انسان جي مٿي ۾ قيد هي ننڍڙو عضوو، جنهن جو وزن نوجوانيءَ ۾ لڳ ڀڳ 1,300 کان 1,400 گرام ھوندو آهي، جيڪو پوري جسم جي وزن جو تقريبن 2 سيڪڙو حصو ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ڪائنات جي سڀ کان وڏي گهوڙي جي ڊوڙ جو ميدان آهي. دماغ رڳو هڪ عضوو ناهي، پر هڪ مڪمل سلطنت آهي، جتي بيشمار خيالن، جذبن جا طوفان، يادگيرين جا نشان ۽ مستقبل جا خواب پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. دماغ جي بناوٽ تي نظر وجهون ته اهو ٽن وڏن حصن تي مشتمل آهي. سيريبيرم، سيريبيلم ۽ برين اسٽيم. سيريبيرم: دماغ جو ھي حصو سوچ جو راڄڌاني آهي، جتي فلسفا تخليق ٿين ٿا، سائنس جا معجزا پيدا ٿين ٿا ۽ آرٽ جا عظيم شاهڪار وجود ۾ اچن ٿا. ان جي مٿاڇري تي پکڙيل ڪروڙين نيورون هڪ اهڙي سر زمين وانگر آهن، جتي روشني ۽ اونداھ جي ازلي جنگ هلي رهي آهي.
سيريبيلم: ھي دماغ جو اھو حصو آهي جيڪو جسم جي توازن ۽ حرڪتن کي ڪنٽرول ڪري ٿو، شايد هڪ اهڙي خاموش شاعر وانگر آهي، جيڪو ڪنهن ڌڻيءَ جي ساز تي ڌيمي ڌيمي سُرن جي صورت ۾ وڃي ٿو. ان جو ڪم نظر نٿو اچي، پر جيڪڏهن اهو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته انسان جي هلڻ، لکڻ ۽ حرڪت جو سمورو سلسلو درهم برهم ٿي وڃي.
برين اسٽيم: زندگيءَ جي واٽ جو دربان، جيڪو دل جي ڌڙڪن، ساھ کڻڻ ۽ انساني وجود جي بنيادي حرڪتن کي برقرار رکي ٿو. اهو ڪنهن اهڙي درويش وانگر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي سمورن گهوڙن جي ڊوڙ کان بي پرواھ، پنهنجي فرض ۾ مگن رهي ٿو، پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا دماغ جسم کي هلائي ٿو يا جسم دماغ کي؟ ڇا اسان دماغ جا غلام آهيون يا دماغ اسان جو نوڪر آهي؟ فلسفو چوي ٿو ته دماغ سوچ پيدا ڪري ٿو، پر روح ان سوچ کي معنيٰ ڏئي ٿو. سائنس چيو پئي ته سڀ ڪجھ نيورونن جي برقي سرگرمين جو نتيجو آهي، پر شاعري چوي ٿي ته دماغ صرف جسماني سر زمين ناهي، بلڪه خيالن ۽ جذبن جو هڪ انتهائي پراسرار آسمان آهي. اهوئي سبب آهي جو صوفين کان سائنسدانن تائين، سڀني جو ڌيان دماغ جي هن معجزي تي رهيو آهي، پر شايد اڃان تائين ڪنهن به اهو مڪمل طور نه سمجهيو آهي ته هي ننڍڙو عضوو آخر ڪهڙي رمز جو امين آهي!
