گوتم ٻُڌُ راشد شر June 2021
گوتم ٻڌ جو اصل نالو سڌارٿ ھو سندس جنم 563 ق. م ۾ انڊيا جي ڪپل وستو رياست (جيڪي موجوده وقت نيپال جي سرحدن ۾ واقع آھي) جي راجا سڌو ڌن ۽ راڻي مايا جي گھر ۾ ٿيو، سڌارٿ جو تعلق شاڪيا قبيلي سان ھو.
جيئن ته سڌارٿ ھڪ امير شاھي گھراڻي ۾ اک کولي ھئي سندس گھر ۾ ابتدائي زندگي شاھي ٻارن جيئن گذري، پر جڏھن پاڻ سمجهدار ٿيو ته ھن پنهنجو ذھن اھڙي اميراڻي ماحول ۾ گھٽ ٻوسٽ واري حالت ۾ گهيريل محسوس ڪيو ڇو ته سڌارٿ جنهن علائقي ۾ رھندو ھو اتي نه صرف امير طبقي ۽ وچين درجي جا ماڻھو رھائش پذير ھئا بلڪه اتي عام ماڻھو به رھندا ھئا جن جي زندگي تڪليفن ۾ پئي گذرندي ھئي جنهنڪري سڌارٿ پنهنجي بادشاهي واري زندگي مان نڪري پيڙهيل طبقي جي ان تڪليفن واري زندگي جي سوال کي پنهنجي ذھن ۾ اٽڪائي ڇڏيو ته اهي ڏک انسان وٽ ڪٿان ۽ ڪيئن آيا آھن، ھن اھو اندازو لڳائي ڇڏيو ته امير جي ڀيٽ ۾ توڙي جو غريب ماڻھو اذيت ۾ زندگي گذاري ٿو، پر ھن جي سوچ ۾ اصل زندگي ئي اھا زندگي ھئي.
سڌارٿ جي زندگيءَ جي ان سوچڻ واري دور ۾ شادي به ٿي جنهن مان کيس پٽ جو اولاد ٿيو، پر ڏٺو وڃي ته ھن جي گهر ٻار سان خاص دلچسپي نه رھي ۽ ھو گھر ٻار ۽ زال کي ڇڏي دنيا جي ڏاھن ماڻھن کان پنهنجي ذھن ۾ اٽڪيل سوالن جي جوابن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گھران نڪري ويو ۽ ان وقت ھو اھل علم ماڻھن کان گھڻو ڪجھ سکيو، پر سڌارٿ جو جيڪي اصل مقصد ھو ته ماڻھو کي ڏک ڇو مليا ۽ انھن جو خاتمو ڪيئن ڪجي؟ سندس ان سوالن جا جواب اڃا ڪنھن به ڏاھي وٽان واضح نه ملي سگهيا هئا جنھن ڪري سڌارٿ اڃا وڌيڪ رمتو بڻجي جھر جھنگ جهاڳڻ لڳو ھن کي پھاڙن جا پنڌ ڪندي بک اڃ ۽ بيمارين مان به گذرڻو پيو ۽ ھو خود ان اذيت سان ملاقات ڪري آيو جنهن جي سببن جي خود ھن کي تلاش ھئي. نيٺ ھڪ ڏينھن جڏھن ھو سير سفر کانپوءِ ٿڪجي ھڪ جهنگ ۾ پپر جي وڻ هيٺان ننڊ ستل ھو ته اوچتو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پاڻ کي سجاڳ سمجهي پنهنجي سوالن جا جواب ڳولڻ ۾ پاڻ کي ڪامياب سمجھڻ لڳو ۽ ھن ڄڻ ننڊ جي جهٽڪي مان خواب دوران اھي سمورا راز پروڙي ورتا ھئا. ان کانپوءِ ھو پنھنجي باقي زندگي ماڻھن ۾ تبليغ ڪندي گذاريندو رھيو کيس جيڪي ماڻھو ٻڌندا ھئا انهن تي ڄڻ هن جو ڳالھيون ڇانئجي وينديون ھيون ۽ سندس گفتگو ٻڌي ماڻھو عاشق ٿي ويندا ھئس، ھو ماڻھن سان مسلسل پنھنجي خيالن جي پرچار ڪندو رھندو ھو.
