شاعري
مَزاحِمَتَ ڪَنداسِين….!
ساقي ابڙو
سِنڌُ جي سَڄَڻَ سان تَہ مُحَبَت ڪَنداسِين،
پَرَ ڌَرتِيءَ جي دُشمَن کان نَفِرَت ڪَنداسِين!
سِنڌِي قَومَ جو قومِي دُشمَن آ جيڪو،
اَسِين ڪِين تَنھِن سان مَفاهِمَت ڪَنداسِين!
اَگَر ڪي بِہ پَنھِنجَن مان غَدّارَ ٿيندا،
اُنھَن سان اُصُولَن بَغاوَت ڪَنداسِين!
اَسِين آهيُون باطِلَ جا ڪَٽّر مُخالِفَ،
مَگَر حَقَ جِي هَردَم حِمايَت ڪَنداسِين!
اَسان آمِرَن سان جُنبِي جابِرَن سان،
مَزاحِمَت ڪَئِي آ مَزاحِمَت ڪَنداسِين!
هِنَ ڌَرتِيءَ جي دَنگَن ۽ نَنگَن جِي “ساقِي”،
هوشُوءَ جِيان ئِي حِفاظَت ڪَنداسِين!
***
نظم
نواب علي راهو
آ ڪربلا ڪهاڻي.
روئي ٿي سنڌ ساڻي.
پنهنجي مفاد خاطر،
آ چال کيڏي شاطر،
ٽيڏي نظر رکي ٿي،
قانون جي اک ڪاڻي،
روئي ٿي سنڌ ساڻي.
آ ڪربلا ڪهاڻي.
بي ڏوهه قتل ٿي ويا،
ڳوڙها وهي ڪري پيا،
رت ۾ ٻڏي رهي آ،
لکي ماڙي جلباڻي.
روئي ٿي سنڌ ساڻي.
آ ڪربلا ڪهاڻي.
ڪنهن دانهن نه ورنائي،
ظالم وري ورجائي،
ديده دليري سان آ،
وحشت جي اڄ آکاڻي.
روئي ٿي سنڌ ساڻي.
آ ڪربلا ڪهاڻي.
***
نظم
تنهنجو نالو…
شاعر: رسول حمزا توف
سنڌيڪار: احمد شاڪر
”رُوم“ ۾ هُنن مون کي چيو:
پنهنجي زبان ۾
”مان توسان پيار ڪندو آهيان.“
چئو
مان رڳو تنهنجو نالو اُچاريو
۽ انهن سڀني جي سامهون دهرائيندو ويم
وري هنن چيو:
”تون پنهنجي مادري ٻولي جو سڀ کان پيارو لفظ چئو.“
۽ مان
رڳو تنهنجو نالو اُچاريو
۽ چُپ ٿي ويم
تون ”آواز“ ۾
”زندگي“ ۽ ”فنا“
ڪيئن ڳالهائيندو آهين؟
هُنن پُڇيو.
۽ مان
رڳو تنهنجو نالو اُچاريو
۽ انهن جي آمهون سامهون دهرائيندو رهيس
هو چوڻ لڳا:
”اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي
ته تنهنجي ٻولي ۾
هڪڙو ئي لفظ هجي،
ڇا تنهنجي زبان ايتري عجيب آهي؟“
مان هُنن سان بحث نه پيو ڪري سگهان
پر
مون وري به ”تنهنجو نالو اُچاريو“
۽ پنهنجي سڄي مادري ٻولي کي
تنهنجي نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
***
غزل
وسيم سومرو
ٿا ٻري ٻيهر اجهامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
ڪيستائين هيئن کامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
اچ ته نڪري آسمانن جي جهانن ڏي هلون ٿا
ڇو هتي پيا ٻئي اڏامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
هڪ پکيئڙي کي ڏسان ٿو راند کيڏي ٿو گذاري
هڪڙي وڻ جون چار لامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
ڪهڪشان مرڪي مٿان ڪا چمڪندي گذري وڃي ٿي
ٿا اسين وڙهندي وسامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
ٿا رسامن ۾ وڃايون ڇو؟ ڪڏهن سوچيو به آهي
پيار جون رنگين شامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
ٿي وسيم آواز جو ڀنڀٽ ڪڏهن ڀڙڪون نٿا ڇو؟
ٿا دفن ٿيون ۽ ويامون هڪڙي ٺاهيل دائري ۾
***
غزل
عبداالله آس هنڱورجو
هوا ڪيڏو وڻن کي لوڏيو،
ڪَچن آڀنوئن ڪڻن کي لوڏيو.
هلي ٿي قهر ڪڙڪي ٿو پوي،
ڌنارن جي ڌڻن کي لوڏيو.
سموري ٺوٺ ٿي وئي سُڪي،
ٻَچي ماءُ جي ڇاتين کي لوڏيو.
کولي وار پنهنجا واءُ ۾،
گهِٽي ۾ ھُن گهڻن کي لوڏيو.
ملِي منزل نڪو ئي ماڳ ڪو،
غريبي چند ڄڻن کي لوڏيو.
***
غــــــــــزل
ممتاز علي ٿرواسي
دل آ پرين مـــــونجهارن ۾ ڦاٿي
تنهنجــــــي ڊگهيرن وارن ۾ ڦاٿي
گس ڳوٺ جــــي آ بس روز ويندي
پر لاهــــــــــــيارڻ لابارن ۾ ڦاٿي
سامهون ثبوت هئا ســــــڌا سڀ
چـــــــنري به ديوي ٽارين ۾ ڦاٿي
آ رات اڻکٽ ســــــاريان نکٽ ٿو
اک چنڊ چـــــــــتائي تارن ۾ ڦاٿي
چاٻيون وجهي ٿي ڌاڳي ۾ ڌياڻي
ٿو ور وڙهــــــــــي ٻارن ۾ ڦاٿي
”ممتاز“ ڀي مرڪـــي منهن ڏنو هو
زندگي ڪٺن ڪـــــــردارن ۾ ڦاٿي
***