بلاگنئون

بلاول جون بين الاقوامي سفارتي سرگرميون

تازي پاڪستان ڀارت تڪرار جي تناظر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جون بين الاقوامي سفارتي سرگرميون، خاص طور تي واشنگٽن ڊي سي ۾ گڏيل قومن ۽ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ ۾ سندس تقريرون ظاهري طور تي هڪ نوجوان، مهذب ۽ اعتدال پسند پاڪستاني چهري جي عالمي نمائندگي طور پيش ڪيون ويون. بهرحال، هن تاثر جي پويان سوال علامتي اشارن، سفارتي ڪاميابي يا خوبصورت تصوير ۽ کل مک چهري يا ڪنهن اخلاقيات جي تعمير تائين محدود نه آهن، پر هڪ غير جانبدار علمي ۽ دانشورانا تجزيي جي ضرورت تي ٻڌل ضرور آهي ته ان ساڳئي تناظر ۽ سوال جي جواب ۾ اها ڳالھه ڏسجي ته ڇا بلاول ڀٽي زرداري جي سفارتڪاري اخلاقي جرئت، عوامي عزم، نظرياتي، اصولي موقف ۽ عوامي خود مختياري جي مظهر هئي يا نه؟ يا اهو صرف پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي بيانيي ۽ هڪ برآمد حڪمت عملي جو هڪ نِڪور چهرو هئي؟ واشنگٽن ڊي سي ۾ بلاول ڀٽو جي مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ اندر ڪيل تقرير دوران ٻيا آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ به شامل هئا، جن ۾ جهڙوڪ: ائٽلانٽڪ ڪائونسل، اسٽيمسن سينٽر، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس ۽ رينڊ ڪارپوريشن جهڙا ادارا به شريڪ هئا، جن پنهنجو پنهنجو موقف ڏنو ۽ بيروني پاليسين جي تحت تقريرن جي ڀرمار ڪئي. اهي ميٽنگون نه رڳو قابل اعتراض سياسي مفروضن کي مضبوط ڪن ٿيون، پر هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي کي به مضبوط ڪن ٿيون، جيڪي پاليسيون اڃان تائين پوسٽ ڪالونيل انحصار جي ماڊل تحت ٻين ملڪن يا خاص ايشيائي ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون. اهي سڀ ٿنڪ ٽينڪ صرف غير جانبدار تعليمي ۽ تحقيقي مرڪز نه آهن، پر آمريڪي پاليسي اسٽيبلشمينٽ، دفاعي مفادن ۽ ڪارپوريٽ لابي جا دانشوراڻه هٿيار پڻ آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي انهن سان وابستگي ان ڳالهھ جي نشاني آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اڃان تائين هڪ گڏيل خارجي سفارتڪاري تحت هلائي پئي وڃي، جيڪا آزاد يا رياستي روح موجب خود مخيتار ناهي يا نٿي ٿي سگهي، يعني هڪ اهڙي سفارتڪاري جيڪا مقامي عوامي خود مختياري کان وڌيڪ ٻاهرين منظوري تي ڀاڙي ٿي، جيڪا ٻين ملڪن جي مرضي ۽ منشا کي ڏسي ۽ سمجهي ٿي ۽ اهڙي پاليسي جيڪا ٻين ملڪن جي زبان ڳالهائي ٿي، جيڪا سمجهي ٿي ته ٻاهريان ملڪ ڇا چوندا يا اهي ڪهڙي پاليسي تحت پاڪستان کي هلائڻ چاهين ٿا. ان ڪري اسان جي پاليسيءَ ۾ اڃان تائين اها پختگي ناهي ۽ فارين منسٽر به پنهنجي مرضي نٿا هلائي سگهن. هاڻي اهو دور ناهي جو يونائيٽيڊ نيشن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪو ڀٽو صاحب پيدا ٿئي ۽ انهن جي ميز تي ويهي ڪاڳر ڦاڙي انهن کي ايٽمي طاقت بڻجڻ جو ڌمڪيون ڏئي اچي ۽ ائين به چئي ته اسان گاھ کائينداسين، پر ايٽمي طاقت بڻجنداسين. هاڻي جو دور ٻيو آهي ۽ هاڻي جي دور جون تقاضائون ٻيون آهن، جيڪي ائين ئي هلنديون ۽ هلنديون رهنديون. ڇو ته هاڻي انهن جي ان ڳالھه ڪرڻ سان موجوده رياست جي ناموس تي اثر ٿو پوي، جو بيروني ملڪن جي پاليسين سان ٽڪراءُ ۾ نٿو هلي سگهجي، ائين ڪرڻ سان ملڪ هاڻي “آئسوليشن” جو شڪار ٿي ٿا وڃن، جنهن جو مثال ايران مان وٺي سگهجي ٿو، انهن ملڪن کي عالمي برادري يا خاص مغربي برادري ۾ پوءِ خاطر خواھ جاءِ يا اها عزت نٿي ملي. ان ڪري پاڪستان ڀلي ڀارتي جنگ کٽي، ڊرون ڪيرائي، ڪنهن کي فيلڊ مارشل به سڏي، پنهنجو عسڪري مورال بلند به ڪري. هاڻي کڻي اها ڳالھه به هجي جو ڪينالن جي ڪري عسڪري ادارن جي ناموس ۾ جيڪا گهٽتائي آئي هئي سا ڊورن حملن ۽ رافيل جي ڪيرائڻ جي ڪري وري ڪي ئي ڏاڪا مٿي چڙهي وئي آهي، جو عسڪري آفيس جي ٻاهران هٿن ۾ گل کڻيو ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون آهن، جن جو انت شمار ناهي.

