ڪلائيميٽ چينج، گلوبل وارمنگ ۽ دنيا جو آئندو (حصو پھريون)
دنيا ۾ موسمياتي تبديلين ياClimate change نون خطرن جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ عالمي گرمي پدGlobal warming مسلسل وڌي رھيو آھي. گذريل جولاءِ مھينو انساني تاريخ جو گرم ترين ۽ انھيءَ مھيني جي تاريخ 3 جولاءِ وارو ڏينھن دنيا ۾ انساني تاريخ جو گرم ترين ڏينھن رڪارڊ ڪيو ويو. دنيا جو سراسري گرمي پد 17 ڊگري کي ڪراس ڪري ويو. ھن کان اڳ اھو 16 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو ھو. گلوبل وارمنگ جا اثر ته ھر سال دنيا ڏسي ٿي، پر ھاڻوڪن سالن ۾ انھن ۾ شدت آئي آھي. حيرت جي ڳالھ اھا ته 2017ع کان دنيا ۾ ڪڪرن جو ڦاٽي پوڻ يا Cloud Burst نوٽ ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي ھڪ موسمياتي اداري جي رپورٽ جي چند سٽن جو مطالعو ڪرڻ به ضروري آھي.
”آمريڪي قومي مرڪز براءِ ماحوليات جي انگن اکرن موجب سومر 3 جولاءِ عالمي سطح تي ھيستائين جو گرم ترين ڏينھن ھو.
سراسري عالمي گرمي پد 17.01 ڊگري سيلسِيَس (62.62 فارن ھائيٽ) تائين پھچي ويو. جنھن آگسٽ 2016ع جي 16.92 سينٽي گريڊ (62.46 فارن ھائيٽ) جي رڪارڊ کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ڇو جو سڄي دنيا ۾ گرمي جون لھرون ڇانيل ھيون“
اھا ڳالھ به واضح رھي ته جولاءِ جو مھينو ختم ٿيڻ کان پھرين ئي سائنسدانن چئي ڇڏيو ھو ته ھي معلوم انساني تاريخ جو گرم ترين مھينو بڻجي چڪو آھي. انساني تھذيب ان کان گھڻي گرمي ڪڏھن به نه ڏٺي. ڳالھ ھاڻي گلوبل وارمنگ کان اڳتي نڪري رھي آھي، زمين تپي ناھي رھي بلڪه ٽَھڪي رھي آھي. موسميات جي عالمي ادارن جو چوڻ آھي ته سال 2023ع جو جولاءِ ھڪ لک 20 ھزار سالن جو سڀ کان گرم مھينو بڻجي رھيو آھي. ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن ۽ يورپي يونين جي موسمياتي اداري ڪوپرنيڪس ڪلائيميٽ چينج سروس موجب جولاءِ جي گرمي اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙڻ جي سطح کان ڪيترو ئي اڳيان نڪري وئي آھي.
دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جا خطرناڪ اثر ھاڻي ڪنھن کان لڪل نه رھيا آھن. دنيا ماحولياتي تبديلين کي ڏکيائين سان منهن ڏئي رهي آهي. آمريڪا جي موسمياتي پيشن گوئي ڪرڻ وارن ادارن موجب ھيستائين 3 جولاءِ 2023ع دنيا جو رڪارڊ ٿيڻ وارو گرم ترين ڏينھن ھو. دنيا جو سراسري گرمي پد 17.01 Celsius تي پھچي ويو.
گذريل مھيني 3 جولاءِ جو ڏينھن جڏھن ڌرتي جو گولو گرمي جي شدت سان ٻري اٿيو. سڄي دنيا جو ڌيان ڌرتيءَ طرف ڇڪجي ويو، موسمياتي ادارن کان وٺي نشرياتي ادارن تائين ماحوليات ۽ ڌرتيءَ جي محفوظ آئندي بابت غور ۽ فڪر ڪندي بحث ۽ مباحثا ٿيا، پر افسوس اسان جھڙن معاشرن ۾ ان ڳالھ طرف ڪنھن جو گھڻو ڌيان نه ويو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا آگاھي(Awareness) ڏيندي ماڻھن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ميڊيا سميت ٻين لاڳاپيل فورمن تي ماحوليات بابت ڪو خاص ويچار ڪيو ويو.
