پاڪستان ۾ توانائي تي هلندڙ گاڏين جو نظام ترقي جو سفر طئي ڪري رهيو آهي. اليڪٽرڪ وهيڪل (EV) جو ماحول دوست نظام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته هيستائين توانائي تي هلندڙ گاڏيون ٺاهڻ وارين 57 ڪمپنين کي ٻن ۽ ٽن ڦيٿن واريون گاڏيون تيار ڪرڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن.
سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق “ڪلين گرين پاڪستان” منصوبي جي تحت ماحول دوست گاڏين جي تياري لاءِ آٽو موبائل صنعت کي مالي مراعتون، ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري مدد ڪئي پئي وڃي. حڪومت ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر ڪري رهي آهي ته جيئن عوام کي مسافري لاءِ پنهنجي ذاتي سواري حاصل ٿي سگهي. ٻن ۽ ٽن ڦيٿن واريون برقي توانائي تي هلندڙ گاڏيون جيئن ئي مارڪيٽ ۾ اينديون ته انهن جا خريدار ۽ هلائيندڙ گهڻو ڪري نوجوان هوندا. شاگرد، شاگردياڻيون، ملازمت پيشه مرد عورتون ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جا ماڻهو به انهن جو استعمال ڪندا. ملڪ ۾ جيئن ته توانائي تي هلندڙ بسون، ڪارون، موٽرسائيڪلون، اسڪوٽيز استعمال هيٺ آهن، جيڪي هڪ نئين ترقي يافته ۽ ماحول دوست مسافري جي نظام جو تعارف آهن.
هتي اها ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان ٽرانسپورٽ ۽ مسافري جي نئين دنيا طرف وڃي رهيو آهي ۽ اسان کي مسافري لاءِ برقي گاڏيون گهرجن، پر انهيءَ سان لاڳاپيل نظام جي اڏاوت به گاڏين جي اچڻ کان پهرين ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي ان نئين ٽرانسپورٽ جي نظام جي سپورٽ لاءِ انفرااسٽرڪچر منصوبا به جلد ئي شروع ڪرڻ گهرجن ته جيئن توانائي تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ مسافرن لاءِ سولائي پيدا ٿي سگهي. سنڌ جي صوبائي حڪومت اڳواٽ ئي سنڌ ۾ هر 50 ڪلو ميٽرن تي توانائي تي هلندڙ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنن جي قيام جي منصوبي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان کان علاوه سنڌ حڪومت کي صوبي جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏين شاهراهن کان وٺي لنڪ روڊن کي مرمت ڪري يا نئين سر تعمير ڪري ان قابل بنائڻو پوندو ته جيئن اهي ننڍيون گاڏيون جيڪي ٻن يا ٽن ڦيٿن تي مارڪيٽ ۾ اينديون هلي سگهن ۽ ڪنهن به حادثي کان بچي سگهن، ان جي لاءِ نوان ٽريفڪ جا قانون ۽ قاعده به متعارف ڪرائڻا پوندا. مخصوص فاصلي تي اليڪٽرڪ وهيڪلز جي چارجنگ اسٽيشننگ جي قيام سان اليڪٽرڪ بسن، ڪارن، موٽرسائيڪلن ۽ اسڪوٽيز جي مالڪن کي برقي گاڏين هلائڻ لاءِ سٺو سپورٽ سسٽم ملندو ته اها صنعت اڳتي وڌندي رهندي.
جيڪڏهن برقي گاڏين کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ انفرااسٽرڪچر پوري طرح سان ٺاهڻ ۾ حڪومت ڪامياب نظر نه آئي ته اها صنعت اڳتي وڌي نه سگهندي. شروعات ۾ ئي ڪجهه منفي رپورٽن جي اچڻ سان برقي گاڏين جا خريدار گاڏيءَ جي خريداري کان هٿ ڪڍي ويهي رهندا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ملڪ جي مواصلاتي نظام ۾ جدت اچي رهي آهي ۽ سنڌ صوبو انهيءَ ۾ هڪ طرح سان اڳواڻي ڪري رهيو آهي. انهيءَ مقصد سان ته توانائي تي هلندڙ گاڏين جي صنعت جي واڌاري سان هڪ طرف صوبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ ٻئي پاسي برقي توانائي تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جو نظام ماحول دوست ثابت ٿيندو ۽ گدلاڻ گهٽجندي.
ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ سڄي دنيا ۾ هر ملڪ جي ذميداري آهي. اسانجو ملڪ به انهيءَ ذميواري کي محسوس ڪري رهيو آهي. “ڪلين گرين پاڪستان” منصوبو ماحوليات دوست آهي. سنڌ جي صوبائي حڪومت اڳواٽ ئي صوبي جي عورتن لاءِ 1000 پنڪ اِي وي اليڪٽرڪ اسڪوٽر ورهائڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. ان پروگرام تحت 1000 اليڪٽرڪ اسڪوٽرز عورتن ۾ مفت ورهايا ويندا. هن اسڪيم جي سڀ کان اهم ڳالهه عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ انهن جي مسافري کي آسان ڪرڻ آهي ۽ عورتن جي اندر پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ جو احساس پيدا ڪرڻ آهي. جيئن ته موجوده وقت ۾ هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کان ڪم ورتو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجيءَ مان ڪم وٺي رهي آهي.
ان سڄي منصوبي کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي لاءِ عوام اندر ڀرپور اعتماد پيدا ڪيو وڃي ته جيئن اهي برقي گاڏين کي خريد ڪرڻ جي لاءِ ذهني طور تي آماده ٿين ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون برقي گاڏين جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ انهن جي لاءِ انفرااسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪنديون، جنهن ۾ چارجنگ اسٽيشنن جو قيام ۽ بهترين روڊن جي تعمير شامل آهي.