ٿولهه جي شڪار ٻارن ۾ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان
لنڊن ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهي ٻار جيڪي جسماني ٿولهه جو شڪار آهن، انهن ۾ مستقبل ۾ ڊپريشن جا خطرا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. ڪنگز ڪاليج لنڊن جي محققن ٽوئنز ارلي ڊولپمينٽ اسٽڊي ۽ يو ڪي اڊلٽ ٽوئن رجسٽري مان حاصل ڪيل 10 هزار کان وڌيڪ جاڙن ٻارن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. مطالعي ۾ محققن 12، 16 ۽ 21 سالن جي ٻارن ۾ ٿولهه ۽ ڊپريشن جي وچ ۾ تعلق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 12 سالن کان وٺي 16 سالن جي عمر وارن ٻارن ۾ وزن وڌيڪ هئڻ سبب انهن جي مزاج ۾ اداسي ۽ بيزاري جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. هن عمر ۾ ٻارن جي مدد ڪرڻ تمام اهم آهي. تحقيق جي سربراهه مصنفه ڊاڪٽر ايلن ٿامپسن جي چوڻ مطابق نوجوانيءَ ۾ وڌيل وزن ۽ ذهني صحت جي خراب ٿيڻ جي وچ ۾ تعلق کي سمجهڻ ۽ ان کان متاثر ٿيل ٻارن ۽ نوجوانن جي بروقت مدد ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.