بلاگنئون

اچو ته  قبائلي ۽ زميني تڪرار جا پيرا کڻون!

ھن وقت سڄي سنڌ قبائلي ۽ زميني تڪرارن جي ور چڙھيل آھي. هڪ ڪنڊ کان اھا باھ وسائجي ٿي تھ ٻي ڪنڊ کان لڳي ٿي. جتي سنڌ ۾ نياڻيءَ کي ست قرآن سمجهيو ويندو هو ۽ دشمني ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن نياڻيون تڏي تي مٽي اينديون هيون ته ست خون معاف ڪري ڇڏبا هئا. اھڙي مھذب ۽ امن واري صوفياڻي ڌرتيءَ کي آخر ڪنھن جي نظر لڳي وئي، جو اسان مان ھاڻي احساس، نياڻي سياڻي جو حياءُ ۽ رت جي رشتن مان پنھنجائپ واري خوشبوءِ ختم ٿيندي وڃي. ڪيڏي  نھ بدقسمتي چئجي جو اسان پنھنجي ھٿن سان انهن نياڻين کي قتل ڪري رھيا آھيون. ان ڳالهه کي ٿورو ئي وقت ٿيو آھي تھ سوڊان ۾ بھ اتان جون طاقتور ڌريون ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو ٻين ماڻھن جي بڇ تي وڏي بي رحمي سان پنھنجي عوام، معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن کي قتل ڪرڻ سان گڏ انھن کي جيئرو دفن ڪري رھيا هئا. اھي منظر اڄ بھ اکين آڏو ڦرندا رھن ٿا ۽ اڄ بھ تازا لڳن ٿا. ساڳيو ظلم ھتي سنڌ ۾ بھ ٿي رھيو آھي. هتي نھ ڪنھن جي عزت محفوظ نظر اچي ٿي، نه ئي حڪومت جي رٽ ۽ نه ئي قانون ۽ انصاف نظر اچي ٿو. نھ پوليس نظر اچي ٿي ۽ نه ئي قانون نافذ ڪندڙ ٻيا ادارا. سڄو نظام طاقتور ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻھن جي ھٿ ور چڙهيل آھي جن صوبي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي حالت آفريڪا جي جھنگلن ۾ رھندڙ ماڻھن جھڙي ٿيندي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ قاضي احمد ڀرسان زميني تڪرار تان ڀنڊ برادري ۾ خوني جھيڙو ٿي پيو، سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ 45 سالن جو امداد ڀنڊ، 11 سالن جي نياڻي زرڪون ۽ 8 اٺن سالن جي معصوم صدف گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويون. جڏھن تھ فاروق ڀنڊ، فياض ڀنڊ، انتظار ڀنڊ، مسمات رخسانھ زال امداد ڀنڊ، رسالان زال عزيز ڀنڊ، سرداران زال بخشل ڀنڊ سخت زخمي ٿي پيون. جن کي پھرين مقامي ۽ پوءِ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھر طرف ماتم ھو اڀ ڏاريندڙ دانھون ۽ ڪوڪون ھيون ۽ ھر اک آلي هئي. ھن وقت بھ ان ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سوڳ واري فضا قائم آھي. اچو تھ گڏجي قبائلي ۽ زميني تڪرار جا پيرا کڻون. اھڙي نازڪ صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ بيگناھ قتل ٿي ويل ڀنڊ برادري جي ٽن گھر ڀاتين جي وارثن ڳوٺ جي نيڪ مرد الھه بخش ڀنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ لاش رکي نيشنل ھاءِ وي بند ڪري ڇڏيو. تنهن کانپوءِ پوليس جا وڏا اٽالا ان جاءِ تي پھچي ويا ۽ علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. وقت تي ڪوبھ پ پ جو اڳواڻ يا سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻ ڌرڻي ۾ نھ پھتو. البته ٻن ڏينھن کانپو اي ايس پي دري تابش ۽ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ الھه بخش ڀنڊ سان ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالھيون ڪيون ۽ اهي ناڪام ٿيون. الھه بخش ڀنڊ جوابدارن جي گرفتاريءَ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. هن پوليس ۽ انتظاميھ تي اهو الزالم لڳايو ته اهي مخالفن سان ٻڌل آھن ۽ ڀنڊر برادريءَ جي بيگناھ ماڻهن ۽ معصوم نياڻين کي قتل ڪيو ويو آھي ۽ هن جوابدارن جي گرفتاريءَ جي گهر ڪئي، پر پوليس ان جي ابتڙ ڌرڻي تي ڪڙڪي پئي ۽ ڌرڻي ۾ ويٺل الھه بخش ڀنڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وارثن جي غير موجودگي ۽ مرضي بغير زبردستي لاش تحويل ۾ وٺي پوليس جي پھري ھيٺ جنازي نماز پڙھائي. گرفتاري کان بچي ويل مردن ۽ عورتن قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو ۽ دانھون ڪيون تھ احمد ڀنڊ سندن زمين تي قبضو ڪري ڌاڙيل ويھاري ڇڏيا آھن. سندن گرفتار ڪيل مرد رئيس الھه بخش ڀنڊ سميت سڀ ماڻھو آزاد ڪيا وڃن. سندن اھو بھ مطالبو هو ته سندن زمين جو قبضو ختم ڪرائي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي، پر پوليس جي اھڙي ڪارروائي مان ثابت ٿيو تھ پوليس حڪومت ۾ ويٺل ماڻھن سان گڏ بيهڻ پسند ڪيو نه ڪي قانون سان. اھڙي صورتحال کانپوءِ چئي سگھجي ٿو تھ قتل ٿي ويل ڀنڊ برادري جي نوجوان ۽ ٻن معصوم نياڻين جي قتل جا پيرا پوليس ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن جي در تي وڃي ختم ٿين ٿا. هاڻ اھو چوڻ ڏيو تھ نواب ولي محمد ۾ پيءُ ۽ ٻن معصوم نياڻين جو قتل رڳو ھڪ زميني تڪرار نھ، پر سنڌ ۾ ھلندڙ رياستي ڀوتارڪي ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ جو گڏيل نتيجو آھي. لڳي ٿو تھ سنڌ حڪومت غريبن جي زمينن جي حفاظت ڪرڻ بدران قبضا ڪرڻ، زبردستي گھر ڊاھي کين بي دخل ڪرڻ ۽ پوءِ پوليس معرفت مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين اغوا ڪري ٿاڻن ۾ بند ڪري ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ خاص منصوبابندي ڪري ڇڏي آھي. اھو بھ ٻڌائيندو ھلان تھ ان ساڳي جاءِ تي چار سال اڳي زميني تڪرار سبب پنجن ڄڻن جي قتل جو الزام محسن زرداري تي لڳو ھو. سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين جا اڳواڻ بنا دير جي پھچي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا هئا، ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ ساڳي جاءِ تي ڀنڊ برادري جو ڌرڻو لڳو، پر ڪوبھ سماجي، سياسي ۽ قومپرست اڳواڻ ڌرڻي ۾ لڙي نه آيو. حالتون ٻڌائين ٿيون تھ حڪمرانن جو عوام سان ڪوبھ تعلق ناھي ۽ وفاق سوڌو سنڌ حڪومت ڏنڊي جي ذور تي ھلي رھي آھي، جنھن سان مستقبل ۾ جمھوريت تي بھ برا ۽ ناڪاري اثر پئجي سگھن ٿا.