بلاگنئون

سنڌ جي پراچين تھذيب ۽ ٻوليءَ کي اجاڳر ڪندڙ يگاني عالم دادا پريم تنواڻيءَ جو وڇوڙو

ٻه ڏينھن اڳ اک جي آپريشن سبب فيس بڪ کان پري رهيس. رات اچانڪ ان خبر جيءُ جهوري وڌو ته پراچين دور جي سنڌ وطن، سنڌي تھذيب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي تشخص اجاڳر ڪندڙ عالم منھنجو لسانيات، سنڌي وياڪرڻ ۽ ديوناگريءَ جو دل گهريو استاد، دادا پريم تنواڻي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

هو ڌرتيءَ کان پري رهي به پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي تاريخي تشخص کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، جنھن جا نشان صدين پڄاڻان قائم رهندا.

دادا پريم تنواڻي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم، محقق ۽ ليکڪ هو. ٻوليءَ، لپيءَ ۽ ادب بابت سندس ڄاڻ ناقابلِ بيان هئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، مختلف ادبي پروگرامن ۾ مقالا پڙهيا. کيس ڪيترائي انعام پڻ مليا، پر پاڻ ڪڏهن به انھن کي اهميت نه ڏنائين. هو پنھنجي طبيعت، مزاج ۽ موقف ۾ سچو، کرو ۽ بيباڪ عالم هو. سندس هر ڳالهه جو محور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم تاريخي تشخص جي سر بلندي هوندو هو. هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديو ناگري لپيءَ جو حامي هو. ڇاڪاڻ ته هن سائنسي بنيادن تي پنھنجي تحقيق ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته سنڌي ٻوليءَ جي فطري آوازن لاءِ موزون لپي ديوناگري ئي آهي. ان ڪري ان جي حمايت ۾ ٺوس، واضح ۽ غير لچڪدار موقف رکندو هو، جنھن سان هو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي متفق ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو.

سندس لکڻين وانگر مون سان واٽس ايپ تي ڪلاڪن تائين ٿيل هر گفتگوءَ جا مُک موضوع سنڌي قوم جي قديم تھذيب ۽ ٻوليءَ جي تاريخي اهميت اجاڳر ڪرڻ هوندا هئا. ان لاءِ هو سنڌي ٻوليءَ جي هر آواز، اکر ۽ لفظ بابت سائنسي نقطهءِ نظر رکندو هو. ائين هو سنڌي ٻوليءَ سان بي لوث محبت جو اظھار پنھنجي ٺوس ۽ واضح موقف ذريعي ڪري ڇڏيندو هو. کيس اها پرواھ هر گز نه هوندي هئي ته سندس گفتگوءَ سان ڪير متفق ٿيندو يا نه. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ تي دڙڪا به ڏئي ڇڏيندو هو، پر انھن دڙڪن ۾ به پنھنجائپ هوندي هئي. سندس خيال هو ته عربي سنڌي لپيءَ سنڌي آوازن ۽ ٻوليءَ کي کاري ڇڏيو آهي. ان ڪري هو عربي توڙي سنسڪرتي اثرن جو سخت مخالف هو. سندس خيال هو ته سنڌي ٻولي هن خطي جي سمورين ٻولين جي ماءُ ٻولي آهي. ائين ئي سنڌي تھذيب پڻ پنھنجي همعصر تھذيبن جي ماءُ آهي. سندس ان قسم جا خيال نوجوانن ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۽ وطن سان محبت جو نئون روح ڦوڪي ڇڏيندا هئا. سنڌي لسانيات تي سائنسي انداز سان ڪم ڪندڙ عالمن مان کيس ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو خاص ڪري، “ٻول ۽ ان جو بڻ” ڪتاب ۾ ڪيل ڪم وڌيڪ پسند هو. هن اهو ڪتاب سافٽ ڪاپيءَ ۾ نيٽ تي پڙهيو هو. مون کان اهو ڪتاب گهريو هئائين، پر ان وقت اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ميسر نه هو. جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري تازو ئي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڪتاب شايع ڪيا ته پاڪ ڀارت ڪشيدگيءَ سبب پوسٽ پڻ بند هئي. هاڻي جڏهن هو اسان ۾ موجود نه رهيو آهي ته دل ۾ اهو ارمان شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪاش ڪنھن طرح اهو ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ کيس پھچائي سگهجي ها! پر افسوس جو سندس ان ڪتاب جي هارڊ ڪاپي پڙهڻ جي خواهش اڌوري رهجي وئي. ائين ئي سندس ٻيون به ڪيتريون ئي اڌوريون خواهشون سندس دل ۾ رهجي ويون، جن مان سندس سڀ کان وڏي خواهش هئي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ لشڪري چانڊيي کي هڪ دفعو پنھنجي اکين سان ڏسڻ ۽ پنھنجي وڏڙن جي وطن ۾ اچي پنھنجائپ جو احساس محسوس ڪرڻ. پر افسوس جو سندس اها اڌوري خواهش پڻ ساڻس گڏ هميشه لاءِ دفن ٿي وئي.

جڏهن ته سندس پاسپورٽ به تيار هو. بس کيس ويزا جو انتظار هو…

“هو چوندو هو ته هر سنڌيءَ کي پنھنجي حصي جو فرض نڀائڻ گهرجي.”

هو هميشه پنھنجي وائيس نوٽس جي پڄاڻيءَ تي چوندو هو،

“جيئي سنڌ، جيئي ساري دنيا”!

اڄ سرحد جي ٻئي ڀر ڀارت جي ڇتيس ڳڙھ شھر ۾ سندس آخري رسمون ٿي رهيون هونديون، جتي پاڻ رهندو هو، پر افسوس جو سنڌ ۾ موجود سندس چاهيندڙ ڏک ڀريءَ دل سان کيس ياد ئي ڪري سگهن ٿا. سنڌي ٻولي پنھنجي هن يگاني عالم جي محبتن منجهان ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

ڌڻيءَ در دعا آهي ته مالڪ سائين کيس سرڳ ۾ جڳھه ڏئي…!