ايڊيٽوريلنئون

نادرا جي بايو ميٽرڪ ڊيٽابيس ۾ واڌ: نادرا رپورٽ

نادرا پاڪستان جو هڪ انتهائي اهم سرڪاري ادارو آهي، جنهن جو ڪم ملڪ جي شهرين جو رڪارڊ رکڻ ۽ انهن کي سڃاڻپ فراهم ڪرڻ آهي. نادرا صرف شناختي ڪارڊ نه، پر ٻيا به ڪيترائي دستاويز ٺاهي ٿو، جنهن ۾ NICOP، B-Form، FRC ۽ هاڻي اِي پاسپورٽ به نادرا طرفان ڏنا وڃن ٿا. ان کان علاوه پيدائش ۽ وفات جا سرٽيفڪيٽ به نادرا فراهم ڪري ٿو. وقت جي تبديليءَ سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪندي نادرا ملڪ جي شهرين جي آڱرين جا نشان، چهري جي سڃاڻپ، اکين جي پتلي جو رڪارڊ پڻ گڏ ڪندو آيو آهي ته جيئن ڪوبه شخص ٻئي جي سڃاڻپ استعمال نه ڪري سگهي. جيڪو 10/15 سال اڳ ملڪ ۾ عام هو. هن وقت نادرا پنهنجي رپورٽ شايع ڪري اهو ٻڌايو آهي ته سندس ڊيٽابيس ۾ 22 ڪروڙ 70 لک شهري رجسٽرڊ آهن. جنهن جو تعداد ملڪ جي 97 سيڪڙو آباديءَ جي برابر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 3 ڪروڙ 19 لک ٻارن جي پيدائش جو اندراج يونين ڪائونسلن ۾ ٿي چڪو آهي، پر اهي اڃان تائين قومي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن اداري وٽ رجسٽرڊ ناهن. اداري جي بايو ميٽرڪ سڃاڻپ واري ڊيٽابيس ۾ 17 ڪروڙ شهرين جي چهري جي سڃاڻپ موجود آهي. جڏهن ته هڪ ارب 38 ڪروڙ آڱرين جا نشان ۽ 70 لک ماڻهن جي اکين جو ڊيٽا محفوظ آهي.

رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور تي ڊيٽا ۾ 11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٻارن جي رجسٽريشن ۾ 18 سيڪڙو، عورتن جي رجسٽريشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هي ادارو پنهنجي رجسٽريشن مرڪزن کان علاوه هن وقت Pak-ID ايپ جي ذريعي اداري جي 15 سيڪڙو ذميواري سنڀالي چڪو آهي. هيستائين هن ايپ کي ڊائون لوڊ ڪندڙن جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ڊيٽابيس ۾ مختلف سڃاڻپن جي ڪري غلطيءَ جو امڪان تقريبن ٻڙي سيڪڙو ٿي وڃي ٿو. پاڪستانين لاءِ اها فخر جوڳي ڳالهه آهي ته هي ادارو سڃاڻپ جي معاملي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن کان اڳتي نڪري چڪو آهي. انسان جي اکين جي سڃاڻپ سڀني کان وڌيڪ منفرد سمجهي وڃي ٿي. ڇو ته لکين ماڻهن جي وچ ۾ اکين جو نمونو هڪ جهڙو هجڻ جو امڪان تمام گهٽ هوندو آهي. ملڪن جي لاءِ ڊيٽا جو گڏ ڪرڻ انتهائي ضروري ۽ اهم هوندو آهي ته جيئن ڪوبه ملڪ پنهنجي پاليسي ٺاهڻ وقت اهو ڏسي سگهي ته سندس ملڪ جا شهري عمر ۽ صنف جي لحاظ کان ڪيترا آهن، ڪيترا ٻار آهن ۽ ڪيترا خاندان غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڇو ته ملڪ ۾ ڪيترائي پروگرام حڪومت جي طرفان هلي رهيا هوندا آهن، جن ۾ بايو ميٽرڪ ڊيٽا جو استعمال ٿي رهيو هوندو آهي. ان کان علاوه صحت ڪارڊ، بينڪنگ سسٽم، ٽيڪس ڪليڪشن، سي سي ٽي وي ڪئمرائن ذريعي ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نشاندهي آسان ٿي ويندي آهي. هي هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن ۾ لکين ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن هڪ ڏوهاري کي پوليس سيڪنڊن ۾ سڃاڻي وٺندي آهي، جتي اها ٽيڪنالاجي اسان کي ايتري وڏي ڊيٽابيس ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿي اتي ان جا چئلينج به تمام گهڻا موجود آهن. ان ڪري حڪومت جو اهو فرض آهي ته هن اداري جي مٿان ذميدار ۽ فرض شناس ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ اندر ويٺل هر فرد جي ڪردار ۽ ان جي سرگرمين جي به مسلسل نگراني ڪئي وڃي. هن دور ۾ سائيبر جنگ ڪنهن به ملڪ لاءِ هڪ وڏو هدف بڻجي سگهي ٿي.