بلاول ڀٽو جي گڏيل قومن ۽ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ جي تقريرن ۾ نه ته ڪو متبادل علائقائي نظريو سامهون آيو ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو ڪو تاريخي يا اصولي تنقيدي تجزيو پيش ڪيو ويو. اهو به رياست جي بيروني پاليسي چئجي جو جيڪي مالڪ چون اهو ئي ڪجي يا اهو ئي چئجي، نه ته ڳالھه ڳچيءَ ۾ پئجي ٿي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جو ڪشمير، هندستان يا افغانستان بابت سندس بيان صرف پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي سيڪيورٽي نظرين جو پڙاڏو  هو، هڪ اهڙي ڊڪٽيشن جنهن مان ڪنڌ نٿو ڪڍرائي سگهجي ۽ اها ڳالھه هڪ طوطي وانگي ٻولي وئي، جيڪا انساني حقن، گڏيل قومن جي چارٽر يا بين الاقوامي قانون جي روشني ۾ اصولي موقف اختيار ڪرڻ جي قابل نه هئي. وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالھه اها آهي ته پاڪستاني ميڊيا، لبرل اشرافيه ۽ ڪجھه دانشورن انهن دورن کي سفارتي فتح ۽ سفارتي ڪاميابي جي طور تي پيش ڪيو، هڪ بيان جيڪو تصوير جي رخ، ميڊيا جي انتظام ۽ اسڪرپٽ ٿيل بياني جي تناظر ۾ ڏنو ويو، پر حيرت اها به آهي ته هڪ خوبصورتي سان تيار ڪيل فوٽو شوٽ، دنيا جي مهانگي ترين ڪيمرائن سان ايڊٽ ڪيل وڊيوز، انگريزي ۾ فصيح تقريرون ۽ مغربي روايتن ۾ ويڙهيل سفارتي اندازن وسيلي غربت ۾ مبتلا پاڪستاني ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪي هڪ مسيحا جي انتظار ۾ هئا ته پاڪستان دنيا ڏانهن واپس آيو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ اها هڪ ماتحت سفارتڪاري هئي، جنهن پاڪستان کي وڌيڪ انحصار ۽ بين الاقوامي مالي ۽ ذهني گرفت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ ڌڪيندي رهندي. ان ڪري ته هيءَ رياست خودڪفيل هجڻ جي باوجود به “سيلف سفيشنٽ” ناهي رهي. مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ ۾ بلاول جي تقرير وچ اوڀر ۾ ڪنهن به سنجيده سياسي مسئلي، جهڙوڪ: فلسطين (غزه)، لبنان، يمن يا شام تي واضح يا جرئتمند موقف پيش ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، جيڪا کڻي ٻي ڳالھه چئي سگهجي ٿي ان ڪري ته اهي درد سموري مسلم دنيا جا آهن جن تي عرب دنيا جا دانشور گهڻو ڀلو ڳالهائي سگهن ٿا، جيڪي هاڻي “لپ سروس” کان به ويل آهن. هي تقرير يقيني طور تي پاڪستان جي بيان کي پاڪستان جي تناظر ۾ هڪ اعتدال پسند، مهذب، پرامن ۽ ذميوار رياست جي طور تي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش هئي، پر بنيادي طور تي هي بيان مزاحمت يا اصولي سفارتڪاري ناهي هوندو، ان بيان کي اعتدال پسند هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اهڙي رياست جي لاءِ جيڪا پوئين پساهن ۾ آهي، جيڪا رياست اندروني مسئلن جي ڪري ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن رياست کي وري ڪيترائي دفعا ان ڳالھه تي مهم سازي ڪرڻ پوندي جو اندروني ۽ بيروني ساک بچائي سگهجي، نه ته ٻي صورت ۾ بين الاقوامي ادارا اهڙيون کڏون کوٽيو ويٺا آهن جو رياست ڪِرڻَ ۾ دير ئي نه ڪندي، تن ۾ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ڪجھه آمريڪي ادارا به شامل هوندا، جيڪي ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته رياستن جا ڏيوالا ڪڍجن ۽ رياستون زوال جو شڪار ڪجن، جو دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙيون نه رهن ۽ اندروني مسئلن جي جڪڙ ۾ ڦاٿل رهن.

