سنڌ اسيمبلي 28 فيبروري 2023ع تي گريٽر ٿل ڪئنال خلاف يڪراءِ ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت پنجاب ۾ 200 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت سان ڇهن ڪئنالن واري تڪراري منصوبي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو، جنهن کي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) پنجاب جي موقف جي حمايت ڪندي سنڌ جي خدشن کي يڪسر نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. 1991ع ۾ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هڪڙو پاڻيءَ جو معاهدو ٿيو هو جنهن کي واٽر اپائنمينٽ اڪارڊ (WAA) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جا اهم نقطا هي آهن پهريون اهو آهي ته هن معاهدي تحت هر صوبي کي جنهن ۾ سنڌ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه شامل آهن پاڻيءَ جو مخصوص حصو ڏنو ويو آهي. هن معاهدي جو ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته صوبن کي پنهنجي زراعت جي لاءِ ۽ روزمره جي ضرورتن جي لاءِ پاڻيءَ جو حصو ڏنو ويندو. ٽيون اهم نقطو اهو آهي ته جيڪڏهن مٿان کان وڌيڪ پاڻي اچي ٿو ته اهو به چئني صوبن کي پنهنجي پنهنجي حصي جي مطابق ورهائي ڏنو ويندو. هن معاهدي ۾ قونصل آف ڪامن انسٽريسٽ (CCI) هڪ اهم رول ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ سي سي آءِ معاهدي تي عمل ٿيڻ کان وٺي صوبن جي شڪايتن ۽ تحفظات کي ٻڌي ٿي ۽ ڏسي ٿي. هن معاهدي تحت 1992ع ۾ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ٺاهيو ويو، جيڪو هن معاهدي جو چوٿون نقطو آهي، جنهن ۾ 1991ع واري واٽر اڪارڊ اٿارٽي (WAA) مطابق ارسا جي ذميداري اها هئي ته اهو ادارو معاهدي کي مانيٽر ڪري سگهي ۽ سنڌو نديءَ جي پاڻي واري نظام کي معاهدي مطابق مئنيج ڪري سگهي.
هي تاريخي معاهدو هڪ اهم سنگ ميل هجڻ گهرجي ها، جنهن جي تحت پاڪستان جيڪو هڪ وفاق آهي ان جي چئني صوبن کي سنڌو درياءَ جو پاڻي پنهنجي پنهنجي حصي جي مطابق ملڻ گهرجي ها، پر بدقسمتي سان ايئن عملي طور تي ٿيندي نظر نٿو اچي، نه اهو گذريل ڏهائين ۾ ٿيو آهي ۽ نه هن وقت ٿي رهيو آهي. دنيا ۾ اهو هڪڙو دستور نظر اچي ٿو ته طاقتور ڌريون ڪمزور ڌرين کي دٻائي انهن جي وسيلن تي قبضو ڪن ٿيون ۽ انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿيون، اهڙين زيادتين کي روڪڻ لاءِ قومن جي وچ ۾، ملڪن جي وچ ۾ ۽ ادارن جي وچ ۾ معاهدا ٿيندا آهن ته جيئن ڪمزور ڌر کي به پنهنجو حق ملندو رهي ۽ طاقتور پنهنجي طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ کان باز رهي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ وفاق جي ارڏائين جي ڪري پاڪستان جو اڌ حصو مشرقي پاڪستان اسان کان ڌار ٿي چڪو آهي اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ دردناڪ باب آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اڃان تائين به اسان ڪجهه سبق حاصل نه ڪري سگهيا آهيون ۽ هن وقت جيڪي اڪائيون پاڪستان جي وجود کي ٺاهين ٿيون انهن ۾ طاقت جو توازن برقرار رکي نه سگهيا آهيون. توڙي جو ادارا به ٺهيا آهن، پر ان جي باوجود وفاق ۽ پنجاب ننڍن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختوانخواهه کي پنهنجا بنيادي حق ڏيڻ کان لنوائيندي نظر اچن ٿا. پاڻي انساني زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آهي. پاڻيءَ کانسواءِ ڪٿي به آبادي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي اتي ڪا تهذيب پروان چڙهي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي وفاق سنڌ جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٿيل معاهدا لڳي ايئن ٿو ته صرف هڪ صوبي جي حق ۾ استعمال ٿيندا نظر اچي رهيا آهن. سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا ان سان وفاق مضبوط ٿيندو يا ڪمزور ان جو جواب اسان سڀني کي گڏجي ڳولهڻ جي ضرورت آهي. هن وقت ارسا تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال منصوبي تي پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت ڪري سنڌ بلوچستان جي پاڻيءَ جي حصي تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اهو ڌاڙو باقائده ان اداري طرفان عمل ۾ اچي رهيو آهي، جنهن کي ان ڌاڙي کي روڪڻو هو.
جڏهن ارسا جي اڳيان سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ ۽ سڄي سنڌ ۾ عوامي احتجاج بابت ڳالهه ڪئي وئي ته ان تي نو ڪمينٽس لکيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته ارسا ۾ موجود ميمبر ۽ چيئرمين ٻين صوبن جي تحفظات کي ليکي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن ۽ هن وقت ارسا جو چيئرمين ۽ پنجاب جو ميمبر بلڪل اهڙو رويو اختيار ڪري ويٺا آهن جيئن آمريڪا جو صدر ڪمزور ملڪن سان ڪري رهيو آهي. ڪيڏي مهل اهو غزه جي نالي اهو ٿو چوي ته ان جي حيثيت ريئل اسٽيٽ واري آهي يا ڪئناڊا کي آمريڪا جي ايڪونجاهين رياست بڻايو ويندو. اڃان به وقت ويو ڪونهي اسان کي هر شيءِ کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي غلطين کي درست ڪريون ۽ پنهنجين پنهنجين قانوني، آئيني ۽ ادارتي حدن ۾ رهي فيصلا ڪريون ۽ ليڪو لنگهڻ جي ڪوشش نه ڪريون. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته سنڌ جو ارسا جو ميمبر لڳي ٿو ته ارسا ۾ خاموش تماشائي بڻجي ويٺو آهي ۽ ان جو آواز اسان کي ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. سنڌ حڪومت کي ارسا ۾ آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڪنهن طاقتور شخصيت ۽ ٽيڪنيڪل ڄاڻو ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو ارسا ۾ سنڌ جي ڪيس کي هٿي ڏيئي سگهي.