ريبيز جنهن کي سنڌيءَ ۾ عام طور تي “ڪتي جو ڏاڙهڻ” چيو ويندو آهي. هڪ خطرناڪ وائرس جيڪو جانورن مان انسان ۾ منتقل ٿئي ٿو ۽ اهو انسان جي دماغ ۽ تنتي سرشتي کي ڪرنگهي جي هڏيءَ جي ذريعي مرڪزي اعصابي نظام تي حملو ڪري ٿو. اهو ڪنهن ڪتي، ٻلي، گدڙ يا لومڙ جي چڪ پائڻ سان ٿي سگهي ٿو. هن خطرناڪ بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نتيجو يقيني موت آهي. ان ڪري بچاءُ ئي ان جو علاج آهي. جنهن جي لاءِ بنا ڪنهن دير اينٽي ريبيز وئڪسين (ARV) جا ڪورس مڪمل ڪرڻ گهرجن.
تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي 300 سينٽرن کي اپگريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 3 فيبروري 2026 تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ريبيز ڪنٽرول پروگرام بابت هڪ پروگرام جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سڄي صوبي ۾ 300 ريبيز سينٽرن کي اپگريڊ ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪيو وڃي. صوبي ۾ هر 10 کان 15 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ريبيز جي علاج جي سهولت هجڻ گهرجي ته جيئن ڪتي جي چڪ جي صورت ۾ متاثر ماڻهو کي فوري طبي امداد ممڪن ٿي سگهي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سمورن ريبيز سينٽرن کي اينٽي ريبيز وئڪسين، ضروري دوائون ۽ تربيت يافته عملي سان مڪمل طور ليس ڪيو ويندو ۽ انهن سينٽرن جي معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سمورن سينٽرن جو 48 ڪلاڪن اندر بلڊنگ آڊٽ مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري هڪ اهم مسئلي جي نشاندهي ڪندي ان منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پلان جوڙيو آهي. اميد آهي ته اهو سڄو پلان صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود نه رهندو، ان کي عملي طور 300 سينٽرن اندر مڪمل سهولتن سان مهيا ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ صوبي جو بي يارو مددگار عوام جيڪو ٻيون ڪيتريون ئي مصيبتون برداشت ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن ڪتي جي ڏاڙهڻ جي صورت ۾ ريبيز وئسڪين وقت تي حاصل ڪري پنهنجي جان بچائي سگهندو.
افسوس ان ڳالهه جو آهي جڏهن اهڙا اعلان ٿيندا آهن ته اسان جا صحافي به اهڙين خبرن جو فالوو اپ ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ناهن ڪندا. هڪ صحافي جي اها ذميداري آهي ته هو ملڪ ۾ ٿيندڙ سماجي ڀلائين جي باري ۾ جيڪي اعلان ٿين ٿا انهن جو فالوو اپ ضرور ڪري ته جيئن حڪومت مٿان چوڪسي ٿي سگهي ته ڇا حڪومت پنهنجن واعدن کي پاڻي ڏئي رهي آهي يا اهي واعدا فائلن جي اندر بند ڪري انهن کي اندر ڪٻٽن ۾ رکيو ويو آهي؟ صحافي جو ڪم آهي ته اهو احتساب جي نظر سان اهڙن منصوبن کي جتي تعلقي اسپتال ۾ وئڪسين موجود ناهي ان جي رپورٽنگ ڪري. سٺي ڳالهه آهي ته چيف سيڪريٽري سينٽرن کي اپگريڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهو اعتراف ڪيو آهي ته هيستائين اسان وٽ اهي سينٽر جتي اينٽي ريبيز وئڪسين هجڻ گهرجي ها موجود نه هئي، عملو موجود نه هو يا تربيت يافته نه هو، پر هاڻي سنڌ حڪومت جي ريبيز ڪنٽرول پروگرام تحت ٽي سئو سينٽرن کي