سنڌ ۾ مھينن کان ھلندڙ پُرامن توڙي پُراثر تحريڪن سنڌ جي سالن کان سُڪوت ۾ پيل ماحول ۾ اھڙو ته تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو جو اھي تحريڪون ڪنھن جاني يا مالي نقصان جو ڪارڻ بڻجڻ سواءِ ئي ڪامياب ٿينديون نظر اچي رھيون ھيون. سنڌ جي ھر پوڙھي، جوان ۽ ٻار جي زبان تي ھڪ ئي نعرو ٻڌڻ وٽان پئي مليو؛ ڪينال سمورا نامنظور! سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور! آخرڪار حڪومت کي عوامي شعور آڏو مجبور ٿي، پنھنجي فيصلي تي ٻيھر نظر ثاني ڪرڻي پئي ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو ته ڪينالن جي تعمير واري حڪم کي سي سي آءِ ۾ سڀني صوبن جي رضامنديءَ کانپوءِ ملتوي يا منظور ڪيو ويندو. حقيقت ۾ ٿيڻ ته ايئن گھربو ھو ته ڪينالن واري منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي ھا ته جيئن عوام ۾ موجود بي چيني ختم ٿي وڃي ھا، پر ان جي ابتڙ ان قسم جي فيصلي عوام کي ويتر خدشن جو شڪار بڻائي ڇڏيو.
ھن وقت تائين عوام جيڪا اڳ ھڪ زبان ٿي پنھنجا حق گھرڻ ۽ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي رھي ھئي، ٻن گروھن ۾ ورھائجي وئي. ھڪ اُھي جيڪي حڪومت جي فيصلي تي راضي ٿي چڪا ھئا، ٻيا اُھي جيڪي سي سي آءِ جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي ڪينالن کي مڪمل رد ڪرائڻ بنا پويان ھٽڻ لاءِ راضي نه ھئا. حقيقت به اھا ئي ھئي ته سي سي آءِ جي ان فيصلي ۾ گرين پاڪستان منصوبي جي تحت سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ بابت ڪابه وضاحت نه ڏني وئي، جيڪا ڳالهھ سي سي آءِ جي فيصلي جي مقصد کي عارضي طور تي ماڻھن جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڪيل منصوبو ثابت ڪري رھي ھئي. اھا ڳالھه پڻ حيرت ۾ وجھندڙ ھئي ته جيڪي ماڻھو ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ھئا انھن خلاف ھڪ ٻئي پويان ڪو نه ڪو سبب ڄاڻائي ڪارروايون ٿيڻ لڳيون. ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھر ٻئي ڏينھن سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ ۽ حراست ۾ وٺڻ جون خبرون ملڻ شروع ٿي ويون. 8 مئي تي زين شاهه پاران اھو خدشو ظاھر ڪيو ويو ته ڪينالن جو ڪم ڳجھي نموني جاري آھي. ان ڳالھه جو ثبوت اھو به هو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت زمينون سنڌ کي واپس نه ڪيون ويون ھيون. اگر ڪئنال رد ٿي چڪا ھئا ته پوءِ زمينون سنڌ کي واپس نه ڪرڻ جو آخر ڇا جواز ھو؟
انھن سڀني خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪئنالن واري منصوبي ۽ سنڌ جي زمينن کي وفاق حوالي ڪرڻ وارن فيصلن خلاف ٻيھر احتجاج ٿيڻ لڳا، جن جي نتيجي ۾ مورو ۾ پُرامن احتجاج دوُران ضياءُ لنجار جي نجي ماڻھن پاران فائرنگ دوران ٻن قومي ڪارڪنن زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري کي گوليون لڳڻ وارو واقعو پيش آيو. احتجاج دوران پوليس پڻ فائرنگ ڪئي جنھن ڪري علائقي ۾ خوف حراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو. ڪجھه ماڻھن ضياءُ لنجار جي گھر کي باھ لڳائي، پر ھن وقت تائين اھو ثابت ناھي ٿي سگھيو ته اھا باھ ڪارڪنن پاران لڳائي وئي يا ان جي پويان ڪي ٻيا شرپسند عنصر شامل ھئا. زاھد لغاري گولين جا گھاءُ نه سھندي موقعي تي ئي زندگيءَ کي الوداع چئي ويو. جڏهن ته عرفان لغاريءَ کي حيدرآباد سول اسپتال جي آئي. سي. يو ۾ منتقل ڪيو ويو جنھن پڻ ٻن ڏينھن کانپوءِ دم ڏئي ڇڏيو. انساني حقن جي پائماليءَ جو منظر ان وقت ڏسڻ وٽان ھو جڏھن پوليس ھٿيارن سميت اسپتال ۾ داخل ٿي پوسٽ مارٽم ٿيل عرفان لغاريءَ جي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. لاش کي حراست ۾ وٺڻ جو اختيار آخر ڪھڙيءَ ريت ملي سگھي ٿو؟ سندس وارثن کي بنا ڪو جواز ڄاڻائي لاش کي گُم ڪرڻ وارو عمل نه صرف غير قانوني، پر انسانيت کي شرمنده ڪرڻ وارو رويو آھي، جنھن لاءِ ڪوبه جواز پيش نٿو ڪري سگھجي. ان قسم جا ظالماڻه واقعا بااختيار ادارن پاران طاقت ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو زنده مثال آھن، جيڪي عام ماڻھن ۽ حڪومت جي وچ ۾ مسئلن کي جنم ڏين ٿا، پر سنڌ جي شعور يافته عوام ھن پُرامن تحريڪ کي پُرتشدد بڻائيندڙ محرڪن جي سازش کي ناڪام بڻائي پرامن جدوجھد کي نئين سر جاري رکندي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ھر حال ۾ پُراميد توڙي پُرامن رھندي آئي آھي.