تحت پاڪستان کي هلائڻ چاهين ٿا. ان ڪري اسان جي پاليسيءَ ۾ اڃان تائين اها پختگي ناهي ۽ فارين منسٽر به پنهنجي مرضي نٿا هلائي سگهن. هاڻي اهو دور ناهي جو يونائيٽيڊ نيشن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪو ڀٽو صاحب پيدا ٿئي ۽ انهن جي ميز تي ويهي ڪاڳر ڦاڙي انهن کي ايٽمي طاقت بڻجڻ جو ڌمڪيون ڏئي اچي ۽ ائين به چئي ته اسان گاھ کائينداسين، پر ايٽمي طاقت بڻجنداسين. هاڻي جو دور ٻيو آهي ۽ هاڻي جي دور جون تقاضائون ٻيون آهن، جيڪي ائين ئي هلنديون ۽ هلنديون رهنديون. ڇو ته هاڻي انهن جي ان ڳالھه ڪرڻ سان موجوده رياست جي ناموس تي اثر ٿو پوي، جو بيروني ملڪن جي پاليسين سان ٽڪراءُ ۾ نٿو هلي سگهجي، ائين ڪرڻ سان ملڪ هاڻي “آئسوليشن” جو شڪار ٿي ٿا وڃن، جنهن جو مثال ايران مان وٺي سگهجي ٿو، انهن ملڪن کي عالمي برادري يا خاص مغربي برادري ۾ پوءِ خاطر خواھ جاءِ يا اها عزت نٿي ملي. ان ڪري پاڪستان ڀلي ڀارتي جنگ کٽي، ڊرون ڪيرائي، ڪنهن کي فيلڊ مارشل به سڏي، پنهنجو عسڪري مورال بلند به ڪري. هاڻي کڻي اها ڳالھه به هجي جو ڪينالن جي ڪري عسڪري ادارن جي ناموس ۾ جيڪا گهٽتائي آئي هئي سا ڊورن حملن ۽ رافيل جي ڪيرائڻ جي ڪري وري ڪي ئي ڏاڪا مٿي چڙهي وئي آهي، جو عسڪري آفيس جي ٻاهران هٿن ۾ گل کڻيو ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون آهن، جن جو انت شمار ناهي.