سڄي صوبي ۾ اهڙي طرح ورهايو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به شهري کي 10 کان 15 ڪلو ميٽرن جي سفر دوران ريبيز جي وئڪسين حاصل ٿي سگهي، جنهن ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ هر تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ هڪ سينٽر هوندو. بنيادي صحت مرڪز (BHUs) اهي سينٽر خاص طور تي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ هوندا آهن جتي ڪتن جي چڪ جا ڪيس وڌيڪ ٿين ٿا، اتي اها وئڪسين موجود هوندي. رورل هيلٿ سينٽر (RHUs) شهرن کان پري وڏن ڳوٺن ۾ موجود صحت جي مرڪزن کي به ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڏا شهر جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص جهڙن وڏن شهرن جي سول اسپتالن سان گڏوگڏ مقامي ڊسپينسرين کي به اپگريڊ ڪيو پيو وڃي. جيئن ته ريبيز جي وئڪسين حساس هجڻ جي ڪري ڪولڊ چين برقرار رکڻ سان هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين پهچائي ويندي آهي يا رکي ويندي آهي، ان لاءِ اهڙن سينٽرن تي ريفريجريٽرن جي ضرورت پوندي جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته انهن سينٽرن کي سولر سسٽم جي ذريعي مڪمل طور تي پاور سپلاءِ مهيا ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن ۽ هيءَ وئڪسين ٻن مختلف طريقن سان لڳائي ويندي آهي، جيڪي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران منظور ٿيل آهن يا ته ٻانهن جي مٿئين حصي ۾ لڳائي ويندي آهي ۽ ٻيو طريقو کل جي مٿئين تهه ۾ لڳائڻ جو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪتي چڪ پاتو آهي ته ان کي اها وئڪسين جلد کان جلد لڳڻ گهرجي، پر ان کان اڳ ان ماڻهو جي چڪ واري جاءِ کي صابڻ يا ڊٽرجنٽ سان پاڻيءَ جي مدد سان ڌوئي صاف ڪجي ۽ جلد کان جلد ان جو پهريون ڊوز ملڻ گهرجي. جيڪڏهن چڪ چهري يا ڳچيءَ تي آهي ته پوءِ هڪ ڪلاڪ جي دير به خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. ڇو جو هي وائرس انسان جي تنتي سرشتي جي ذريعي سفر ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتي چڪ پاتو هجي ان کي ٻه يا ٽي ڏينهن گذري ويا هجن تڏهن به وئڪسين لڳرائڻ ضروري آهي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت انهن 300 ريبيز سينٽرن کي هڪدم اپگريڊ ڪري فعال ڪندي. ڇو ته سياري ۾ خاص طور تي ان قسم جا ڪيس گهڻا ٿيندي نظر اچن ٿا ۽ ان کان علاوه انهن سينٽرن جي باري ۾ عوام جي اندر مسلسل آگاهي پروگرام به هلايا ويندا جيئن ماڻهن کي پنهنجي گهر ڀرسان جوڙيل انهن سينٽرن تان سهولت حاصل ڪرڻ جي باري ۾ آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ڪنهن عطائي ڊاڪٽر، حڪيم يا ڌاڳي ڦيڻي ڪرڻ واري ماڻهو جي ور چڙهڻ کان انهن سينٽرن تائين پهچي سگهن ۽ درست علاج ڪرائي سگهن. حڪومت کي گهرجي ته رولو ڪتن کي به وئڪسين لڳرائڻ جو انتظام ڪري ته جيئن انهن جي اندر ان بيماريءَ جو وائرس پيدا نه ٿي سگهي. اسان جي صحافي برادري جي به وڏي ذميداري آهي ته اهي هن خبر جو فالوو اپ ضرور رکن ته جيئن حڪومت جي ڪيل ان اعلان جي تڪميل بابت عوام کي مڪمل آگاهي ڏئي سگهن ته واقعي اهو ڪم عملي ميدان تي ٿيو آهي يا صرف ڪاغذن ۾.