دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿين ٿا، جيڪي خاموشي سان سماج جي اونداهين ڪنڊن ۾ روشنيءَ جا ڏيئا ٻاريندا رهن ٿا. انهن جو هٿيار تلوار نه، پر قلم هوندو آهي؛ انهن جي جنگ رتو ڇاڻ نه پر فڪر جي باهه سان وهندڙ وهڪرن جي جنگ هوندي آهي. اهڙن ئي بي خوف ۽ بيباڪ مجاهدن مان هڪ نالو آهي صالح ميمڻ، جنهن قلم کي ڪڏهن شوق جي لاءِ نه، بلڪه مظلومن جي داد لاءِ، سچ جي سڏ لاءِ ۽ سماجي برائين جي ڀڃ ڊاهه لاءِ هٿ ۾ کنيو. ماتلي جهڙي ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ صالح ميمڻ پنهنجي زندگيءَ کي قلم جي جهاد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هو نه بدمعاشيءَ جي بازار جو ڀاڳي آهي، نه بليڪ ميلنگ جي رستن جو مسافر، نه ئي طاقت جي چمڪ سان مرعوب ٿيڻ وارو ڪو ڪمزور ماڻهو آهي. هن جي طاقت صرف هڪ ئي شيءِ آهي: سچ لکڻ جي همت.
هو سدائين سماج جي بي آواز طبقي لاءِ آواز بڻيو، جن جي زبان تي تالا هئا، جن جي درد کي ڪنهن به نه ٻڌو، انهن لاءِ صالح جو قلم ئي ٻولي بڻجي ويندو آهي، ان قلم ۾ اهڙي جرئت آهي، جو ظالم جي ڪنگرن ۾ زلزلو آڻيندي دير نه ڪندو آهي. سچ لکڻ جي انهيءَ کي عادت ئي سندس زندگيءَ کي مشڪل بڻايو. کيس ڪيترائي ڀيرا حملن جو نشانو بڻايو ويو، پر هو هر ڀيري زخمن جي بدلي لکڻين جي لهرن سان موٽ ڏيندو رهيو آهي. صالح ميمڻ جي لکڻ جو انداز ايترو ته بي خوف ۽ بي داغ آهي، جو پڙهندڙ جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيندو آهي. نه هو ڪنهن جا چاپلوس آهن، نه ڪنهن جي دهشت کان ڏڪندڙ. سندس تحريرن مان سچائيءَ جي خوشبو اچي ٿي ۽ فڪري جرئت جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون. سوشل ميڊيا هجي يا پرنٽ، هو سدائين پنهنجي فڪر سان نمايان رهيو آهي. وڏا ادارا سندس لفظن کي وقار ۽ اهميت سان شايع ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته صالح جو قلم رڳو خبر نه، پر هڪ تحريڪ آهي، پر صالح ميمڻ رڳو ليکڪ ناهي، هو وڪالت جي دنيا جو به هڪ اهم ڪردار آهي. قانون جي منڊيءَ ۾ به هو اصولن جي واٽ تي هلندڙ ماڻهو آهي، جتي اڪثر ماڻهو ڌن، طاقت ۽ دٻاءُ جي اگهه تي وڪجي وڃن ٿا، اتي صالح پنهنجي ضمير کي وڪڻڻ کان انڪار ڪيو. سندس وڪالت، رڳو ڪيسن جي فتح نه، پر سچ جي سر بلندي آهي ۽ پوءِ سندس شخصي روپ… جنهن سان به نڀائي، اوچتو وقت اچڻ تي ائين بااخلاق جنگ جوٽي ٿو، جو ماڻهو حيران رهجي وڃي. هن جي شخصيت ۾ اها ضد ۽ صبر ٻئي گڏ آهن. هڪ طرف هو بخشش جي دعا ڏيندڙ، ته ٻئي طرف موقعو ملڻ تي انصاف جو پورائو ڪندڙ. هو ڪنهن سان ويڙهاند لاءِ ناهي، پر جيڪڏهن ويڙهه ڪري ٿو ته ان ۾ به اصولي جرئت شامل هوندي آهي. صالح ميمڻ رڳو ليکڪ ناهي، هو هڪ هلندڙ فڪر آهي، هڪ علمي مشعل آهي، جيڪو پنهنجن لفظن سان اونداهين جي اندرين ڀتين تي چمڪ ڏيندو رهي ٿو. هو انهن چند ماڻهن مان آهي، جيڪي بظاهر اڪيلا لڳن ٿا، پر اصل ۾ انهن جي پويان فڪر، ڏک ۽ درد جي صدين جي تاريخ بيٺل هوندي آهي. سچ ته اهو آهي، صالح ميمڻ قلم جي ان فوج جو سپاهي آهي، جنهن جي هٿيارن مان رت نه، پر اميد، آگاهي ۽ انقلاب جا پيغام وهندا آهن. جيئن ته وقت جو وهڪرو بي رحم آهي، پر ڪجهه ماڻهو وقت سان وڙهي امر ٿي پوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو لفظن جي طاقت سان وقت کي للڪارين ٿا. صالح ميمڻ به اهڙو ئي سچو سالار آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ کي لفظن جي ويرانيءَ ۾ سچائيءَ جا گل پوکي جيئڻ سکيو. هو هڪ اهڙو شخص آهي، جيڪو نه فقط قلم سان وفادار رهيو آهي، پر ان قلم کي ڪڏهن به جھڪڻ نه ڏنو.