دماغ ۾ خلل: دماغ جيڪو سمجھ جو قلعو ۽ شعور جي راڄڌاني آهي. جڏهن پاڻ ئي انتشار جو شڪار ٿئي ٿو ته ان جا اثر رڳو جسماني حدن تائين محدود نٿا رهن، پر انسان جي سڄي سڃاڻپ کي لوڏي وجهن ٿا. دماغي خلل ڇا آهي؟ ڇا اهو صرف نيورونن جي گهوڙن جي ڊوڙ آهي يا ته ڪنهن روحاني توازن جو بگڙجڻ؟ اناٽوميءَ جي نظر سان ڏسون ته دماغ جي هر حصي جو پنهنجو مخصوص ڪم آهي. فرنٽل لوب: دماغ جو ھي حصو انسان جي فيصلا ڪرڻ واري سگھ کي قابو ڪري ٿو. ٽيمپورل لوب: دماغ جو ھي حصو يادگيرين جو خزانو سنڀالي ٿو. پيريئٽل لوب: دماغ جو ھي حصو حسيات جو مرڪز آهي. اوڪسيپيٽل لوب: دماغ جو ھي حصو نظري جهان جو دروازو آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪوبه حصو خلل جو شڪار ٿي وڃي ته عقل، جذبا يا حواس مان ڪا شيءِ وڃائجي وڃي ٿي، پر فلسفي جي دنيا ۾ دماغي خلل جو مطلب ڪجھ وڌيڪ گهاٽو آهي. ڪڏهن اهو سماج جي بي رحميءَ جو نتيجو هوندو آهي ته ڪڏهن اهو وجود جي ڪنهن اڻپوري خواهش جو بغاوتي اظهار هوندو آهي. پاگل سمجهيو ويندڙ ماڻهن کي جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته هو ڪيڏا نه وڏا مفڪر، شاعر ۽ فنڪار ثابت ٿيا آهن. فريڊرڪ نيتشه ۽ وين گوگ جن جي لفظن ۽ رنگن ۾ بيقراري هئي، پر اها بيقراري ئي دنيا لاءِ روشني ٿي. دماغي خلل کي رڳو بيماري سمجهڻ غلط ٿيندو. ڪڏهن اهو دنيا جي عام اصولن کان آزاديءَ جي جستجو به هوندي آهي. شايد جنهن کي اسين “پاگل” چئون ٿا، اهو ئي دراصل حقيقت کي اسان کان بهتر سمجهي ٿو، پر سندس دماغ جون موجون، عام ذهن جي ماپ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. سو ڇا دماغ ۾ خلل هڪ بيماري آهي يا هڪ نئين حقيقت کي ڏسڻ جي سگھ؟ دماغ جيڪو روشنيءَ جو مرڪز آهي، ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ئي هڪ بگڙيل وولٽيج جهڙو بڻجي وڃي ٿو. مِرگي (Epilepsy) دراصل ان بجليءَ جي نظام ۾ ايندڙ اهڙو بگاڙ آهي، جتي نيورونن جا سگنل بنا ڪنهن ضابطي جي ڦهلجي وڃن ٿا، ڄڻ ته ڪو طوفان دماغ جي شهر ۾ گهڙي پيو هجي. طبي دنيا ۾ ان کي مرگي جي بيماري سڏيو وڃي ٿو.
