بلاگنئون

طاقت دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت

تاريخ جا صفحا صرف واقعن جو مجموعو ناهن، بلڪه طاقت جي انهيءَ مسلسل ۽ بي رحم حصول جا داستان آهن، جيڪي  ازل کان جاري آهن ۽ ابد تائين جاري رهندا. جيڪڏهن ڪائنات جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي سندس دل جي ڌڙڪن ٻڌي وڃي ته اتي ڪنهن الهامي صحيفي جو پڙاڏو ٻڌڻ کان اڳ “طاقت” جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهو پهريون ۽ آخري مذهب آهي جنهن ڪڏهن زوال جو ذائقو ناهي چکيو. ڇو ته ان جو سرچشمو صرف ٻاهر نه، بلڪه انسان جي جبلت وارين اونهائين ۾ لڪل آهي. انساني تاريخ ۾ طاقت ۽ محبت جي ٽڪراءَ سدائين وڏين المين کي جنم ڏنو آهي. محبت ايثار گهري ٿي، جڏهن ته طاقت “انا” جو پورائو چاهي ٿي. جڏهن به محبت طاقت جي سامهون ڪر کنيو، انهيءَ کي يا ته چٿيو ويو يا پوءِ انهيءَ کي اقتدار جي حاصلات جو وسيلو بڻايو ويو. نفسياتي طور تي، محبت هڪ ڪمزوري آهي ۽ طاقت جو مذهب ڪنهن به قسم جي ڪمزوري کي گناهه سمجهي ٿو. ايستائين ته رشتن ۾ به جنهن کي اسان محبت سڏيون ٿا، اتي اڪثر وقت ٻئي تي نفسياتي برتري حاصل ڪرڻ جو هڪ لطيف طريقو استعمال ٿئي ٿو، جتي محبت ختم ٿيندي آهي، اتي طاقت جو ننگو ناچ شروع ٿيندو آهي ۽ جتي طاقت حد کان وڌي وڃي، اتي محبت جو ساهه ٻوساٽجي وڃي ٿو.

تاريخ شاهد آهي ته تخت واري نشي جي لالچ ۾ پٽن پيءُ جي محبت ۽ ڀائرن رت جي رشتي کي انهيءَ طاقت جي “مذهب” جي ور چاڙهي ڇڏيو.  دنيا جا سمورا تمام وڏا مذهب، چاهي اهي امن جي پرچار ڪن يا عدل جي، انهن جي پکيڙ ۽ بقا جي پٺيان “طاقت” جو عنصر سدائين مرڪزي رهيو آهي. مذهب جيستائين صرف هڪ فلسفو رهي ٿو. اهو ڪمزور هوندو آهي، پر جڏهن هن کي “طاقت” جو سهارو ملي ٿو تڏهن اهو سلطنت بڻجي وڃي ٿو. مسيحيت کي عالمي عروج تڏهن مليو جڏهن روم جي بادشاهه ڪانسٽنٽائن ان کي رياست جي طاقت بخشي، ڪليسا جي طاقت هڪ وقت ۾ ايتري سفاڪ هئي جو اها بادشاهن جي عروج ۽ زوال جو فيصلو ڪندي هئي.

اسلام نه صرف اخلاقيات سيکاري بلڪه هڪ اهڙي رياست جوڙي جنهن جي فوجي ۽ سياسي طاقت ان وقت جي ٻن وڏين سپر طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته حق جي آواز کي موثر بنائڻ لاءِ “قوت” ناگزير آهي. قديم هندستان جو سماجي ڍانچو “طاقت جي ورهاست” تي مشتمل هو. جنهن ۾ شتريا حفاظت ڪرڻ وارا يا حڪمراني ڪرڻ وارا هئا. جنگجو طبقي کي حڪمراني جي طاقت ڏني وئي. جڏهن ته شودرن کي طاقت کان محروم رکي مذهب جي نالي تي صدين تائين غلام رکيو ويو.

يهوديت جي تاريخ مظلوميت کان شروع ٿي، پر اڄ صيهونيت جي صورت ۾ اهي “طاقت جي مذهب” جا علمبردار بڻجي اڀريا آهن، جتي اخلاقيات تي فوجي برتري کي فوقيت حاصل آهي. فريڊرڪ نٽشي مطابق، زندگيءَ جو اصل سبب بقا ناهي، بلڪه ڪشادگي ۽ برتري آهي. نفسياتي طور انسان جڏهن ٻئي تي ڪنٽرول ڪري ٿو، چاهي اهو جذباتي هجي يا جسماني، انهيءَ کي اها تسڪين ملي ٿي جيڪا ڪنهن مذهب کان به نٿي ملي سگهي. طاقت جو مذهب تعصب کان پاڪ آهي. طاقت اهو نٿي ڏسي ته ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، اها جنهن جي هٿ ۾ آهي امام بڻجي وڃي ٿو ۽ محروم غلام بڻجي وڃي ٿو. اها ئي برتري ۽ طاقت جي سڀ کان وڏي خوبي يا خامي يا بيرحمي آهي. اها اخلاقيات جي سمورن بتن کي پاش پاش ڪري ڇڏي ٿي، جتي طاقت ڳالهائيندي آهي، اتي منطق، همدردي ۽ انصاف جي ٻولي بند ٿي ويندي آهي.

اڄ جي دور ۾ ويٽو پاور رکڻ وارن ملڪن جو اخلاقيات سان ڪو تعلق ناهي، انهن جو اصل مقصد وسيلن تي قبضو آهي، جنهن جي سامهون، سڄي دنيا سجدو ڪندڙ آهي. انسانيت سدائين امن جا قصيدا لکيا، پر جنگين ۾ سيڙپ ڪري سرمائيدار ڪمايو. جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان شعوري طور ڪيترو ئي انڪار ڪيون، پر لاشعوري طور سڀ طاقت جا پوئلڳ آهيون. طاقت هر مذهب، هر نظريي ۽ هر ازم جي مٿان ڇتريءَ جيان آهي. جيستائين دنيا ۾ ٻه انسان باقي آهن، انهن جي وچ ۾ رشتو جذبن جو نه بلڪه “ڪير ڪنهن تي حاوي آهي” اهو رهندو. اهو اهڙو سچ آهي جنهن جو ادراڪ صرف اهو بصيرت وارو ڪري سگهي ٿو، جيڪو فلسفي جي اونهائي ۾ لهي حقيقتن جو سامهون ڪرڻ جو حوصلو رکندو هجي.