سڌارٿ جي 80 سالن جي عمر ۾ 483 ق. م ۾ وفات ٿيڻ کان اڳ ۾ ھن ھزارن جي تعداد ۾ پنهنجا همعصر ھم خيال شاگرد تيار ڪيا جن کي ھو زندگيءَ جو سبق ڏيندو ھو. ھڪ دفعي سندس ئي شاگردن مان ھڪ ويجهي همعصر شاگرد آنند جڏهن هن کان پڇيو ته سڌارٿ ھاڻ آخر ۾ اسان کي ڇا ٿا ٻڌائي وڃو اسين توکان پوءِ ڇا ڪيون؟ سڌارٿ وراڻيو ته متان منهنجي پوئلڳي ڪيو! جيڪو ڪجھ مون چيو آهي ان مان نرواڻ توهان کي ڪڏھن به نه ملندو، پر جيڪي مون چيو آھي اهو ڪرڻ سان توهان کي سڀ ڪجھ ملندو. جستجو سان ئي توهان کي نرواڻ ملندو مون کي پوڄڻ بجاءِ پنهنجي جستجو ڪجو.
اڳتي ھلي دنيا ڏٺو ته سڌارٿ جي فڪر انسان شناسي تي اھڙا ته گھرا اثر ڇڏيا جنهن سڌارٿ کي انساني تاريخ ۾ گوتم ٻڌ جي نالي سان اھڙن ته سونهري اکرن سان چٽو ڪري ڇڏيو جو ھن عظيم انسان کي اڄ به پوري دنيا ۾ سچ ۽ جستجو جي سبق سان سڃاتو وڃي ٿو.
بنيادي طور تي گوتم ڪو عام مذھبي گرو نه ھو نه وري ھو بت پرست ھو، پر گوتم ھڪ فلسفي ھو جنهن جھڪڻ بجاءِ اعتماد ۽ جستجو جو سبق ڏنو. توڙي جو گوتم جي تعليم، فڪر ۽ فلسفي ۾ اسان کي ڪن جڳھن تي (Materialist) فلسفي جي تضاد ۾ ڪجھ شيون ملن ٿيون، پر سندس فڪر ۾ زندگي گذارڻ جا جيڪي بنيادي اصول آھن اھي به پنهنجي جوھر ۾ سائنس عقل جو ھڪ اھڙو حصو آھن جن کي انساني تاريخ ۾ انسان شناسي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
گوتم ٻڌ جي تعليمات جا جيڪي بنيادي اصول يا سچ آھن انھن کي گوتم جي تعليمات جا چار بنيادي اصول يا گوتم ٻڌ جا چار سچ جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. گوتم جي ان بنيادي اصولن کي اسين تاريخ ساز ۽ انسان شناس سچ تڏھن به چئون ٿا جو سڌارٿ پنهنجي ان فلسفي ۾ انساني تميز جو سبق ڏنو آھي ۽ زندگي گذارڻ زندگي ۾ ملندڙ ڏکن ڏوجهرن جو عڪس چٽيو آھي. جيڪڏھن اڄ جو انسان گوتم جي ان تعليمات کي سمجھي عمل ڪري ته ھو گهڻي قدر پنھنجي زندگي کي خوبصورت نموني تميز واري حقيقي زندگي گذاري سگھي ٿو.
سڌارٿ جا اھي اتم سچ ھن ريت آھن:
پھريون اتم سچ: سڌارٿ جو پھريون اتم سچ اھو آھي ته “زندگي تڪليف آھي” جياپي لاءِ ڏک، سختيون، سور لازمي طور سھڻا پون ٿا جنھن کانسواءِ زندگيءَ جو جياپو ممڪن ناھي، جياپي جي انهن تڪليفن ۾ جسماني ۽ ذھني تڪليفن جو حصو آھي جن ۾ زخم، ٿڪاوٽ، پوڙھائپ ۽ آخر ۾ موت اچي وڃي ٿو ايئن ذھني تڪليفون به آھن جن ۾ تنھائي، پريشاني، خوف، شرمندگي، نا اميدي وغيره اچي وڃن ٿا.
ٻيو اتم سچ: گوتم جي تعليمات جو ٻيو اتم سچ اھو آھي ته “تانگھ يا خواھش سمورين تڪليفن جو سبب بڻجي ٿي.” سڌارٿ جي هن اتم سچ جو مقصد اھو آھي ته انساني جياپي جون تڪليفون خواھشن جي پيداوار آھن يا ايئن کڻي چئجي ته ڪنھن پيار جي خواھش کي حاصل ڪرڻ مستقل خوشي ناھي ۽ پنھنجن خواھشن کي حاصل ڪرڻ کان بھتر اھو آھي ته پنھنجي پسند جي عمل جو ڪو انقلاب آڻجي.
ٽيون اتم سچ: گوتم جو ٽيون اتم سچ زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جي پڪ ڏياريندي چوي ٿو ته تڪليفن مان پار ٿي سگھجي ٿو ۽ سچي خوشيءَ کي ماڻي سگھجي ٿو.
