ادبخاص

سنڌي عوام جا اھم ۽ فوري مطالبا

اڄ مون سان منھنجي رھائش گاھ تي حيدر آباد ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو صاحب، تاج حيدر صاحب، عاجز ڌامرا صاحب ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورت حال بابت تفصيلي گفتگو ڪئي. مون نثار احمد کھڙو صاحب کي ٻڌايو ته سنڌ جي عوام ۾ افغانين جي آمد بابت، سرڪاري نوڪرين مان سنڌ جي ملازمن جي برخاستگي، پاڻي جي شديد کوٽ ۽ زمينن تي بلڊر مافياز ۽ طاقتور گروھن جي قبضن جي حوالي سان سخت پريشاني ۽ ڪاوڙ آھي ۽ قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي انھن ٻرندڙ مسئلن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪر ي چڪي آھي. مون پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر صاحب کي چيو ته گذريل ڪئي ڏھاڪن کان ھڪ رٿيل سازش ھيٺ سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي ھزارين سالن جي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿي پيو، سنڌ حڪومت فورن وفاق سان ڳالھائي افغان پناھ گيرن کي سنڌ ۾ وٺڻ کان واضع انڪار ڪري ۽ اڳواٽ آيل پناھ گيرن کي صوبي مان ٻاھر ڪڍي، پناھ گزينن جي اچڻ سان معاشي حالتون خراب ٿيڻ سان گڏ دھشتگردي ٻيھر شروع ٿيڻ جا امڪان به وڌي ويندا. مون کين چيو ته سنڌ جو وزير اعليٰ سنڌ جي سرحدي ضلعن سميت، سمورن ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي حڪم جاري ڪري ته سندن ضلعن ۾ ڪنھن به افغاني مھاجر کي اچڻ نه ڏنو وڃي ۽ آيلن کي گرفتار ڪري افغان بارڊر تي قائم ڪيمپن ۾ واپس موڪليو وڃي. مون کين چيو ته سنڌ اسيمبلي قانون سازي ڪري ته سنڌ ۾ ملڪيت فقط سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ رکندڙ ۽ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ وٺي سگھي.

مون نثار احمد کھڙي صاحب، تاج حيدر صاحب ۽ عاجز ڌامرا صاحب کي چيو ته وفاق مان تازو برطرف ڪيل سنڌ جي ھزارين ملازمن جي گھرن ۾ قھرام متل آھي، انھن ملازمن جي بحالي لاءِ پيپلز پارٽي فورن قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جا اجلاس طلب ڪري قراردادون آڻي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ذريعي ان معاملي تي لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سڳوري ۾ صوبائي حڪومت پاران درخواست داخل ڪئي وڃي ۽ جيڪي ادارا ٽرمينيشن ليٽر جاري پيا ڪن انھن کي روڪيو وڃي. مون نثار احمد کھڙي صاحب کي وڌيڪ چيو ته بحريه ۽ ٻين بلڊر مافياز پاران قبضو ڪيل زمينون سنڌي ڳوٺاڻن کي واپس ملڻ گھرجن، قبضو ڪندڙن ۽ ڳوٺن تي حملو ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪري انھن کي سزائون ملڻ گھرجن ۽ سنڌ اسيمبلي کي قانون سازي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪري انھن کي فوري قانون تحفظ فراھم ڪرڻ گھرجي. مون کين گذارش ڪئي ته سنڌ حڪومت روينيو کاتي ذريعي تحقيقات ڪرائي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين مين شاھراھن ۽ ھاءِ ويز تي ڪنھن ڪنھن جا قبضا آھن ۽ ڪھڙن غير قانوني پرڏيھين زمينون، پيٽرول پمپ، دڪان ۽ ھوٽلون ورتيون آھن ۽ اھي سڀ غير قانوني زمينون فورن صوبائي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتيون وڃن.

مون نثار احمد کھڙي صاحب، سينيٽر تاج حيدر صاحب ۽ سينيٽر عاجز ڌامرا صاحب کي چيو ته ڪوڙن ڊوميسائيلن ذريعي ۽ ھڪ سازش ذريعي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪرائي سنڌ جي ھزارين نوجوانن تي نوڪرين ۽ مستقبل جا دروازا بند ڪرايا ويا آھن، بلاول ڀٽو زرداري صاحب ۽ مراد علي شاھ صاحب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کولرائڻ لاءِ، ڪوڙا ڊوميسائل رد ڪرائڻ لاءِ، آدمشماري ۾ درستگي لاءِ، افغانين جي آبادڪاري ۽ بنگالين جي ملڪيتن جي نالي ۾ سنڌ جون ملڪيتون ڦٻائڻ جي ڪوششن خلاف بنيادي ۽ فوري اثرائتي ذميداري ادا ڪن. مون کين اھا به گذارش ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ريڪمينڊ ڪيل اميدوارن کي بنا دير جوائننگ آرڊر ملڻ کپن. مون وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اقليتن ۽ عورتن سان متڀيد، زيادتيون ۽ حراسمينٽ وڌي وئي آھي، ان کي روڪڻ لاءِ فوري اپائن جي ضرورت آھي. مون نثار احمد کھڙي ۽ عاجز ڌامرا کي اھو به چيو ته جنھن کي وڻي ٿو سو سنڌ ورھائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ان سنڌ دشمني کي روڪڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪري ان ڪُڌي عمل کي ڪاگنيزيبل آفينس قرار ڏئي. مون نثار احمد کھڙي صاحب کي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مسلسل ھٿرادو کوٽ ڪري لکين ايڪڙ زمينون بنجر ۽ ڪلراٺيون ٿي ويون آھن ۽ لکين آبادگار ۽ ھاري ڪنگال ۽ قرضي بڻجي چڪا آھن. چشمه ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال مسلسل وھن پيا. سنڌ حڪومت ارسا ۽ وفاق آڏو نه صرف لکت ۾ سخت موقف رکي ۽ فورن سي سي آءِ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس ريڪئيزٽ ڪري انھن ۾ پاڻي تي ڌاڙي جو معاملو کڻي، بلڪه سنڌ ۾ وڏن زميندارن ۽ چونڊيل نمائندن پاران اريگيشن ۽ سيڊا جي ملي ڀڳت سان پاڻي جي چوري به فوري طور روڪرائي وڃي ۽ پاڻي چورائيندڙ وڏن ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن.. ان سلسلي ۾ جي مسئلو حل نه ٿئي ته سنڌ حڪومت جا وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽرز اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ۽ ارسا آڏو سنڌ جي ان زندگي ۽ موت جي مسئلي خاطر ڌرڻو ھڻي اثرائتو احتجاج ڪن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪن. ان موقعي تي صغير قريشي، ڊاڪٽر تحسين ميمڻ، فرحان لاڙڪ، پروفيسر الله بچايو انڙ، شوڪت سريوال، رفيق ڪنراڻي به موجود ھئا.

اياز لطيف پليجو