ھونئن به ٽين دنيا جا اھڙا معاشرا جتي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مھانگائي وغيرہ جھڙا مسئلا ھجن اتي عام ماڻھو ٻين مسئلن تي سوچين به ته ڪيئن؟
صورتحال اھا آھي ته ھن سال 2023ع جي مئي مھيني کان جولاءِ مھينن تائين آيل گرمي جي لهرن ترقي يافته دنيا جون اکيون کولي وڌيون آھن، انھن کي ماحوليات جي تحفظ بابت پنھنجي ذميواري طرف سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو آھي ۽ مٿان گڏيل قومن جي رپورٽ انھن کي ويتر ڌونڌاڙي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آھي.
يو اين جي ڪلائيميٽ چينج رپورٽ ۾ ڄاڻايل آھي ته ھاڻوڪي گرمين جي ھِيٽ ويو سبب يورپ جا ڪيئي ملڪ فرانس، جرمني، اسپين ۽ پولينڊ گرمي جي وڌندڙ تپش سبب ٻري رھيا آھن.
آمريڪا ۽ يورپ وارن جون وايون بتال ٿي ويون. گذريل جولاءِ 2023ع جي مھيني ۾ ئي عالمي ميڊيا ۾ ھڪ خبر نشر ٿي ته يورپي يونين صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي يورپ کي درپيش موسمياتي خطرن کي گھٽائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ويچارڻ لاءِ پنھنجي ميمبر ملڪن جو ھنگامي اجلاس به طلب ڪيو.
گرمي جي لهر سبب دنيا جي ماڻھن جا ڪاروھنوار بنھ مفلوج ٿي ويا، صورتحال اھڙي ڏکي ٿي وئي جو جھنگلن کي باھيون وٺي ويون. تپش جي لھرن ماڻھن سميت ٻين جاندارن کي سخت متاثر ڪري وڌو. صورتحال جي نزاڪت جو اندازو ان مان لڳايو جو ڌرتي جي تپش ته پنھنجي جاءِ تي، پر دنيا جا سمنڊ به تيزيءَ سان گرم ٿي رھيا آھن. ھتي اسين دنيا ۾ تازو آيل گرمي جي سخت تپش جو ٿورو جائزو وٺنداسين.
19 جولاءِ 2023 تي روزاني جنگ اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ”سڄي دنيا ۾ گرمي جي لھر ۽ شدت ۾ گھٽتائي جا آثار نظر نه پيا اچن. اٽلي ۽ ان جي آسپاس ۾ واقع ڏکڻ يورپي ملڪ ھن وقت ھڪ وڏي پيزا اوون ۾ تبديل ٿي چڪا آھن“ يورپ جي ملڪن جي جھنگلن ۾ باھين لڳڻ جي واقعن بعد سياحن يورپي ملڪن جي سفري منصوبن کي منسوخ يا تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ رڪارڊ گرمي جي لھر جي سبب جھنگلن ۾ باھين لڳڻ جي واقعن ۾ واڌ آئي آھي. آمريڪا جي ڏکڻ واري رياستن ۾ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھن کي گرمي جي شدت کان محفوظ رھڻ جي لاءِ ھدايتون ڪيون ويون آھن. چين جي اترئين اولھندي خطي سنڪيانگ ۾ پارو 52.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. جاپان 47 مان 32 علائقن لاءِ ھيٽ اسٽروڪ الرٽ جاري ڪيو. آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد ڪيليفورنيا جي ڊيٿ ويلي ۾ 52 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ھو. اٽلي جي ٻيٽن سسلي وغيرہ ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اهو سسلي ۽ يورپ ۾ گرمي جو بدترين رڪارڊ آھي. يونان جي گاڌي واري ھنڌ ايٿنز ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو“
ساڳئي رپورٽ ۾ اڳتي لکيل آھي ته ”گڏيل قومن ۾ عالمي موسميات جي متعلق ايجنسي (ڊبليو ايم او) جو چوڻ آھي ته ”گرمي جي لھر ۾ گھٽتائي جا ڪي آثار نظر نه پيا اچن“ عالمي تنظيم خبردار ڪيو آھي ته ھيٽ ويو اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آھي. عالمي موسمياتي تنظيم (ڊبليو ايم او) جو چوڻ آھي ته دنيا جي اڌ اترئين حصي ۾ ساڙي ڇڏڻ واري گرمي ۾ واڌ جو امڪان آھي، ڊبليو ايم او جي سينيئر ايڊوائزر جان نائرن جنيوا ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، جڏھن ته دنيا کي ان کان وڌيڪ گرمي جي لھرن لاءِ تيار رھڻو پوندو“
ٻئي پاسي ايشيا ۾ رڪارڊ گرمي پد بعد تيز برساتن جو سلسلو جاري رھيو. چين ۾ وڌيڪ مينھن پيا بلڪه اڃا تائين جاري آهن، جتي اڍائي لکن کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو. ويٽنام ۾ طوفان جي ٽڪرائڻ بعد برساتن جو سلسلو جاري ٿيو.