ڊيٽابيس ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ چوري ٿيڻ سان جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ماڻهن کي ملڪ اندر داخل ڪرڻ دشمن لاءِ آسان ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه به هن سسٽم ۾ هيڪ ٿيڻ ۽ ڊيٽا جي ليڪ ٿيڻ جا خطرا موجود هوندا آهن. ان لاءِ هي ادارو پنهنجي ڊيٽابيس جي حفاظت لاءِ غير معمولي قدم کڻي رهيو آهي ۽ ڊيٽا جي حفاظت لاءِ “ڊفينس انڊيپٿ” وارو اصول اختيار ڪيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ڊيٽا جي حفاظت لاءِ مختلف تهه رکيا ويا آهن. ان کان علاوه نادرا جو سسٽم دنيا جي جديد ترين فائر وال سان محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ عوام جي بايوميٽرڪ جنهن ۾ آڱرين، اکين ۽ چهري جي سڃاڻپ شامل آهي اهڙن ڪمپيوٽرن تي رکيل آهي جيڪي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل نه هوندا آهن. ڊيٽا کي انتهائي پيچيده ڪوڊز ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي جيڪو هيڪر لاءِ هيڪ ڪرڻ ممڪن ناهي. ان کان علاوه هن ڊيٽابيس جي 24 ڪلاڪ اسڪريننگ تي مانيٽرنگ ٿيندي آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ هي ادارو تمام محفوظ طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي، پر ان جي باوجود به غدارن جي غداري ڪيڏي مهل به سامهون اچي سگهي ٿي. ان لاءِ حڪومت کي اڃان وڌيڪ نگرانيءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان کانسواءِ عوام کي به پنهنجي سڃاڻپ لاءِ تمام گهڻو محتاط رهڻو پوندو، پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجا پاسورڊ، پنهنجي آڱرين جا نشان ڪنهن سان به شيئر ناهن ڪرڻا ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي مختلف تهن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اميد ته هڪ ڏينهن اسان جي ملڪ جي 100 سيڪڙو آباديءَ جي سڃاڻپ هن ڊيٽابيس ۾ موجود هوندي ۽ ڪنهن به غير ملڪيءَ کي غير قانوني دستاويز نه ملي سگهندا، جيئن گذريل سالن ۾ ڪيترائي افغاني مختلف شهرين جي “فيملي ٽريز” ۾ شامل ڪيا ويا هئا. جڏهن حفاظتي قدمن جي باري ۾ پڙهجي ٿو ته لڳي ٿو ته ان قسم جو ڌانڌليءَ وارو ڪم به وڏي پلاننگ سان اندروني سطح تي ويٺل ماڻهن جي هٿان ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ادارن جي بالادست آفيسرن جي مرضي به شامل هوندي آهي. ان کانسواءِ اهو ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. اسان پنهنجي اداري جي حفاظت ۽ بهتر ڪاڪردگيءَ جي لاءِ پراميد آهيون.