مِرگي ڇا آهي؟: ِمرگي جو واسطو دماغ جي برقي سرگرميءَ سان آهي. فرنٽل لوب ۾ خلل اچي ته جسم بي قابو ٿي وڃي ٿو، ٽيمپورل لوب متاثر ٿئي ته يادگيريون ۽ شعور ڌنڌلو ٿي وڃن ۽ جيڪڏهن مرڪزي نيورل سرڪٽ بگڙي وڃي ته ڄڻ دماغ پنهنجي پاڻ سان جنگ ۾ لهي پوي ٿو، پر سياڻن جي اک سان ڏسجي ته مرگي هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو انساني شعور جي سرحدن کي مات ڏئي ٿو. ڪجھ مفڪر چون ٿا ته مرگي وارن جي ذهني تجربن ۾ ڪڏهن ڪڏهن روحاني بصيرت جو عنصر به هوندو آهي. هڪ اهڙو لمحو، جتي جسم بي قابو ٿي وڃي ٿو، پر روح شايد ڪنهن اڻڄاتل حقيقت کي ڏسي ٿو. فيودور دوستو وسڪي (Fyodor Dostoevsky) روسي ناول نگار جيڪو پاڻ به مرگيءَ جو مريض هو، لکي ٿو ته: مرگيءَ جي دور کان اڳ مون کي ايئن لڳندو هو ڄڻ هو ڪنهن اڻ سڃاتل روشنيءَ کي محسوس ڪري رهيو هجان. سائنس چوي ٿي ته مرگي هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ مريضن کي بار بار بي سبب دورا پوندا آهن، جن مريضن کي صرف هڪ ڀيرو دورو پيو آهي، انهن کي مرگي نه سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته تعريف جي لحاظ کان مرگي جو مطلب بار بار دورن جي حالت آهي. دورن جي سرگرمي صرف هڪ عجيب احساس يا بو، هڪ گھورڻ جو واقعو، شعور جو مختصر نقصان، هٿ يا ٽنگ جو بار بار مروڙجڻ يا ڪنهن حد تائين آڪڙ به ٿي سگهي ٿي. جنهن کي اسان هڪ نيورولوجيڪل بيماري چوندا آهيون، پر تاريخ چوي ٿي ته ڪيئي شاعرن، فلسفين ۽ بزرگن انهيءَ بيماريءَ کي هڪ روحاني تجربي طور محسوس ڪيو. سو مرگي ڇا آهي؟ دماغ جي خرابي يا ڪنهن ٻي حقيقت ڏانهن کلڻ وارو دروازو؟
مرگيءَ جو سبب: دماغي نيورونن جي بغاوت يا قسمت جو ڪو اڻڄاتل اشارو؟ دماغ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي توانائيءَ جو قيدي ٿي وڃي ٿو. مرگي جي بنيادي سبب کي سائنس جي اک سان ڏسجي ته اھا اوور ايڪٽيو نيورونز جي هڪ گروپ مان پيدا ٿئي ٿي جيڪي چوڌاري دماغ کي خراب ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ دورا ٿين ٿا. مرگي دماغ ۾ نشوونما جي خرابي، هڪ متعدي عمل، دماغي رسولي، مٿي جي زخم، فالج يا ڪنهن به عمل جي ڪري ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ دماغي ٻافتن کي نقصان پهچي ٿو. مرگي جون ڪجھ صورتون آئيڊيوپيٿڪ آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ڪابه واضح بنيادي جسماني غير معمولي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. آئيڊيوپيٿڪ (idiopathic) مرگي دماغ ۾ بايو ڪيميڪل عدم توازن، نيورونز جي وچ ۾ غير معمولي رابطن يا ٻنهي جي ميلاپ مان پيدا ٿيندي سمجهيو ويندو آهي، جيڪا دراصل نيورونن جي برقي سرگرميءَ ۾ هڪ اڻ ويهندڙ بگاڙ آهي. عام حالتن ۾ دماغ جا نيورون سنئين لڪير ۾ سگنل موڪلين ٿا، پر مرگيءَ ۾ اهي سگنل هڪدم بي قابو ٿي وڃن، ڄڻ ته دماغ جي وولٽيج ۾ اوچتو اسپارڪ اچي پوي. جينياتي خرابيون، دماغي صدمو، اسٽروڪ يا نيورل نيٽ ورڪ جي بيماريون مرگيءَ جو سبب بڻجن ٿيون، پر فلسفي جي روشنيءَ ۾ هي سوال وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو ته ڇا مرگي محض جسماني نقص آهي يا ان جو ڪو اڻڄاتل روحاني پهلو به آهي؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته دماغ جيڪو عام حالتن ۾ مادي دنيا تي ڌيان ڏئي ٿو، پر مرگيءَ جي دوري جي حالت ۾ ڪنهن ٻي حقيقت جو تجربو ڪري ٿو؟ ڪيترائي صوفي، شاعر ۽ فلسفي اهو خيال ڪن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن شعور جي حدن کي ٽوڙڻ لاءِ اهڙا تجربا ضروري هوندا آهن. سو مرگي جو سبب ڇا آهي؟ دماغ جي نيورونن جو انتشار يا انساني شعور جو ڪنهن ٻي دنيا سان پل جوڙڻ جو هڪ طريقو؟ سائنس ۽ فلسفي جي وچ ۾ هي سوال اڄ به بيقرار بيٺو آهي! مرگي جي تشخيص ڪيئن ڪجي؟: مرگي جي تشخيص هڪ پيچيده ۽ سنجيده عمل آهي، جيڪو صرف جسماني نشانين تائين محدود ناهي. مرگي صرف هڪ بيماري ناهي، پر اهو انسان جي ذهني ۽ جسماني حالت ۾ توازن جي گھٽتائي جي نمائندگي ڪري ٿو. جڏهن دماغ ۾ اعصابي برقي سگنلن جو نظم متاثر ٿئي ٿو، تڏهن مرگي جي حملن جو آغاز ٿئي ٿو، جيڪي جسم جي ڪنٽرول کي متاثر ڪن ٿا. اليڪٽرروئنسيفالوگرافي (EEG) رڪارڊنگ دماغ ۾ نيورون جي گروپن جي سرگرمي کي ماپيندي آهي ۽ مرگي جي تشخيص جي تصديق ڪرڻ ۾ مکيه بنياد آهي. دماغ جي ايم آر آءِ دماغ ۾ جسماني غير معموليات (جهڙوڪ: ويسڪولر خرابيون ۽ نشوونما جون خرابيون) پڻ ظاهر ڪري سگهي ٿي جيڪي شايد بيماري جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. مرگي جو علاج ڪيئن ڪجي؟: مرگي جو علاج دوا ۽ ان سان گڏوگڏ ذهن، جسم ۽ روح جي هم آهنگيءَ ۾ پڻ آهي. دوائن سان دماغي لهرون سنوارجن ٿيون، پر اصل علاج اندروني سڪون، توازن ۽ دٻاءُ جي گھٽتائيءَ ۾ آهي. شايد مرگي اسان کي ٻڌائڻ اچي ٿي ته زندگيءَ جي اصل تال ڇا آهي ۽ ان سان گڏ هلڻ ئي صحيح علاج آهي. مرگي جي ڪيترن ئي شڪلين کي دوائن سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. جڏهن دوا دورن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي يا دوا جا ضمني اثرات ناقابل برداشت ٿي وڃن ٿا ته پوءِ سرجري هڪ آپشن آهي. هڪ ڀيرو اي اي جي رڪارڊنگ سان دوري جو مرڪز معلوم ٿي ويندو آهي، جنهن جو علاج سرجري سان به ڪري سگهجي ٿو. ڪيترائي مريض جن کي مرگي جي بيماري آهي، سرجري کانپوءِ پنهنجي حالت ۾ اهم بهتري محسوس ڪري سگهن ٿا. ويگل نرو اسٽيميوليٽر (ڳچي ۾ ويگس نرو سان ڳنڍيل برقي نبض جنريٽر) پڻ ڪجھ قسم جي مرگي جي بيماري لاءِ هڪ مؤثر علاج آهن. ويگس نروس جي برقي محرڪ ميڪانيزم ذريعي دورن جي تعداد کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. دوا جسم کي سنواري ٿي، پر مرگي واري مريض لاءِ اصل شفا ذهني سڪون، محبت ۽ همدردي ۾ آهي. هن کي خوف کان آزاد، سماجي طور قبوليت ڀريو ماحول ۽ دٻاءُ کان پاڪ زندگي ملي ته بيماري رڳو هڪ جسماني حالتن جو نالو نه رهندي، پر روح جي توازن جو سفر بڻجي ويندي. شفقت، سمجھ، صبر ۽ ان سان گڏوگڏ ترتيب سان دوا جو استعمال ئي اثرائتو علاج آهي.