ڀارت ۾ شديد برساتون وسيون، دھلي شھر ته ٻڏي ويو، انڊيا جي ٻين شھرن به اربن فلڊنگ کي منھن ڏنو ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا به عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا. گذريل مھيني 19 جولاءِ 2023ع تي انڊيا جي رياست مڌيا پرديش ۾ ڪڪر ڦاٽو. تازو 14 آگسٽ 2023ع تي انڊيا جي ميڊيا ۾ صبح جو انڊين علائقي شملا ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي رپورٽ به نشر ٿي. ھوڏانھن شديد برساتن سبب افغانستان ۾ به ٻوڏون آيون.
اتر آفريڪي ملڪ الجيريا به ھيٽ ويوز سبب ٻري اٿيو، جتي ڪيئي ماڻھو ھِيٽ ويو سبب ھلي چُريا.
ھن سال دنيا ۾ ھيٽ ويو جا ھاڃا ڏاڍا پيش آيا آهن. ھڪ نامياري پاڪستاني نيوز چينل (جيو نيوز) جي رپورٽ موجب: وچ اڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ شديد گرمي جي لھر جاري رھي. الجزائر جي 5 رياستن ۾ پارو 51 گرمي پد تي پھتو. مصر، اردن ۽ لبنان، اسپين، يونان ۽ سوئيٽزرلينڊ سميت ٻين ملڪن جي جھنگلن ۾ باھ لڳڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، پر اھي واقعا به اھڙا جو باھ بي قابو ٿي وئي. ڪينيڊا جي جھنگلن ۾ تهHeat wave سبب 500 کان وڌيڪ ھنڌن تي لڳل باھ بي قابو ٿي وئي. ڪينيڊا جي جھنگلن ۾ لڳل باھ سبب اتر ۽ اوڀر آمريڪا به متاثر ٿيو، بلڪه آمريڪا جي 20 رياستن ۾ خراب ھوا جو الرٽ جاري ڪيو ويو. يورپ ۾ به شديد گرمي جي لھر جاري رھي. عالمي موسميات کاتي خبردار ڪيو آھي ته ايندڙ سالن ۾ گرمي جون لهرون وڌيڪ شدت اختيار ڪنديون.
عالمي خابرو اداري وائيس آف آمريڪا جي ھڪ رپورٽ موجب 28 جولاءِ تي جاري ٿيل ھڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته آمريڪا ۾ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھن کي شديد گرمي يا گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ شديد بارشن يا ٻوڏن کي منھن ڏيڻو پيو پوي. ھي تعداد ملڪ جي ڪل آبادي جو تقريبن 60 سيڪڙو آھي. رپورٽ موجب 27 جولاءِ تي گادي واري ھنڌ واشنگٽن، نيويارڪ ۽ فلاڊيلفيا جو گرمي پد سراسري کان 5 کان 8 درجا سينٽي گريڊ وڌيڪ محسوس ڪيو ويو. ھي ڌيان ۾ رھي ته گرمي پد جي پيمائش ٻن اندازن سان ڪئي ويندي آھي. ھڪ اھو ته اسڪيل تي حقيقي گرمي پد ڪيترو آھي ۽ ٻيو اھو ته جيڪي اَثرَ انسان محسوس ڪري رھيو آھي اھو ڪيتري گرمي پد تي محسوس ڪري سگهجي ٿو“
عالمي ميڊيا موجب انگلينڊ جا ماھر مختلف ماڻھن تي 51 گرمي پد تي گرمي، پگھر ۽ نمي جي اثرن جا تجربا ڪري رھيا آھن. انھن موجب 38 کان 40 ڊگري گرمي پد جي گرمي ۾ پگھر نه سڪڻ سبب انساني جسم سخت متاثر ٿي سگھي ٿو. ماھرن موجب ھي سال 2023ع گرم ترين سال ثابت ٿيندو. (جاري آھي)
***