پاڪستاني رپئي جو قدر ڊالر جي قدر جي ڀيٽ ۾ مستحڪم آهي. انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 10 پئسن جي واڌ ٿي آهي. پاڪستاني رپئي جو ڊالر جي ڀيٽ ۾ مستحڪم هجڻ اسان جي اقتصادي ۽ مالياتي گهرج آهي. اسانجي ملڪ جو بين الاقوامي واپار ڊالر جي معرفت ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسانجو رپيو طاقتور هوندو ته اسان وٽ انهيءَ حساب سان وڌيڪ ڊالر هوندا.
ڪافي وقت کان وٺي ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت مستحڪم آهي. مالي سال 23-2022 ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جون قيمتون چوٽ چڙهي رهيون هيون ۽ اسان جا سيڙپڪار ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ اچرج ۾ هئا. تڏهن وفاقي حڪومت ۽ ان جي وزارت خزانه ڪوشش ڪئي ته رپئي جي قيمت ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه ٿئي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان به انهيءَ سلسلي ۾ تعاون ڪيو آهي. رپئي جي قيمت مالي سال 24-2023 کان وٺي اڄ تائين بهتر رهي آهي. ڊالر جي بينڪن جي ذريعي فراهمي به آسان آهي ۽ سرمايو ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، انهيءَ جي باوجود ڊالر ۽ رپئي جي قيمت ۾ ڪو وڏو فرق ڪونه آيو آهي. پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به ناهي وڌيو. جنوري 2024 ۽ جنوري 2025 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ڊيفيسٽ ساڳيو آهي. انهيءَ سڀ جي باوجود پاڪستاني رپيو پنهنجي قيمت ۾ وڌي رهيو آهي. ڊالر جيئن ته عالمي ڪرنسي آهي ۽ دنيا جي ڪرنسين جي مقابلي ۾ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيو آهي. انهيءَ جي باوجود پاڪستاني رپيو پنهنجي قيمت برقرار رکي آهي، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ۽ انهيءَ جي قيمت ۾ اضافو به ٿي رهيو آهي.
ملڪ جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ڪنٽرول ۾ رهڻ جي ڪري به رپيو مستحڪم ٿيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ برآمد جي مقابلي ۾ درآمد وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ انهيءَ عمل ۾ ڊالر جو استعمال ٿئي ٿو. اسانجي ڪرنسي جي قيمت ۽ مالياتي ڪاروبار ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پورهيت پاڪستانين جي پاران موڪليل رقمن جو به اهم ڪردار آهي. ڇاڪاڻ جو اهي رقمون ڊالر جي صورت ۾ ملڪ ۾ اچن ٿيون، تڏهن اسانجي خزاني ۾ ڊالر جي موجودگي به رپئي جي قيمت واري شرح کي بهتر بڻائي ٿي. بين الاقوامي مالياتي ادارن ۽ پاڪستانين جي موڪليل ڊالرن جي ڪري ملڪ جي اندر قيمتون به مستحڪم نظر آيون ۽ مهانگائي به گهٽ ٿي. انهيءَ جي ڪري به رپيو گهڻي حد تائين مضبوط نظر آيو. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته حڪومت ڊالر جي قيمت کي قابو ۾ رکڻ لاءِ انتظام ڪيا آهن.
پاڪستان جي خزاني واري وزارت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ملڪ جي ڪرنسي جي صورتحال کي ڏسندي انتظامي قدم کنيا آهن. انهيءَ سبب به رپيو مستحڪم ٿيو آهي. جڏهن ڊالر جي قيمت هٿن مان نڪري رهي هئي تڏهن حڪومت ڊالر جي اسمگلنگ، حوالا ۽ هنڊي جي ڪاروبار ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪارروايون ڪري غير ضروري درآمدات تي پابندي هڻي رپئي جي قدر کي ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿيڻ کان بچايو. انهن قدمن جي ڪري رپئي جي قيمت ڪافي وقت کان وٺي مستحڪم آهي ۽ انهيءَ استحڪام جو هڪ ٻيو به سبب آهي ته عالمي مالياتي ادارا خاص طور تي عالمي مالياتي فنڊ اسانجي ملڪ لاءِ مالياتي معاهدا ڪري انهن تي عمل ڪندا رهيا آهن. انهيءَ سبب اسان جي حڪومت ۽ خزاني ۾ ڊالر شامل ٿيندو رهي ٿو. عالمي مالياتي ادارن جن ۾ نامور ريٽنگ ايجنسي فچ به شامل آهي، پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان جي مالياتي پاليسي سازن رپئي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ توقع کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هاڻي لڳي ٿو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي گهڻو پويان رهجي وئي آهي. پاڪستاني رپيو مستحڪم رهندو، انهيءَ لاءِ اهو مثال ڏجي ته جڏهن رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ مستحڪم ٿي رهيو آهي تنهن ڏينهن برطانوي پائونڊ به 51 پئسا سستو ٿي ويو. پاڪستاني رپيو عالمي ڪرنسين جي مقابلي ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي بهتر مالياتي پاليسين جو واضح ثبوت آهي ۽ ملڪ جي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.