سندس تحريرون ڪنهن اخبار جي ڪنڊ ۾ لڪل ڪا مختصر خبر نه هونديون آهن، بلڪه اهي مظلوم جي دل جي ڳالهه، بي آواز جي صدا ۽ خاموش معاشري جي انڌاريءَ ۾ روشن ديوي وانگر هونديون آهن. هن جنهن موضوع تي لکيو، تنهن کي صرف لفظن سان نه، پر احساس، ڏک ۽ تجربي سان پيش ڪيو. ڪرپشن هجي، قبائلي جهيڙا، سياسي بيدرديون، طبقاتي ويڇا يا تعليم جي تباهي، ڪوبه موضوع سندس قلم کان اوجهل نه رهيو آهي. هو جتي خاموشي هئي، اتي آواز بڻيو؛ جتي ظلم هجي، اتي صدا بڻجي گونجي ٿو.
صالح ميمڻ جو ڪتاب، جيڪو معاشري جي ناسور موضوعن تي مشتمل آهي، محض لفظن جو مجموعو ناهي، بلڪه فڪر، مشاهدي ۽ تجربي جو هڪ تاثر خيز اظهار آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ نه فقط مسئلا بيان ڪيا، بلڪه انهن مسئلن جي جڙ کي به وائکو ڪيو. پڙهندڙ جڏهن انهن صفحن مان گذري ٿو ته لڳي ٿو ڄڻ سندس پنهنجي زندگي جو عڪس انهن لفظن ۾ سمايل آهي. اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪوبه شخص بي پرواهه نه رهي ٿو. اهو ڪتاب ماڻهن جي ذهني بيداريءَ لاءِ مشعلِ راهه بڻجي چڪو آهي.
سندس انداز لفظن ۾ جنگ، تحريرن ۾ تحريڪ:
صالح جو انداز نه ته مرڪيل آهي، نه رڳو بياني. هو جتي ڳالهه ڪري ٿو، اتي روح به ڇهي ٿو. سندس تحريرن ۾ هڪ درد آهي، جيڪو پڙهندڙن جي دل ۾ گهر ڪري وڃي ٿو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو لفظن سان ظلم کي چيري ۽ حقيقت کي وائکو ڪري. سندس هر تحرير هڪ احتجاج آهي، هڪ نعرو آهي، هڪ للڪار آهي. صالح ميمڻ جي تحريرن کي هميشه ادب جي سنجيده حلقن ۾ اهميت سان ڏٺو ويو آهي. سنڌ جي نامور اخبارن ۽ رسالن سندس لکڻين کي بنيادي حيثيت ڏني آهي. هو رڳو فڪري ليکڪ ناهي، پر هڪ سماجي ذميواريءَ جو احساس رکندڙ شعور جي نمائندگي ڪندڙ فرد آهي. ڪيترن ئي ليکڪن، صحافين ۽ قلم ڌڻين لاءِ هو الهام بڻجي چڪو آهي. وڪالت صالح ميمڻ لاءِ صرف روزگار نه آهي، بلڪه اها سندس ٻيو محاذ آهي. عدالت ۾ سندس موقف به ايترو ئي بي داغ ۽ بيباڪ هوندو آهي، جيترو سندس قلم. هو پنهنجي ڪلائينٽس کي رڳو وڪيل نه، بلڪه ساٿ ڏيندڙ، سچ لاءِ وڙهندڙ ساٿي بڻجي مدد ڪري ٿو، جتي ٻيا خاموش ٿين، اتي صالح دليل پيش ڪري ظلم کي للڪاري ٿو.
سندس انساني روپ، ضد ۽ شفقت جو سنگم:
جيئن ته هو بيباڪ آهي، تيئن ئي پنهنجي ذات ۾ جذباتي به آهي. ڪنهن سان به تعلق هجي، جيڪڏهن ٽٽي پيو ته ڀلي صدين جي دوستي هجي، هو نٿو وکري. سندس اصولن سان ڪو به سمجھوتو ناهي، پر ساڳئي وقت، جيڪڏهن دل صاف ڪري اچي ته هو دل جي دروازي تي پير رکڻ کان روڪيندو به ناهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ صالح جي شخصيت جو ٻيو نالو ئي “تضاد جي خوبصورتي” آهي.
صالح ميمڻ وقت جي ويرانين ۾ سچ جو آواز آهي:
اڄ جڏهن دنيا مفادن جي سودي بازيءَ ۾ وڪوڙي ويئي آهي، تڏهن صالح ميمڻ جهڙا ماڻهو اميد جي صورت آهن. هو ڪنهن تنظيم، پارٽي، يا فرد جو ترجمان ناهي، بلڪه ضمير جو ترجمان آهي. سندس قلم رڳو اڄ لاءِ نه، پر ايندڙ نسلن لاءِ هڪ رستو، هڪ فڪر، هڪ مثال آهي.