ھاڻ جيڪڏھن پاڻ صوفي ازم جي تعليمات کي سڌارٿ جي ان ٽي نمبر اتم سچ جي سامھون بيھارينداسين ته سڌارٿ جو فلسفو صوفيت کان تمام اتم ۽ ھڪ سائنسي سچ طور ملندو. ڇو ته صوفي چون ٿا ته ھي دنيا کيل آھي ھن دنيا ۾ ڪجھ به ناھي وغيره جھڙا دنيا کان لاتعلقي جا صوفين جا ٻيا به کوڙ سارا مثال ملن ٿا، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي سڌارٿ جستجو ڪري ڪاميابي ماڻڻ لاءِ ھمٿائيندي رجعت پسنداڻي موقف کي رد ڪندي نظر اچي ٿو، سڌارٿ پنھنجي ھن اتم سچ ۾ اجاين ھٻڇي تمنائن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ کانپوءِ جنھن منزل جي لقاءُ جي ڳالھ ٿو ڪري ان کي نرواڻ سڏجي ٿو. نرواڻ ھڪ اھڙو لقاءُ آھي جيڪو وقت ۽ وٿي واري ويچارن کان گھڻو اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ انهي ڪري ئي ان جي باري ۾ ڪجھ چئي سگھڻ ۽ سوچي سگھڻ ڏکيو آھي. ڇو ته لفظ ۽ سوچ رڳو ڪنھن وقت ۽ وٿي واري لقاءُ کي ئي اپٽاري سگھن ٿا.
سڌارٿ جو چوٿون ۽ آخري بنيادي اتم سچ آھي ته “ھڪ رستو جيڪو ڏکن کان پار ڪري ٿو.” ان رستي کي “اٺوڻي اتم واٽ” چئجي ٿو جنهن ۾ ھن قسم جي ساڃاھ شامل آھي. ٺيڪ سمجھ، ٺيڪ سوچ، ٺيڪ ڳالھ، ٺيڪ ھلت، ٺيڪ رھڻي ڪھڻي، ٺيڪ ڪوشش، ٺيڪ ساڃاھ، ٺيڪ ڌيان.
ھن اٺوڻي اتم واٽ تي نظر وجھجي ٿي ته ھن اٺوڻي اتم واٽ جا سمورا پاسا انساني جياپي کي پنھنجي اندر سمائيندي نظر اچن ٿا.
عظيم گوتم ٻڌ جي هن فڪري ابتدائي فلسفياڻي تعليم کي پڙھڻ کانپوءِ سندس فڪر فلسفي مان اھا ڳالھ واضح ملي ٿي ته سڌارٿ نه صرف ھڪ فرد ھڪ مذھب، ھڪ شخصيت جو نالو آھي بلڪه گوتم ھڪ اھڙي انساني تاريخ جي فلسفياڻي تشريح جو نالو آھي جيڪو مسلسل جستجو سيکاري انساني تھذيب ۽ انساني زندگيءَ ۾ ھڪ انقلاب آڻڻ چاھي ٿو. توڙي جو ھينئر دنيا جو گھڻو حصو ھن عظيم انسان کي پوڄي صرف مذھبي پاسي کي ٻکيون ويٺو آھي، پر بذات خود سڌارٿ ان ڳالھ جو انڪاري ھو ۽ ھو ڪڏھن به ڪنھن به حالت ۾ عقيدت پسند نه ھو، ھو ھڪ حقيقت پسند فلسفي ھو، سڌارٿ پنھنجي فلسفي ۾ عقيدت ۽ حقيت کي پڌرو ڪندي اھو به واضح ڪيو ته ڀروسو آخر ڪيئن ڪنھن تي ڪجي؟ سڌارت جو ڀروسي جي باري ۾ به ڏاڍو دلچسپ ۽ منفرد خيال ھو ته ڪنھن به ڳالھ تي ان ڪري به (ڀروسو) نه ڪيو ته اها توھان ڪٿان ٻڌي آھي، وري ڪنھن به لوڪ روايت تي رڳو ان ڪري ڀرسو نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته اھا ڪيترين ئي پيڙھين کان ٻڌبي پئي اچي! ڪنھن به شيءِ تي رڳو ان ڪري به ڀروسو نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان کي توھان جا وڏا ڪامل پير ٺيڪ ٿا چون! وري ڪنھن به شيءِ تي رڳو ان ڪري ڀروسو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اھا توھان جي ڌرمي ڪتابن ۾ لکيل آھي!
سڌارٿ غير تجرباتي رجعت پسند ڳالھين تي عقيدت ڪرڻ بجاءِ سائنسي طور علم عقل استعمال ڪرڻ جي حمايت ڪندي چوي ٿو ته ٻڌل ڳالھين جي ڪڍ لڳڻ بجاءِ مشاھدي ۽ ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ توھان خود جڏھن ڀروسي ھوش عقل سان اھا ڳالھ سمجھو ته ھيءَ حقيقت آھي ۽ ماڻھو ۽ سماج لاءِ فائديمند آھي ته پوءِ ان کي قبول ڪيو.