اسٽيٽس ڪو پاور اسٽرڪچر، مدد ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. بين الاقوامي لاڳاپن جي شاگردن لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري جون اهي سفارتي سرگرميون هڪ جمهوري، عوامي ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي جي نمائندگي ڪن ٿيون يا اهي سرگرميون هڪ فوجي بيانيي جي تجديد لاءِ ڪيون  ويون؟ بلاول جي سياسي ورثي کي پنهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽو وانگر انقلابي پرڏيهي پاليسي جي ضرورت هئي، هڪ پاليسي جيڪا سامراجي طاقتن جي مزاحمت ڪري، عالمي ڏکڻ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهھ ڪري (يا ڪري سگهي). ان ڪري ته مغربي ملڪن وٽ پاڪستان جو تصور ايترو معتبر ناهي يا نٿو ٿي سگهي، ڇو ته علائقائي ڇڪتاڻ مثال ڀارتي لائين آف ڪنٽرول واري ڪشيدگي، افغان بارڊر جا مسئلا، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان ۽ گهريلو جنگ واري ڳالھه ۽ فوجي ساک ۽ بيڪار سياست وڏا مسئلا آهن. ماضيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ اها ڳالھه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ انصاف جو علمبردار هو ۽ عالمي طاقت جي غير مساوي نظام کي چئلينج ڪري پئي سگهيو، پر ان جي جاءِ تي موجوده سفارتڪاري نيو لبرل “پراگميٽزم” تي ٻڌل نظر اچي ٿي، جيڪا نه ته اصولي موقف جو اظهار ڪري ٿي ۽ نه ئي عوامي خواهشن جو اظهار ڪري ٿي.

بلاول ڀٽو زرداري جي سفارتڪاري اصل ۾ عوامي لاڳاپن جي سفارتڪاري جو هڪ نمونو هئي. اهڙي موضوعاتي سفارتڪاري هڪ جمهوري سول قيادت جي ظاهري موجودگي ۾ اقتداري حلقي جي بيانيي کي مغرب ۾ قابل قبول بڻائڻ جي ڪوشش هئي ۽ جڏهن بلاول جي خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ پيشڪش کي پاڪستاني رياست جي طاقت جي مرڪز جي منظوري جي ضرورت آهي ته پوءِ سندس ٻولي ڪيتري به مٺي ۽ شائسته هجي، سندس هر بيان روح کان خالي، بي اثر ۽ ناقابل يقين هوندو. انگريزي ڳالهائيندڙ، هن چهري کي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي سوچ تحت هڪ عالمگير نرم تصوير سان پيش ڪرڻ جي مقصد لاءِ چونڊيو ويو هو. جيڪڏهن پاڪستان واقعي هڪ خود مختار، جمهوري ۽ اصولي رياست بڻجڻ چاهي ٿو ته ان جي پرڏيهي پاليسي کي اداراتي تبديلي جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو جهڙن نوجوان سياستدانن کان توقع ڪئي ويندي آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي حڪمت عملي کان پاڻ کي پرڀرو رکن ۽ هڪ بالادستي جهڙي پرڏيهي پاليسي تحت گفتگو اختيار ڪن، پر هن وقت ان جا سفارتي رابطا هڪ اشرافيه جي بنياد تي هلندڙ، سيڪيورٽي جي تحت ۽ مارڪيٽ تي مبني پرڏيهي پاليسي جي نشاني آهن، جيڪا عوامي ترجيحن ۽ مفادن کان مڪمل طور تي الڳ ٿيل آهي.